سکر
-
جولائی- 2011 -14 جولائی
سکر پوليس پاران 2 1 سالن جي نينگر فياض جانوري سميت 4 ڄڻن کي مبينه طور ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ کان پوءِ وارثن جو احتجاج جاري
سکر پوليس پاران ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير جانوري ۾ 2 1 سالن جي نينگر فياض جانوري سميت 4 ڄڻن کي مبينه طور ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ کان پوءِ جانوري برادري جي عورتن ۽ مردن قرآن پاڪ کڻي انصاف لاءَ ڪالهه ٻئي ڏينهن به سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ٻاهران احتجاج ڪيو.جنهن دوران ٽريفڪ معطل ٿي وئي پوليس کين عدالت اندر وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مقتولن جون وارث عورتون ۽ مردن الزام لڳائيندي پوليس کي قتل جو ذميوار قرار ڏيندي سندن خلاف ايڪشن کڻڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا هنن چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته هو پوليس جي ان وحشياڻي ڪاروائي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪن.
وڌيڪ پڙھو -
13 جولائی
سکر پوليس پاران 2 1 سالن جي نينگر فياض جانوري سميت 3 ڄڻن کي ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ کان پوءِ ھڪ ٻئي جو لاش به مليو
سکر پوليس پاران 2 1 سالن جي نينگر فياض جانوري سميت 3 ڄڻن کي ڌاڙيل قرار ڏئي مارڻ کان پوءِ صبح جو واه مان هڪ وڌيڪ ڄڻي جي لاش ملڻ کانپوءِ مارجي ويلن جو انگ 4 ٿي ويو آهي ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير جانوري تي پوليس چڙهائي چڙهائي ڪري ،مقابلي ۾ 2 1 سالن جي نينگر فياض احمد جانوري،نوجوان عبدالسميع ۽ عبدالحميد حيدر جانوري کي ماريو هو جڏهن ته 4 ماريل جي سڃاڻپ خان محمد جانوري طور ٿي آهي گذريل رات جانوري برادري جي ماڻهن عورتن سان گڏ لاش کڻي اسٽيڊيم چوڪ ڌرڻو هڻي پوليس جي ظلم خلاف سخت نعري بازي ڪئي وارث عورتن قرآن پاڪ کڻي انصاف لاءَ ٻاڪاري رهيو هيوجن جو چوڻ هو ته سکر پوليس اسان جي گهرن تي بلاجواز چڙهائي ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ اسان جا ماڻهو مارجي ويا وارثن اڱاري ڏينهن ٻار جو لاش ۽ ٽن ٻين لاشن سميت هاءِ ڪورٽ بينچ سکر سامهون لاش رکي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مقتولن جون وارث عورتون ماتم ڪنديون رهيون ۽ پوليس کي قتل جو ذميوار قرار ڏنو. احتجاج تي هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سلمان احمد واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي سکر اعتزاز گورائيه کي فوري…
وڌيڪ پڙھو -
13 جولائی
ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري بجلي نه هئڻ ڪري رهواسي گرمي ۾ گذاري رهيا آهن
)روهڙي جي علائقن بيدل بيڪس ڪالوني ۽ ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري بجلي نه هئڻ ڪري رهواسي گرمي ۾ گذاري رهيا آهن. ۽ علائقا اونداهه ۾ ٻڏل آهن. سيپڪو انتظاميه ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ رشوت طلب ، علائقي واسين جو ايس ڊي او سيپڪو آفيس اڳيان سکر روهڙي روڊ تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون، ٽريڪ جام، سيپڪو عملو آفيس مان فرار، خبر موجب روهڙي جي علائقن بيدل بيڪس ڪالوني ۽ ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽ گرمي ۾ گذاري رهيا آهن. جڏهن ته سيپڪو انتظاميه پاران هر ڀيري ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ کان پوءِ رشوت وٺي ڪري ٽرانسفارمر لڳايو ويندو آهي. جيڪو ڪجهه ڏينهن هلڻ کان پوءِ سڙي ويندو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
13 جولائی
سنڌ جي شهرن ۾ ٻئين ڏينهن به سي اين جي اسٽيشنون بند هجڻ ڪري هزارين گاڏيون بند ٿي ويون
)سکر سميت اندرون سنڌ جي شهرن ۾ ٻئين ڏينهن به سي اين جي اسٽيشنون بند هجڻ ڪري هزارين گاڏيون بند ٿي ويون. گاڏين جي بند ٿيڻ سان مسافر سخت پريشان پيٽرول تي گاڏين ۾ رش ڪرائي ۾ واڌ گاڏين ۾ رش وڌي وڃڻ اوور لوڊ هجڻ ڪري مسافرن کي سفر دوران سخت مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. گاڏين جي کوٽ هجڻ ڪري اسٽاپن تي ماڻهن جا هجوم ، خبر موجب حڪومت پاران پيٽرول جي اگهن ۾ مسلسل واڌ کان پوءِ گاڏي مالڪن پاران پنهنجون گاڏيون پيٽرون تان ختم ڪرائي سي اين جي تي آڻي ڇڏيون آهن
وڌيڪ پڙھو -
11 جولائی
سکر ۾ پوليس جي ڪاروائي، ھڪ ڦور زخمي ٻه فرار
سکر(بيورورپورٽ)سکر جي علاقي واريٽر ۾ 3 هٿياربدن محمد يوسف شيخ جي گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي 4 تولا سونا زيور،0 5 هزار روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته پاڙي وارن ترت ئي پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن پهچي ڪاروائي ڪندي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦوري درمحمد مهر کيزخمي حالت ۾ گرفتار ڪري کائنس ٽي ٽي پسٽل برآمد ڪري جڏهن ته ٻه ڦورو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
11 جولائی
سکر ۾ پ پ پ طرفان ڪمشنري نظام جي بحالي حمايت ۾ ريلي
سکر(بيورو رپورٽ) پ پ پ سکر سٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد مغل جي اڳواڻي پپلز پارٽي جي ڪارڪنن سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي جي حمايت ۾سکر جي ڦوهاري چوڪ کان سعيد سرهندي روڊ تائين ريلي ڪڍي مٺايون ورهايون جن ۾ يوسير جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري نعرا هنيا.
وڌيڪ پڙھو -
11 جولائی
سکر لڳ ڳوٺ تي پوليس جي چڙهائي ،مقابلي ۾ 2 1 سالن جي نينگر سميت 3 ڄڻا مارجي ويا
سکر لڳ ڳوٺ علي شير جانوري تي پوليس جي چڙهائي ،مقابلي ۾ 2 1 سالن جي نيگر سميت 3 ڄڻا مارجي ويا هڪ به پوليس اهلڪار زخمي نه ٿيو، جانوري برادري ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر خبر موجب سکر جي ڪنڌرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي شير جانوري تي ڊي پي او سکر اعتزاز گورايا جي اڳواڻي ۾ صبح 4 وڳي پوليس ڪڙو چاڙهي ان وقت ڪاروائي ڪئي جڏهن ڳوٺاڻا ننڊ ستل هئا پوليس موجب مارجي ويلن سان مقابلو ٿيو جنهن ۾ 2 1 سالن جو نينگر فياض احمد جانوري،نوجوان عبدالسميع ۽ عبدالحميد حيدر جانوري شامل آهن سندن لاش ڪنڌرا سپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا
وڌيڪ پڙھو -
11 جولائی
سکر ۾ واپڊا عملدار بي تاج بادشاه بڻجي ويا
)سکر ۾ واپڊا عملدار بي تاج بادشاه بڻجي ويا آهن عوام ڏانهن مرضي سان واڌو يونٽ ۽ ڊڊڪشن وارا بل اماڻي کين پريشان ڪيو پيو وڃي غريب ۽ متاثر ماڻهو جڏهن واسطيدار سب ڊويزن جي آفيسن مان رانگ ريڊنگ جا ليٽر ٺهرائي روينيو آفيسر وٽ ويندا آهن ته کين هفتن جا هفتا چڪر لڳرائي کين اذيت جو شڪار بڻايو وڃي ٿو ٻئي پاسي رهواسين جي هڪ وفد غلام فريد جي اڳواڻي ۾ دانهيندي ٻڌايو ته سب ڊيزن 4 جابااثرلائين مڳن شهمير ۽ جبار لٽ مار جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن جن بابت عوام ٻڌايو ته سندن 8 ڀيرا ٽرانسفر ٿي آهي پر بااثر ماڻهو جو آشيرواد هجڻ ڪري انهن جون ٽرانسفر رڪجي وڃن ٿيون هو منٿليون وٺي خود پنهنجي کاتي کي لکين روپين جو نقصان پهچائي رهيا آهن .
