سکر
-
جون- 2011 -24 جون
مالوند چوبائي مال کي برساتن کان پھريان ويڪسين ڪرائين: ميواتي
ڊائريڪٽر اينيمل هسبنڊري سنڌ ڊاڪٽر عبدالله ميواتي مالوندن ماڻهن کي مشورو ڏنو آهي ته هو متوقع امڪاني برسات دوران پنهنجي چوپائي مال کي مٿاهين جڳهن سان گڏ خشڪ شيڊن تي رکن ۽ غير صحتمند جڳهن کان پاسو ڪن ان سان گڏو گڏ هو پنهنجي جانورن کي وچڙندڙ بيمارين کان بچاءَ لاءِ ويجهي وٽرنري سينٽر يا ڊسپينسري تان ويڪسين ڪرائين. هن وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ برسات دوران جانورن ۾ قوت مدافعت گهٽجي وڃڻ جا امڪان هوندا آهن ڇو ته انهيءَ دوران وچڙندڙ بيماريون چوپائي مال تي اثر انداز ٿينديون آهن. هن وڌيڪ چيو ته چوپايو مال خاص ڪري وڏن جانورن مينهن ۾ گهو گهو يا گهٽيار جي بيماري جي پکڙجڻ جو انديشو هوندو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
24 جون
ايڊمنسٽريٽر سکر سارين جي پوک تي پابندي لڳائي ڇڏي
ايڊمنسٽريٽر ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ سکر انعام الله خان ڌاريجو قلم 144 سي آر پي سي تحت گڊو بئراج جي ليفٽ بينڪ تي سارين جي پوک ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي آهي. مذڪوره حڪم 26 جون 2011 تائين نافذ العمل رهندو. هن حڪم جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن جي خلاف سيڪشن 188 پي پي سي تحت قدم کنيو ويندو. واسطيدار ڊي ڊي اوز روينيو، مختيار ڪار روينيو روهڙي، پنوعاقل، صالح پٽ تعلقن کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو حڪم جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانون مطابق قدم کڻن.
وڌيڪ پڙھو -
21 جون
عورت تي تشدد وار ڪٽيا ويا، عورت احتجاج ڪندي
پٽڻي جي رھائشي ڪرمين ڀٽي وڏيري خلاف احتجاج ڪندي جنھن مٿس تشدد ڪيو ۽ وار ڪٽي ڇڏيا پر ڪير ٿو غيربن جون آھون ٻڌي.
وڌيڪ پڙھو -
19 جون
چيف انجنيئر سکر فلڊ ايمرجنسي آفيسرن جا نالا جاري ڪري ڇڏيا
چيف انجنيئر سکر بئراج رائيٽ بئنڪ ريجن لاڙڪاڻو محمد هارون ميمڻ سپرنٽنڊنگ انجنيئر ويسٽرن سنڌ سرڪل، لاڙڪاڻه عبدالرحمٰن نظاماڻيءَ کي رائيٽ بينڪ ريجن لاڙڪاڻو لاءِ سال 2011 دوران پنهنجي اصل ذميوارين سان گڏ فلڊ ايمرجنسي آفيسر مقرر ڪيو آهي. ساڳئي طرح ايگزيڪيوٽو انجنيئر وارهه ڊويزن لاڙڪاڻو طارق احمد ڪيهر کي پنهنجي اصل ذميوارين سان گڏ فلڊ ڊويزن ليزان آفيسر مقرر ڪيو آهي. فلڊ ايمرجنسي آفيسر عبدالرحمٰن نظاماڻي جا فون نمبرز 9410764-074، 910760-074، ۽ موبائل نمبر 8377171-0300 آهي. جڏهن ته فلڊ ليزان آفيسر طارق احمد ڪيهر جو فون نمبر 9410765-074، ۽ موبائل فون نمبر 3402990-0300 آهي.
