سکر
-
مارچ- 2013 -22 مارچ
سکر: نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا ساليانه امتحان 08 اپريل کان شروع ٿيندا
ثانوي ۽ اعلي ثانوي تعليمي بورڊ سکر جي ڪنٽرولر اعلان ڪيو اهي ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي ساليانه امتحان 08 اپريل کان 19 اپريل 2013 تائين وٺڻ جو شيڊيول جاري ڪيو آهي جنهن موجب گھوٽڪي، سکر ۽ نوشهروفيروز ضلعن جي سمورن اسڪولن ۾ ساليانه امتحان ورتا ويندا هن سلسلي ۾ سڀني امتحاني مرڪزن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي ۽ لاڳاپيل اسڪولن کي پڻ اطلاع ڏنو ويو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
19 مارچ
صدر آصف علي زرداري بينظير يونيورسٽي جو شاگرد آهي، حاجي امين لاکو
پ پ جي ضلعي صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي حاجي امين لاکو چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان کي ائٽم بم ڏنو شهيد محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائيل ڏنو ۽ صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ ايران سان تاريخي معاهدو ڪري گئس جي پائپ لائين ڏني جيڪي ملڪي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکيا ويندا
وڌيڪ پڙھو -
19 مارچ
سکر:ڪار پارڪ ڪرڻ تان وڪيل ۽ميڊيڪل ريپ وڙهي پيا
سکر ۾ ڪار پارڪ ڪرڻ تان وڪيل ۽ميڊيڪل ريپ وڙهي پيا، ٽي ڄڻا زخمي هڪ ڄڻو گرفتار ،خبر موجب ڪالهه سکر بئراج ڀرسان انٽرپاڪ هوٽل ۾ سکرغلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻين ڪاليجن پاران سمپوزيم جو پروگرام ٿيو جنهن ۾ شرڪت لاءِ هڪ وڪيل احمد يحيٰ ميمڻ جڏهن گاڏي پارڪ ڪئي ته گاڏي جو سائيڊ وارو شيشو ٻي گاڏي سان ٽڪرائجي ويو
وڌيڪ پڙھو -
18 مارچ
9 ڄڻا گرفتاري کان پوءِ گم، عدالت پوليس کي طلب ڪري ورتو
صالح پٽ پوليس پاران 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي 20 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، خبر موجب سکر جي تعلقي صالح پٽ جي 71 پل ٿرڙي واري علائقي جي رهواسي پينو فقير محمد حيات حاجاڻو وڪيل عبدالحڪيم سانگي وسيلي داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته صالح پٽ پوليس بغير ڪنهن جواز جي ان جي گهر تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد عبدالوحيد ، سعيد، غلام نبي سندس زال اُڀائي سندس 5 سالن جي پٽ دچرو، معصوم ڌيءَ ثمينه، راڻو، لال خاتون، سندس ڌيءَ فرزانه، فوزيا، کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي هينئر پوليس مون ۽ منهنجي ڀائرن کي اڳواڻي تعلقه ناظم روهڙي جي فارم هائوس تان ٽرانسفارمر چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ چاهي .
وڌيڪ پڙھو -
18 مارچ
پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ بري طرح شڪست ملندي، پيرصبغت الله شاهه راشدي
مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير صبغت الله شاهه راشدي پير پاڳاري چيو آهي ته پيپلز پارٽي کي ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ مان بري شڪست نصيب ٿيندي ۽ مسلم ليگ فنڪشنل پيپلز پارٽي کي تاريخي شڪست ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آه
وڌيڪ پڙھو -
16 مارچ
وفاقي حڪومت 16 مارچ رات 12 بجي تائين تحليل ڪئي ويندي، خورشيد شاهه
وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت 16 مارچ رات 12 بجي تائين تحليل ڪئي ويندي، جڏهن ته اسيمبلين جون الڳ الڳ تاريخون آهن، نگران وزير اعظم جو اعلان جلد ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو -
16 مارچ
حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پاڙيا، نعمان اسلام شيخ
سکر ريلوي جي پارلياماني سيڪريٽري پ پ ايم اين اي سکر نعمان اسلام شيخ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پاڙيا آهن، هاڻي عوام جو فرض آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪرائي ته جيئن عوام کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪري سگهجن
وڌيڪ پڙھو -
12 مارچسکر
مشهور راڳي غلام علي سنديلو لاڏاڻو ڪري ويو
سنڌ جو مشهور راڳي غلام علي سنديلو ڦڦڙن ۾ ڪينسر هجڻ بعد لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ 52 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، جنازي نماز ۾ سوين ماڻهن جي شرڪت، زندگي ۾ ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيا
وڌيڪ پڙھو -
12 مارچ
سکر: مڊل ڪلاسن جا پيپر اڳواٽ آئوٽ
سکر ۾ امتحانن کان اڳ ئي ۾مڊل ڪلاسن جا پيپر اڳواٽ آئوٽ ٿيندي 100 کان 500 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳا ،تعليم کاتي جي ڪارڪردگي بدترين ٿي وئي خبر موجب 16 مارچ کان شروع ٿيندڙ مڊل ڪلاسن ڇهين کان اٺين ڪلاس جا امتحان شروع ٿيندا جنهن کان اڳ ئي گذريل ڏينهن سکر ۾ اسلاميات جو پيپر آئوٽ ٿي 100 کان 500 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي اهاصورتحال تعليم کاتي جي پت وائکي ڪري ٿي .
وڌيڪ پڙھو -
12 مارچ
سکر:ضلعي ۾ ارڙيءَ کان پوءِ مليريا زور پڪڙي وئي
سکرضلعي ۾ ارڙيءَ جي وبا کان پوءِ مليريا جي وبا ۾ ساڳي صالح پٽ علائقي جي7 سالن جي نينگري سکر سول اسپتال ۾ فوت ،ضلعي اختيارين خبرن باوجود ڪن لاٽار ڪئي ،علائقي ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارڙا مليريا ۾ ورتل
وڌيڪ پڙھو