آرٽيڪل

  • ضلعي سکر ۾ ٽي بي کان بچاءَلاءِ ورتل اپاءَ

    (تحرير غوث محمد پٺاڻ ) سکر شھر ھڪ پراڻو تاريخي شھر ؛ھي. ھن جو شمار سنڌ جي ٽئين نمبر وڏن شھرن ۾ ٿئي ٿو. ھن وقت سکر ضلعي جي ؛بادي تقريبن، ا ڪروڙ 72 لک 9 ھزار .71 تي مشتمل ؛ھي. جڏھن تھ ھي ضلعو 5 تعلقن ۽ 64 يوسين تي مشتمل ؛ھي. ھن جي ؛بادي تمام تيزي سان وڌي رھي ؛ھي. ھن ضلعي ۾ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپتالون موجود ؛ھن سکر ۾ ميڊيڪل ڪاليج ٺھڻ کان پوءِ خانگي اسپتالن ۾ سٺن ڊاڪٽرن جي بھ ڪمي پوري ٿي.جيڪي ماڻھون علاج خاطر پنھنجن مريضن کي ڪراچي ۽ حيدر؛باد موڪلڻ کي ترجيح ڏيندا ھئا. انھن پنھنجي پنھنجي حيثيت ؛ھر سکر جي سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپاتالن کي اھميت ڏيڻ شروع ڪئي.اڪثر ٻھراڙي ۽ شھري ؛بادي جي غريب ماڻھن جو لاڙو سرڪاري اسپتالن ڏانھن تمام گھڻو ؛ھي.سرڪاري اسپتالن ۾ رش سبب اسپتال انتظاميھ جي گھڻن ڪوششن وٺڻ جي باوجود مريضن جي سار سنڀار ۽ صفائي جي نظام بحال رکڻ ۾ گھڻيون مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون.سرڪاري طور تي گھڻين بيمارين جي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مفت علاج جون سھولتون فراھم ڪيون وڃن ٿيون.جن ۾اين جي اوز بھ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿيون.انھن مرضن ۾ ٽي بي پڻ شامل ؛ھي. ٽي بي ھڪ پکڙجندڙ…

    وڌيڪ پڙھو
  • ايوان صدر ۾ سويٽ ھوم جي معززين جي آجيان

    لکيڪ: موسيٰ رضا ڪنھن بھ رياست جي لاءِ ۽ عوام جي فلاح بھبود جي لاءِ ناڻي جي اھميت کان انڪار نھ ٿو ڪري سگھجي. انساني تاريخ ۾ جڏھن رياست ۽ حڪومت جو تصور آيو تھ ان وقت جي بادشاھھ يا امير سڀ کان پھريان جيڪو کاتو يا ادارو بڻايو اھو ان جو بيت المال ھو يا جديد لفظن ۾ ناڻي وارو کاتو ھو. ان جي قيام جو مقصد اھو ھو تھ ملڪي ضرورتن جي لاءِ جيڪي وسيلا درڪار آھن ان ناڻي سان پورا ڪيا وڃن. اھو ئي سبب آھي جو جڏھن پراڻي زماني ۾ملڪي ناڻو بادشاھھ جي اشاري تي ونڊيو ويندو ھو ۽ بادشاھھ کي اختيار ھوندو ھو تھ اھو جنھن کي چاھي لک دينار ڏئي ڇڏي يا ڪنھن کي منڊي لاھڻ جو حڪم ڏئي ڇڏي، اھو سڀ ڪجھھ بادشاھھ جي مرضي تي ٻڌل ھوندو ھو. جيئن جيئن انسان شعور جي بلندين تائين پھچڻ لڳو سندس سوجھھ بوجھھ ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ اھا ڳالھھ محسوس ڪئي تھ رياست صرف ھڪ شخص جي مرضي ۽ منشا سان نھ ٿي ھلائي سگھجي. ان ۾ ماڻھن جي صحت جا مسئلا ھوندا آھن، تعليم ضروري ھوندي آھي، ماڻھن جي آمدو رفت جي لاءِ رستن جي ضرروت ھوندي آھي، آبادين جي صفائي ۽ درياھن…