وڌيڪ پڙھو -
9 جون
ڊي پي او اخبار ۾ ڇپيل خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي
ڊي پي او سکر اعتزاز احمد گورايا روزانه ڪاوش ۾ 06 جون 2011 تي شايع ٿيندڙ هڪ خبر جي هيڊ لائن جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سکر مان 08 ماڻهون اغوا ٿي ويا آهن واري خبر جي ترديد ڪئي آهي. ڊي پي او خبر جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته ڊينٽر شڪيل احمد ۽ پينٽر ظهيرالدين مغل جيڪي ٻيئي واري تڙ روڊ سکر جا رهندڙ آهن اهي حيدر آباد کان موٽندي راڻي پور ضلعي خيرپور مان اغوا ٿيا هئا جڏهن ته اشفاق عرف بابو ڪمانگر زاهد مغل ۽ ناصر مغل جيڪي ڪوئيٽا ويل هئا اهي ڪار سميت ڊيرا مراد جمالي، بلوچستان مان اغوا ٿيا هئا. جڏهن ته فيصل مغل جيڪو غريب آباد سکر جو رهندڙ آهي ۽ ميڊيسن ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو
وڌيڪ پڙھو -
8 جون
ايگزيڪيوٽو انجينئرن ۽ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجينئرس کي فلڊ ايمرجنسي دوران سال 2011 لاءِ پنهنجي اصل ذميدارين سان گڏفوڪل پرسن مقرر ڪيو
مينيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ ايريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) حيدر آباد مختلف ضلعن جي ايگزيڪيوٽو انجينئرن ۽ اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجينئرس کي فلڊ ايمرجنسي دوران گهوٽڪي فيڊر ڪينال ايريا واٽر بورڊ ۽ ليفٽ بينڪ ڪينال ايريا واٽر بورڊ (سيڊا) کي سال 2011 لاءِ پنهنجي اصل ذميدارين سان گڏفوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. تفصيل مطابق غلام مصطفيٰ ڪلوڙ ايگزيڪيوٽو انجينئر ميرپور ڊويزن (ايريگيشن) ايٽ ميرپور ماٿيلو آفيس فون نمبر 0723652186 رهائش نمبر 03022446924 کي گهوٽڪي ضلعي لاءِ عابد علي نائچ ايگزيڪيوٽو انجينئر گهوٽڪي ڊويزن (ايريگشن) ايٽ گهوٽڪي آفيس فون نمبر 0723684826 رهائش نمبر 03002582369 کي ضلعي گهوٽڪي ۽ ضلعي سکر لاءِ، خورشيد احمد کوکر، اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجينئر ميرپور بند سب ڊويزن ايٽ گهوٽڪي رهائش فون نمبر 03022446924
وڌيڪ پڙھو -
7 جون
پاڪستان ايئر فورس ۾ 108 نان جي ڊي ڪورس لاءِ انجينئرنگ ايجوڪيشن، ميڊيڪل لاءِ رجسٽريشن 07 جون کان 14 جون جاري رھندي
ڪمانڊنگ آفيسر پاڪستان ايئرفورس انفارميشن اينڊ سليڪشن سينٽر سکر اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ايئر فورس ۾ 108 نان جي ڊي ڪورس لاءِ انجينئرنگ ايجوڪيشن، ميڊيڪل،( جي ڊي ايم او، اسپشلسٽس) شعبن ۾ ايس پي ايس ايس سي آفيسر ۽ آئي ٽي لا جسٽڪس، اڪائونٽس ۽ ليگل شعبن ۾ ايس ايس سي آفيسرن لاءِ رجسٽريشن 07 جون کان 14 جون 2011 تائين مٿي ذڪر ڪيل سينٽر تي جاري آهي. پاڪستاني شهري ۽ گهربل تعليمي لياقت رکندڙ خواهش مند اميدر وارن کي مشوروڏنو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
7 جون
خبيب فائونڊيشن آف پاڪستان ۽ پاڪستان آرمي پنو عاقل ڇانوڻي طرفان قائم ڪيل واٽر فلٽر پلانٽ والس روڊ جو افتتاح محمد قرا ڪيو
