سکر
-
جون- 2012 -5 جون
سکر: پي ڊبليو ڊي چيڪ جمح ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جون مقرر ڪئي ويئي
ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر سکر ارشد رحيم قريشي چيو آهي ته فينانس ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ اڪائونٽنٽ جنرل سنڌ جي آفيس جي تمام ڪائونٽرن، سنڌ صوبي جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسن ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف لوڪل فنڊ آڊٽ سنڌ لاءِ مالي سال 2012-2011 جي بلن، منظورين، ڪليمن ۽ سڀني قسمن جي چيڪن بشمول پي ڊبليو ڊي چيڪ جمح ڪرائڻ جي آخري تاريخ 15 جون 2012 مقرر ڪئي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
5 جون
سکر: سرسو پاران ھڪ ورڪشاپ منعقد ڪيو پيو وڃي
سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن سرسو پاران“ نوجوانن جو ڪردار سماجي تحرڪ ذريعي غربت کي گهٽائڻ” جي عنوان تي هڪ ورڪشاپ 6 جون تي صبح جو 10 وڳي هوٽل ريڊ ڪارپيٽ سکر ۾ منعقد ڪيو پيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
5 جون
سکر: ڪمشنر چوماسي جي مند جي حوالي گڏجاڻي ڪندو
ڪمشنر سکر ڊويزن مسٽر انعام الله خان ڌاريجو چوماسي جي مند دوران گهربل تياري جي سلسلي ۾ هڪ گڏجاڻي 07 جون تي صبح جو 10 وڳي واسطيدار آفيسرن سان ڪري رهيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
4 جون
بجيٽ لفظن جي ھير ڦير آھي، جمعيت علماءِ اسلام
جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري اطلاعات اسلم غوريءَ چيو آهي ته حڪومت جيڪو 5 بجيٽ پيش ڪيو آهي اهو الفاظن جي هير ڦير آهي. حڪومت عوام کي صرف تسلي ڏني آهي. اصل بجيٽ ته بجيٽ کان ڪجهه ڏينهن اڳ اچي چڪي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
4 جون
محترمه غنويٰ جي 50 هين سالگره بچل شاهه مياڻي ۾ ملھائي ويئي
پاڪستان پيپلز پارٽي(ش ڀ)ضلعي سکر پاران پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو)جي قائد شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي وني محترمه غنويٰ جي 50 هين سالگره بچل شاهه مياڻي ۾ جتوئي هائوس تي 50 پائونڊ جو ڪيڪ ڪاٽي ملهائيڻ سان گڏو گڏ قائد محترمه غنويٰ ڀٽو جي وڏي ڄمار لاءِ دعا گهري وئي
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2012 -31 مئی
اتر سنڌ جا ڪيترا ئي شهر گرميءَ جي شديد لپيٽ ۾ اچي ويا
سکر سميت اتر سنڌ جي ڪيترا ئي شهر گرميءَ جي شديد لپيٽ ۾ اچي ويا ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ گرمي پد 0 4 کان 7 4 تائين پهچي ويو. جنهن جي ڪري ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا. ۽ روڊ رستا ويران ٿيڻ لڳا، تيز گرمي پوڻ جي ڪري ڪاروباري زندگي مفلوج ٿي ويئي.
وڌيڪ پڙھو -
31 مئی
ڪنهن به مريض کان ڪنهن به قسم جي فيس نه ورتي وڃي، انعام الله خان ڌاريجو
ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ دل جي شعبي، گڙدن جي شعبي، ايمرنجسي وارڊ، چائلڊ ڪيئر سينٽر ۽ آپريشن ٿيٽر جو معائنو ڪيو ان موقعي تي هن ايم ايس کي سختي سان هدايت ڪئي ته ڪنهن بي مريض کان ڪنهن به قسم جي فيس نه ورتي وڃي
وڌيڪ پڙھو -
31 مئی
سنڌي ريڪروٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب سان پنوعاقل ۾ منعقد ڪئي
سنڌي ريڪروٽس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب شاندار نموني سان پنوعاقل ڇانوڻيءَ ۾ منعقد ڪئي ويئي. ان تقريب جو مهمان خاص 6 1 ڊويزن جو ڪمانڊو ميجر جنرل اصغر نواز هو. ان موقعي تي ڳالهيون ڪندي جي او سي پاران ڪامياب تربيت حاصل ڪندڙن ريڪروٽس کي مبارڪباد ڏني
وڌيڪ پڙھو -
28 مئی
غلام مصطفيٰ کر جي سبب مسلم ليگ فنڪشنل پنجاب ۾ وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ٿيندي، امتياز شيخ
امتياز شيخ چيو ته مسلم ليگ فنڪشنل ۾ غلام مصطفيٰ کر شموليت ڪري درست فيصلو ڪيو آهي ۽ غلام مصطفيٰ کر جي شموليت سبب مسلم ليگ فنڪشنل پنجاب ۾ وڌيڪ فعال ۽ مضبوط ٿيندي ۽ اسين کيس فنڪشنل ليگ ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا
وڌيڪ پڙھو -
28 مئی
سکر ۾ وفاقي محتسب اعليٰ کي فوري طور مقرر ڪيو وڃي
سول سوسائٽي سکر جي اڳواڻ ڊاڪٽر معين صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي اپيل ڪئي آهي ته 18 مهينن کان مقرر نه ڪيل وفاقي محتسب اعليٰ کي فوري طور مقرر ڪري عوامي بي چيني ختم ڪئي وڃي
وڌيڪ پڙھو