رانديون
-
جون- 2011 -8 جون
شاهد آفريدي کي ڏنل نوٽيس رد، هاءِ ڪورٽ ڊسيپلنري ڪميٽي کي اجلاس کان روڪي ڇڏيو
لاهور (م ڊ) : سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرڪيٽر شاهد آفريدي جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي پي سي بي جي ڊسپلنري ڪميٽي کي اجلاس کان روڪي ڇڏيو آهي. شاهد آفريدي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته پي سي بي کيس غير قانوني نوٽيس جاري ڪيو آهي. جنهن تي عدالت نوٽيس رد ڪندي پي سي بي کان سڀاڻي جواب طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن پي سي بي جي ڊسپيلنري ڪميٽي رٿيل اجلاس ملتوي ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالتي فيصلي جو احترام ڪيو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
6 جون
مخالف رانديگر هٿان مليل شڪست وسارڻ ڏکيو ڪم آهي: ثانيا مرزا
ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا چيو آهي ته هارائڻ کي وسارڻ ڏکيو هوندو آهي. ان باوجود فرينچ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾پنهنجي ڪارڪردگي مان مطعمن آهيان. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته شڪست شڪست هوندي آهي ۽ ڪنهن به ايونٽ ۾ ناڪامي تي تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي. هن چيو ته هن وقت ماضي جي ڀيٽ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ فٽنيس مان پوري ريت مطعمن آهيان. ويمنز ڊبلز جي فائنل ۾ هن ۽ سندس روسي جوڙي کٽڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر سندن مخالف جوڙي تمام سٺي راند جو مظاهرو ڪري کين شڪست ڏني. هن چيو ته هوءَ مڪمل طور فٽ آهي ۽ ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ٽائٽل کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي.
وڌيڪ پڙھو -
6 جون
آفريدي جو مداخلت بابت بيان سمجهه کان ٻاهر آهي: وقار يونس
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته شاهد آفريدي جو مداخلت بابت بيان سمجهه کان ٻاهر آهي. قذافي اسٽيڊيملاهور ۾چيئرمين پي سي بي اعجاز بٽ سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وقار يونس چيو ته هن ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ ٽور جي رپورٽ بورڊ کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بورڊ جو ڪم آهي. هن چيو ته آفريدي جي معاملي سان پاڪستان ڪرڪيٽ کي نقصان پهتو آهي ۽ آفريدي جو مداخلت بابت بيان سمجهه کان باهر آهي. وقار يونس چيو ته جڏهن گڏ رهون ٿا ته اختلاف پڻ ٿين ٿا پر ان جو اهو مطلب ناهي ته ايتري واويلا ڪئي وڃي. هن چيو ته آئون پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪيان ٿو . ۽ منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته ٽيم جي ڪارڪردگي بهتر رهي. قومي ٽيم جي ڪوچ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن پي سي بي سمجهي ٿو ته ٽيم کي بيٽنگ ڪوچ جي ضرورت آهي ته بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو وڃي. ويسٽ انڊيز ۽ آئرلينڊ ۾ بيٽسمينن بيٽنگ ڪوچ کان بغير سٺي پرفارمنس ڏني آهي. هن چيو ته جونيئر رانديگرن جي ڪارڪردگي شاندار راهي، خاص طور جنيد خان سٺو فاسٽ بالر طور سامهون آيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
2 جون
انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ مئچ جمعي تي ٿيندي
لنڊن: انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽن ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچن تي مشتمل سيريز جي ٻي ٽيسٽ 3 جون کان لنڊن جي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ تي شروع ٿيندي. انگلينڊ کي سريلنڪا خلاف سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل آهي. ميزبان ٽيم 26 کان 30 مئي تائين ڪارڊف ۾ کيڏيل پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ مئچ ۾ هڪ اننگز 14 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل ڪئي هئي. انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان ايندريو اسٽراس چيو آهي ته هو سريلنڪن ٽيم خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ڪاميابي تي تمام گهڻو خوش آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اينڊريو اسٽراس چيو آهي ته سندس ٽيم مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهي ۽ سريلنڪن ٽيم کي ٻئي ٽيسٽ مئچ ۾ شڪست ڏئي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪندي.