: ترڪي جي اين جي او، خبيب فائونڊيشن آف پاڪستان ۽ پاڪستان آرمي پنو عاقل ڇانوڻي طرفان قائم ڪيل واٽر فلٽر پلانٽ والس روڊ جو افتتاح ترڪي جي وفد جي سربراهه محمد قرا ڪيو. هن پلانٽ تي به لک ڊالر لاڳت آئي آهي هي پلانٽ 25 هزار ميٽر في ڪلاڪ پاڻي سپلائي ڪندو. ترقي جي 8 ميمبرن جي سربراهه محمد قرا انهي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ترقي جي عوام جي طرفان پاڪستاني ڀائرن لاءِ هي هڪ ننڌ تحفو آهي ۽ ترڪي جو عوام پاڪستان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي. هن چيو ته اسان هن ملڪ کي پنهنجو ملڪ سمجهندي پنهنجي ڀائرن جي خدمت ڪرن پنهنجو اخلاقي ۽ ديني فرض سمجهون ٿا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ترقي جي اين جي او 75 گهر پاڪستان ۾ ٺهرايا آهن
وڌيڪ پڙھو -
6 جون
بندر وال واسين پاران علائقو نه ڇڏڻ جو اعلان، رهواسي پاڻ هليا وڃن نه ته ڪارروائي ڪنداسين: وڏو وزير
سکر بندر وال جي رهواسين علائقو نه ڇڏڻ جو اعلان ڪندي ڀرپور مزاحمت جو فيصلو ڪيو آهي،جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جو چوڻ آهي ته هو علائقو خالي ڪرائڻ لاءِ انتظاماايڪشن کڻندي ۽ ڪجهه ماڻهن جي ڪري لکين ماڻهن جي زندگيون داءَ تي نه ٿا لڳائي سگهن،بندروال جي رهواسين کين لڏائڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.بندر وال جي رهواسين مرد ۽ عورتن احتجاجي مظاهرو ڪري حڪومتي فيصلي خلاف نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رهواسين چيو ته ڊي ڊي او روينيو پاران ڪيل سروي وارو ڪم بهتر آهي، پر امداد ڏيڻ وارو طريقڪار غلط آهي.هنن چيو ته اي ڪيٽيگري لاءِ پنجاهه ، بي لاءِ 25 ۽ سي لاءِ 5 لک رپيا ڏنا وڃن.اڳواڻن چيو ته جيستائين سندن مطالبا منظور نه ڪيا ويندا تيستائين هو پنهنجا گهر نه ڇڏيندا.ٻئي طرف وڏو وزير سيد قائم علي شاهه معاملي جي حل لاءِ سکر پڻ پهچي ويو آهي،ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هلندڙ سال به ٻوڏ جو پاڻي تمام گهڻو آهي، جيڪو سکر بئراج وٽان ئي گذرندو
وڌيڪ پڙھو -
4 جون
سکر ۾ ماحوليات جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان ھڪ واڪ جو اھتمام ڪيو ويو
: ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ماحول جي تحفظ جي اداري اي پي اي ريجنل آفيس سکر طرفان ڊائريڪٽر اي پي اي سنڌ وقار حسين ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ اپوا اسڪول سکر کان مڪي مسجد سکر تائين هڪ واڪ منعقد ڪئي ويئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ماحوليات سنڌ وقار حسين ڦلپوٽو خطاب ڪندي ماحول جي گدلاڻ کان بچڻ لاءِ ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ تي زور ڀريو هن ماحول جي گدلاڻ سبب خطرات کان پڻ آگاهي ڏني. هن واڪ ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. واڪ جي اختتام تي اپوا اسڪول سکر جي ٻارن ۽ ٻين واڪ ۾ شريڪ ماڻهن قاسم پارڪ جي صفائي مهم ۾ حصو ورتو. بعد ۾ اي پي اي ريجنل آفيس سکر ۽ اپوا اسڪول سکر جي تعاون سان هڪ سيمينار پڻ اپوا اسڪول ۾ منعقد ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو