روھڙيسکر

ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري بجلي نه هئڻ ڪري رهواسي گرمي ۾ گذاري رهيا آهن

power ss transformerسکر(بيورورپورٽ)روهڙي جي علائقن بيدل بيڪس ڪالوني ۽ ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري بجلي نه هئڻ ڪري رهواسي گرمي ۾ گذاري رهيا آهن. ۽ علائقا اونداهه ۾ ٻڏل آهن. سيپڪو انتظاميه ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ رشوت طلب ، علائقي واسين جو ايس ڊي او سيپڪو آفيس اڳيان سکر روهڙي روڊ تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهيون، ٽريڪ جام، سيپڪو عملو آفيس مان فرار، خبر موجب روهڙي جي علائقن بيدل بيڪس ڪالوني ۽ ڪوٽ مير يعقوب علي شاهه ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ ڪري علائقي واسي سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽ گرمي ۾ گذاري رهيا آهن. جڏهن ته سيپڪو انتظاميه پاران هر ڀيري ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ کان پوءِ رشوت وٺي ڪري ٽرانسفارمر لڳايو ويندو آهي. جيڪو ڪجهه ڏينهن هلڻ کان پوءِ سڙي ويندو آهي. ٻنهي علائقن ۾ بجلي نه هجڻ ڪري علائقي واسي مڇرجي ويا ۽ ايس ڊي او سيپڪو روهڙي جي آفيس اڳيان سکر روهڙي روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪري سيپڪو انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. روڊ جي ٻنهي طرفن کان ٽريفڪ بيهجي وئي. مظاهرو ڪندڙ ماڻهن چيو ته جڏهن کان نااهل ۽ راشي ايس ڊي او سيپڪو آيو آهي ته تڏهن ته رشوت جي بازار گرم ٿي وئي آهي ۽ بغير رشوت جي ڪو به ڪم نه ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته اسان جي علائقن ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان بجلي نه هجڻ ڪري سخت پريشان آهيون. مگر ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ رشوت طلب ڪئي پئي وڃي. ۽ رشوت نه ڏيڻ ڪري ٽن ڏينهن کان گرمي ۾ گذارو ڪري رهيا آهيون ۽ علائقا اونداهه ۾ ٻڏل آهن هنن چيو ته ڪرپٽ ۽ راشي ايس ڊي او کي فوري طور هٽائي ايماندار ماڻهو کي مقرر ڪيو وڃي. نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو بعد ۾ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button