وڌيڪ پڙھو -
2 جون
پي سي بي پاران آفريدي خلاف ڪارروائي جو فيصلو، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي جي سفارش
: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ۽ وقار يونس وچ ۾ تڪرار ٿيڻ بعد ڪوچ وقار يونس کي ٽيم سميت سڀاڻي آئرلينڊ کان وطن پهچڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جڏهن ته شاهد آفريدي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ بورڊ کي سفارش ڪئي وئي آهي ته سندس ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ تي به پابندي هنئي وڃي. پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سبحان احمد چيو آهي ته وقار يونس جي زال بيمار آهي. ان باوجود کيس سڀاڻي وطن پهچڻ جي لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پي سي بي چيئرمين اعجاز بٽ چيو آهي ته شاهد آفريدي جي رٽائر ٿيڻ جو فيصلو ذاتي آهي. پي سي بي سندس ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي نه لڳائي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
ڪرڪيٽ جي شوقينن پاران آفريدي جو رٽائر مينٽ وارو فيصلو غلط قرار
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي جي رٽائرمينٽ واري فيصلي تي ڪرڪيٽ جي شوقينن گڏيل ردعمل ظاهر ڪيو آهي. لاهور جي ڪرڪيٽ شوقينن ٻڌايو ته شاهد آفريدي جي رٽائرمينٽ وارو فيصلو جذباتي لڳي ٿو جيڪڏهن کيس ڪپتاني تان هٽايو ويو هو ته ان تي ايڏو وڏو فيصلو ڪرڻ صحيح ناهي ۽ ان کي گهرجي ها ته هو بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ها. هنن چيو ته قومي ٽيم کي اڃا شاهد آفريدي جي ضرورت آهي ۽ کيس ذاتي مفاد ڇڏي ملڪي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي ها. هنن چيو ته اعجاز بٽ ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي شاهد آفريدي کي ڪپتاني تان هٽائي بهتر فيصلو ڪيو آهي. واضح رهي ته شاهد آفريدي جو ويسٽ انڊيز دورو ناڪام رهيو، ويسٽ انڊيز ون ڊي سيريز ۾ آفريدي 5 ميچن جي 3 اننگز ۾ صرف 28 رنسون ٺاهيون
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2011 -13 مئی
خيرپور ۾ هڪ ميراٿن ريس جو بندوبست ڪيو ويو
خيرپور : ضلعي حڪومت پاران اين ايل سي اسٽاپ وٽان ٺيڙهي ڦاٽڪ تائين هڪ ميراٿن ريس جو بندوبست ڪيو ويو جنهن جو افتتاح ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر صاحب خان ڀنڊ گڏيل طور تي ڪيو. ميراٿن ريس ۾ ڪيترن ئي نوجوانن حصو ورتو جنهن ۾ عرفان بلوچ پهرين، سعيدالله بلوچ ٻئي جڏهن ته سيد نديم شاهه ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
6 مئی
سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾ ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي
ٽنڊو ڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني ۾شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چئمپين شپ شروع ٿي وئي، 50-کان وڌيڪ ٽيمون شريڪ، چئمپين شپ 10-ڏينهن جاري رهندي، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ڪالوني جي شاهه لطيف گرائونڊ تي شهيد بينظير ڀٽو نائيٽ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ شروع ٿي وئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2011 -4 اپریل
پاڪستان انٽريونيورسٽي(زون ايڇ) هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام 2-گولن جي برتري تان کٽي ورتو
ٽنڊوڄام: آل پاڪستان انٽريونيورسٽي(زون ايڇ) هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام 2-گولن جي برتري تان کٽي ورتو، پاڪستان سطح جي فائنل رائونڊ لاءِ زرعي يونيورسٽي ڪواليفاءِ ڪري ورتو، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي گڏيل سهڪار سان آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي زون ايڇ هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي جي هاڪي گرائونڊ تي ٿيو، جيڪو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ مهراڻ يونيورسٽين وچ ۾ ٿيو، جيڪو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ٻن گولن تان کٽي ورتو آهي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران رانديگر فيضان احمد 2-گول ۽ احسن هڪ گول ڪيو، جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي پاران اڪيلو گول محمد آصف ڪيو، ان کان اڳ ٿيل راندين ۾ زون ايڇ جي جنهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي ٽنڊوڄام، لياقت يونيورسٽي ڄامشورو، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۽ ميزبان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ مقابلا ٿيا، ان موقعي تي مهمان خاص سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ شاگردن ۾ غيرتدريسي تعميري سرگرميون خاص طور تي رانديون عروج تي آهن ۽ هاڻي يونيورسٽي ملڪ جي سڀني يونيورسٽين ۾ راندين جي ڪارڪردگي ۾ ٽاپ ٽين يونيورسٽين ۾ شامل آهي ۽ سندس مجموعي طور تي پوزيشن بهترين آهي، هن چيو ته يونيورسٽي…
وڌيڪ پڙھو