وڌيڪ پڙھو -
5 جولائی
انعام الله خان ڌاريجوسکرجي ٽيڪس فري بجيٽ 2012-2011 پنهنجي آفيس جي ڪميٽي پيش ڪري ڇڏي
ايڊمسنٽريٽر / ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر، ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ سکر انعام الله خان ڌاريجو بچت واري ٽيڪس فري بجيٽ 2012-2011 پنهنجي آفيس جي ڪميٽي روم ۾ پيش ڪئي. تفصيل مطابق ضلعي جي ڪل بجيٽ 4759.495 ملين روپيه ڏيکاري ويئي. جڏهن ته متوقع خرچ 4757.665 ملين روپيه آهي ۽ ڪل بچت 1.82 ملين روپيه ڏيکاري ويئي. صوبائي حڪومت طرفان 2012-2011 لاءِ حصو سنگل لائين ٽرانسفر ( ايس ايل ٽي) لاءِ 4091.798 ملين روپيه آهي. جڏهن ته ( او زيڊ ٽي) حصو 57.218 ملين روپيه آهي. خرچ جي مد ۾ ضلعي حڪومت 2487.100 ملين روپيه سيلري جي ڪامپوننٽ ۾ جڏهن ته نان سيلري ڪامپوننٽ 394.139 ملين روپيه آهي. سالانه ترقياتي پروگرام ( اي ڊي پي ) لاءِ 1119.530 ملين روپيه رکيا ويا آهن. جنهن مان 519.530 ملين روپيه هلندڙ 416 اسڪيمن لاءِ رکيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح سان 400.00 ملين روپيه نين اسڪيمن لاءِ رکيا ويا آهن. ڳوٺن کي گئس جي فراهميءَ لاءِ 110.00 ملين روپيه ۽ ( سي سي بي ) اسڪيمن لاءِ 100 ملين روپيه رکيا ويا آهن. سرڪاري ملازمن جون پگهارون گورنمينٽ پاليسيءَ تحت وڌايون ويون آهن.
وڌيڪ پڙھو -
1 جولائی
سول سوسائٽي صفائي سٿرائي جي حوالي سان پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ سرگرميون شروع ڪري: فانسا
فريش واٽر ايڪشن نيٽ ورڪ سائوٿ ايشيا (فانسا) پاڪستان پاران سکر جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ڏکڻ ايشيا جي خطي ۾ صفائي ۽ سٿرائي جي چوٿين ڪانفرنس جي سلسلي ۾ فالواپ ورڪشاپ ٿي گذريو. ورڪشاپ ۾ علائقي جي مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان وسطو رکندڙ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته ورڪشاپ ۾ نيٽ ورڪ جي صوبائي فوڪل پرسن اختيار خاصخيلي ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيندڙن کي فريش واٽر ايڪشن نيٽ ورڪ سائوٿ ايشيا (فانسا) جو تعارف، جوڙ جڪ ۽ پاڪستان چيپٽر بابت تفصيلي ڄاڻ ۽ ڪارڪردگي بابت آگاهي ڏني. ان کانسواءِ ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ تازو سريلنڪا ۾ سائوٿ ايشيا خطي جي صفائي ۽ سٿرائي جي حوالي سان فانسا پاران منعقد ٿيل چوٿين ڪانفرنس کان پهريان سائوٿ ايشيا جي سول سوسائيٽي جي نمائندن جي ٿيل گڏجاڻي ۾ منظور ڪيل قراردادون ورهايون ويون
وڌيڪ پڙھو