    وڌيڪ پڙھو
  • ڀٽو جو ڪيس

    ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا ذوالفقار علي ڀٽو کي قتل جي ڪيس ۾ ڏنل ڦاسي واري سزا کي بين الاقوامي سطح تي ھميشھ ھڪ عدالتي قتل سمجھو ويو، جڏھن تھ ان ڪيس کي ڪنھن بھ عدالتي نظير جي طور تي بھ قانون جي ڪتابن ۾ شامل نھ ڪيو ويو ۽ نھ ئي ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي کان پوءِ اھڙي ڪنھن ڪيس ۾ دنيا جي ڪنھن وڪيل پاڪستان جي عدالت جي فيصلي کي حوالي جي طور تي پنھنجي دليلن ۾ شامل ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو جھڙا ماڻھو قومن ۽ ملڪن جي تاريخ ۾ گھٽ پيدا ٿيندا آھن. ھو عالمِ اسلام کي ھڪ لَڙھي ۾ پوئڻ چاھي پيو ۽ ان جي لاءِ درڪار قوت، صلاحيت، عزم ۽ ڏاھپ بھ رکي پيو. ھو اولھھ قوتن جي اجارا دارين ۽ طاقت کان خائف نھ ھو پر اسلامي دنيا جي قوت کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري اُمت مسلمھ جي ترقي ۽ خوشحالي جو خواب ڏسندو ھو پيو، ذوالفقار علي ڀٽو شاھھ فيصل سان گڏجي اُمت مسلمھ جي اتحاد جي جنھن خواب کي ڏٺو ۽ ان جي تعبير جي لاءِ جيڪي عملي ڪوششون ڪيون اھي اسلام مخالف قوتن کي اک ۾ ڪنڊي وانگر چُڀجي رھيون ھيون، نيٺ اھا ئي ھوا لڳي جنھن جو خدشو…

    وڌيڪ پڙھو
  • قائد عوام، ھڪ انقلابي ليڊر

    ليکڪ: نذير ڍوڪي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪھاڻي ڪا روايتي لوڪ داستان نھ آھي، پر ھڪ اھڙي عظيم انسان جي تاريخ آھي جيڪو پنھنجي ملڪ جي غريب عوام سان چاھھ رکندو ھو جنھن ھن ڌرتي امڙ جي آزادي ۽ خودمختياري کي حقيقت جو روپ ڏنو ھو، جنھن ڌرتي جي واسين کي سوچڻ جي لاءِ شعور، ڳالھائڻ جي لاءِ زبان ۽ ڪنڌ کڻي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو. کيس خبر ھئي تھ ان عمل جي قيمت ڇا ھوندي؟ اڄ ڪلھھ جي زماني ۾ گھڻا ماڻھو ڀٽو جي آھل ڪري پاڻ ئي تصور ڪري وٺن ٿا تھ ھو ڀٽو آھن پر اُھي ان حقيقت کان بلڪل بي خبر آھن تھ ڀُٽي مقتل گاھھ جي رستي جي پھرين چونڊ ڪئي ۽ بعد ۾ سياست ۾ قدم رکيو. معروف ڏاھي جناب عباس اطھر جو چوڻ آھي تھ ڀٽو ھڪ آسماني راز آھي. صديون اڳ جي شاعر حضرت پير وارث شاھھ کي ڪنھن ٻڌايو تھ سنڌ جو ھڪ پٽ حڪمران ھوندو جيڪو ناانصافي جو شڪار ٿي قتل ٿي ويندو. قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي تمام وڏي نواب خاندان ۾ جنم ورتو. تقريبن ٻھ صديون اڳ سنڌو درياھھ جي پاسي نئون ديرو لاڙڪاڻي جي مقام تي مير خدابخش خان ڀُٽي ڳڙھي…

    وڌيڪ پڙھو
  • ھڪ عظيم عوامي اڳواڻ

    ليکڪ: فردوس عاشق اعواڻ (سڌ سماءَ واري وفاقي وزير) اھو تاريخ جو منحوس ترين ڏينھن ھو، ان ڏينھن ڪروڙين عوام کان سندن محبوب ۽ مخلص اڳواڻ کسيو ويو. مان اڄ تائين اھو ڏينھن ان جي لاءِ نھ وساري سگھي آھيان جو ان ڏينھن اسان جي گھر ۾ بھ ماتم متل ھو، منھنجي والد کي انتھائي گھرو صدمو پھتو ھو، ماڻھو دلاسو ڏيڻ اسان جي گھر اچي رھيا ھئا ۽ رنڀو رڙيون ڪري روئي رھيا ھئا، ڄڻ کانئن زبردستي ڪا ناياب شيءِ کسي وئي ھجي. ڪوبھ شڪ نھ آھي تھ قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو ھڪ بي مثال ۽ ناياب شخصيت ھئي، پاڻ ھن خطي جو واحد سياستدان ھو جنھن جو عوام سان ۽ عوام جو اُن سان درد جو رشتو ھو. ماڻھو سڀ نھ سھڻا، پکي سڀ نھ ھنج ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجھھ، اچي بوءِ بھار جي قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀڱو واقعي ھن سرزمين جي لاءِ بھار ۽ خلقِ خدا جي دعائن جو نتيجو ۽ خلقِ خدا جي دعائن جو ثمر ھو جيڪي مدتن کان ھڪ ھمدرد، غمخوار ۽ مسيحي جا منتظر ھئا. قدرت جو اھو ڪرشمو بھ عجيب آھي تھ بر صغير ))ھنڌ ۽ سنڌ(( جي تمام وڏي جاگيردار خاندان ۾ ھڪ اھڙي چشم وچراغ جنم…

    وڌيڪ پڙھو
  • ھڪ جئرتمند بھادر انسان جنھن پنھنجي ھمت سان سائوٿ ايشيا جي قسمت بدلائي ڇڏي

    تحرير : سھيل احمد جوکيو سنڌ ڌرتي جنھن پنھنجي ذرخيزي کانسواءِ انمول ھيرن جھڙا بھادر اٽل فيصلو ڪندڙ ۽ پنھنجي قوم لاءِ ان ٿڪ محنت ڪندڙ انسان پيدا ڪيا ؛ھن جن جي بي لوث خدمتن جي ڪري ان خطي جي ماڻھن کانسواءِ سموري دنيا جي انسان نيڪي جا گھڻ ڳائن ٿا ۽ سندن پنھنجي وطن ۽ دنيا جي انسانن لاءِ ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪن ٿا، تن انسانن مان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ سونھري الفاظن سان لکيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي مشھور سنڌي راجپوت مسلم خاندان ۾ ڄائو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽوجو والد سر شاھنواز ڀٽو تنھن وقت جي انڊين حڪومت جو مشھور سياستدان ھو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي جي ؛باڻي ڳوٺ گڙھي خدا بخش بٽو ۾ پيدا ٿيو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽوابتدائي تعليم ممبئي جي ڪيٿيڊرل اينڊ جان ڪينان اسڪول مان پڙھائي جوآغاز شروع ڪيو، پڙھائي دوران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو شاگرد جي حيثيت سان 3491۾ ليگز پاڪستان موومينٽ ۾ شامل ٿيو. جڏھن ت. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ؛ف ڪيليفورني. مان ھن پولٽيڪل سائنس ۾ ؛نرس جي ڊگري حاصل ڪئي . تعليم ئي دوران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو زندگي…

    وڌيڪ پڙھو
  • ڏکڻ ايشيا جي انقلابي شخصيت _ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو

    تحرير: ڪلثوم کوسو ڏکڻ ايشيا جي مشهور ۽ معروف سياسي حيثيت رکندڙ محترمه شهيد بينظير ڀٽو هڪ بين الاقوامي شخصيت سمجهي وڃي ٿي_ شهيد مهترمه بينظير ڀٽو جي شهادت هڪ دور جي موت طور تصور ڪيو وڃي ٿو _ پاڪستان کي اهڙي وقت ۾ جڏهن ملڪ آمريت جي ڇانو ۾ معاشرتي بدحالي، معاشي ۽ سياسي اونداهي ۾ ڍڪجي رهيو هو _ اهو سمجهيو پئي ويو ته محترمه جي وطن واپسي جي ڪري هاڻ ملڪ اونداهي مان نڪري ويندو پر ملڪ دشمن قوتن جي منصوبي تحت محترمه کي شهيد ڪيو ويو ۽ ملڪ کي ساڳئي اونداهي ۾ ڌڪيوويو _ محترمه جي شهادت جو جيڪو نتيجو ملڪ دشمن سوچي رهيا هئا _ اهو ٿيو ڪو نه پر هڪ انقلاب اچي ويو آميريت جون پاڙون ڪمزور ٿيڻ لڳيون ۽ عوام پيپيلزپارٽِي جي منشور کي سمجهندي عوامي پارٽي کي ووٽ ڏئي اقتداري ايوانن تائين آندو _ انقلاب ته اچڻو ئي هيو ڇاڪاڻ ته هڪ انقلابي شخصيت جي ختم ٿيڻ سان ناعاقبت انديش ماڻهن جي پنهنجي پاڙ لڏي وئي _ شهيد بي بي شروعات کان وٺي پنهنجي گهر ۾ سياسي ماحول ڏٺو _شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بيگم نصرت پڙهيل لکيل ذهانت سان ڀرپورماحول فراهم ڪيو پنهنجن ٻارن کي جنهن جي ڪري ڀٽو خاندان ملڪ…

    وڌيڪ پڙھو
  • سيڪيورٽي جي بھترين انتظامن تي ھڪ نظر

    ليکڪ: مرتضيٰ محسن دوست پاڙيسري ملڪ عوامي جمھوريا چين جي وزيراعظم وين جيابائو پاڪستان جي انتھائي ڪامياب دوري بعد خيريت سان وطن واپس پھچي چڪو آھي ۽ ھتي پاڪستان ۾ بھ محرم الحرام جو پھريون ڏھو خاص ڪري يوم عاشور خير خيريت سان گذري چڪو آھي جنھن تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪرڻ گھرجي تھ ايترن سالن کان پو= ھي پھريون محرالحرام جو ڏھو ھو جنھن ۾ ڪنھن قسم جو ڪوبھ ناخوشگوار واقعو پيش نھ آيو ۽ نھ ئي دوست پاڙيسري ملڪ چين جي وزيراعظم جي پاڪستان ۾ موجودگي جي دوران کيس ڪا بري خبر ٻڌڻ جي لاءِ ملي. چيني وزيراعظم جي پاڪستاني دوري ۽ يوم عاشور جي موقعي تي ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ڪڍيل ماتمي جلوسن تي جيتوڻيڪ حڪومت کي دھشتگردن طرفان حملن جون ڌمڪيون ملي چڪيون ھيون ۽ انھن موقعن تي دھشتگردي جي ڪابھ وارڌات يا ننڍو وڏو واقعو پيش اچي سگھيو پئي پر وفاقي گھرو وزير رحمان ملڪ ان سموري معاملي کي جنھن انداز ۾ چيلينج سمجھي اُڪلايو ان مان اھا ڳالھھ سچ ثابت ٿي وئي آھي تھ ھمت ڪري انسان تھ ڇا ڪجھھ نھ ٿو ٿي سگھي. عوامي جمھوريا چين جي وزيراعظم جنھن خوشگوار ماحول ۾ پاڪستان جو دورو ڪري ويو آھي اھا…

    وڌيڪ پڙھو
  • تصوير جا ٻئي پاسا

    تحرير : شهزاد شيخ دنيا جي وڏين قوتن اهو ڪڏهن پئي چاهيو ته 1947 ۾ دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيندڙ اسلامي ملڪ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست طور تي پنهنجن پيرن تي بيهي ۽ اسان جو پاڙيسڙي ملڪ ڀارت جنهن کي پاڪستان جو وجود ئي اکين ۾ ڪنڊي جيان ڄڀندو رهيو ۽ کيس شروع کان ئي اها اميد هئي ته پاڪستان آزادي کانپوءِ ڪجهه عرصي ۾ ئي ٽٽي ويندو يا ختم ٿي ويندو ۽ ڀارت جو اڻٽٽ انگ وري ڀارت سان ڳنڍجي ويندو ۽ ظاهري طور تي لڳي به ائين پيو ته صنعتن ۽ فيڪٽرين جي کوٽ ۽ مالي طور تي بدحال ملڪ جتي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون آباد آهن اهو شايد ڪجهه مهينا يا ته وري ڪجهه سال به نه هلي سگهندو پر ويچارن کي اها ڪهڙي خبر هئي ته هڪ منصوبو انهن جوڙيو ۽ ٻيو منصوبو منهنجي الله سائين جوڙيو ۽ باري تعاليٰ کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو ۽ 1956 تائين بغير آئين جي هلندڙ ملڪ جنهن ئي جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي قتل ڪرڻ کانپوءِ به اهو ملڪ هلندو رهيو – پرڏيهي طاقتن جي ڏڍ تي اقتدار جي ڪرسي تي قابض ٿيندڙ آمرن پنهجن ذاتي مفادن کي ترجيح ۽ عوامي مفادن کي نظرانداز ڪندي…

    وڌيڪ پڙھو
  • نگاھھ بلند سُخن دلنواز…..

    ليکڪ: محمود خالد چوڌري شدت پسندي يا انتھاپسندي ڪڏھن بھ ڪنھن معاشري، مذھب يا تھذيب ۾ پسنديدا نھ رھي آھي ۽ نھ ئي ڪنھن مھذب معاشري انتھاپسندي کي ڪڏھن سھڻو عمل قرار ڏنو آھي ڇوتھ شدت پسندي ھميشھ ڱڪرا* ڏانھن وٺي وڃي ٿي ۽ ڱڪرا* جو نتيجو وڏي تباھي ھوندو آھي جنھن سان معاشرا نِيست ۽ نابود ٿي وڃن ٿا ان جي لا= ترقي پذير يا ترقي يافتھ معاشرا شدت پسندي جي روين کي پلجڻ نھ ٿا ڏين پر حوصلا شڪني ڪن ٿا تھ جيئن معاشري ۾ تخريبڪاري جو عنصر پيدا نھ ٿي سگھي. موجودھ ملڪي ۽ عالمي حالتن ۽ صورتحال جو جيڪڏھن غور سان جائزو ورتو وڃي تھ گلوبل وارمنگ سان انساني ۽ معاشرتي روين ۾ بھ شدت وڌندي نظر اچي رھي آھي ۽ جيڪڏھن تنگ نظري کان پاسو ڪندي حقيقت پسندي کان ڪم وٺي اھو چيو وڃي تھ شدت پسندي ڪنھن ھڪ ملڪ يا معاشري جو مسئلو نھ آھي پر عالمي سطح تي شدت پسندي ۾ اضافو ٿي رھيو آھي تھ صحيح ھوندو، ان جي لاءِ ڪنھن ھڪ ملڪ، قوم يا معاشري تي شدت پسندي ۽ انتھاپسندي جو الزام لڳائڻ جي بدران عالمي سطح تي شدت پسندي جي خاتمي جي لا= موثر مھم ۽ قدم کڻڻ جي ضرورت…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button