رانديون

  • اکتوبر- 2011 -
    21 اکتوبر

    ٺري ميرواهه ۾ والي بال ٽورنامينٽ

    سنڌ ۾ آيل تازين برساتن جي تباهه ڪارين سبب جتي برسات متاثرين سخت مشڪلاتن جو شڪار آهن، اتي ماڻهن کي تفريح مهيا ڪرڻ لاءَ ٺري ميرواهه ۾ نبن شاه بي بي ڪلب پاران درگاهه نبن شاهه جي گرائونڊ تي ٻه روزه نائٽ والي بال ٽورنامينٽ ڪرائي وئي، جنهن ۾ علائقي جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪري لطف اندوز ٿيا، جڏهن ته ٽورنامينٽ ۾ سنڌ جي مختلف شهرن لاڙڪاڻو، دادو، چڪ، خيرپور ، اڪري چودگي، همبا شريف سميت مختلف علائقن جي 20 کان وڌيڪ ٽيمن حصو ورتو، فائنل ٽورنامينٽ جي تقريبن جو مهمان خاص پ پ پ جي صوبائي اڳواڻ نثار احمد شر اعزازي مهمانن ۾ غلام مرتضيٰ،مور جوگي شڪيل احمد سولنگي،اعجاز زرداري ، سردار علي شر ،شهزاد بشير، ،عبدالحفيظ شر،جمشيد خان، قائم علي شر، نصرت علي شر ۽ ٻيا هئا۔

    وڌيڪ پڙھو
  • 15 اکتوبر

    سکر ۾ سيد خورشيد احمد شاهه ٽي ٽوئنٽي آل سنڌ فلڊ لائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري آھي

    سيد خورشيد احمد شاهه ٽي ٽوئنٽي آل سنڌ فلڊ لائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، ينگ بوآنه، سنڌ نيشنل سکر ۽ سپر اسٽار ڪلب روهڙيءَ جي ڪلبن جي ڪاميابي،جناح ميونسپل اسٽيڊيم سکر ۾ جاري سيد خورشيد احمد شاهه ٽي ٽوئنٽي آل سنڌ فلڊ لائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ٽن مئچن جو فيصلو ٿيو، جنهن ۾ پهرين مئچ ۾ بئٽنگ ڪندي ينگ بوآنه ڪرڪيٽ ڪلب سکر 6 وڪيٽن جي نقصان تي 2 7 1 رنسون ٺاهيون، شفيق 3 4 ، فرقان 5 3 ۽ عمران 3 3 رنسون ٺاهيون، اعجاز ۽ شاهزيب 3 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ سنڌ ڪرڪيٽ ڪلب لاڙڪاڻي جي ٽيم 8 3 1 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. نعيم 0 4 ۽ محبوب 9 3 رنسون ٺاهيون

    وڌيڪ پڙھو
  • 15 اکتوبر

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي نگراني هيٺ شطرنج چيئمپين شپ انجنيئرنگ فيڪلٽي کٽي ورتي

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي نگراني هيٺ شطرنج چيئمپين شپ انجنيئرنگ فيڪلٽي کٽي ورتي، وائيس چانسلر شيلڊون ورهايون، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انتظام هيٺ مختلف فيڪلٽين ۾ هلندڙ شطرنج راند جو فائنل ٿي گذريو، جنهن ۾ انتهائي سخت مقابلي کانپوءَ انجنيئرنگ فيڪلٽي جي رانديگر شهڪ علي، وٽرنري فيڪلٽي جي سعيد احمد کي مات ڏئي فائنل کتي ورتو

    وڌيڪ پڙھو
  • 15 اکتوبر

    زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ جو فائنل اڄ ٿي رهيو آهي

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ جو فائنل اڄ ٿي رهيو آهي،زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل خاص مهمان هوندو، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي مختلف فيڪلٽي جي 64 ٽيمن وچ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ جو اڄ فائنل ٿي رهيو آهي، يونيورسٽي جي فيڪلٽين جي 64 ٽيمن جي 1024 رانديگرن مان يونيورسٽي جي 32 ٽيمن جي پهرين رائونڊ ۾ ڪاميابي بعد ڪامياب ٽيمن جي 512 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون

    وڌيڪ پڙھو
  • 14 اکتوبر

    زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مغل پهريون رائونڊ کٽيندڙ ٽيمن جي 532 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ چيئمپين شپ ڪوراٽر فائنل ۾ داخل، زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل پهريون رائونڊ کٽيندڙ ٽيمن جي 532 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ يونيورسٽي جي مڙني فيڪلٽين جي 64 ٽيمن جي 1024 رانديگرن ۾ چيئمپين شپ جاري آهي، ۽ ڪالهه يونيورسٽي جي 32 ٽيمن جي پهرين رائونڊ ۾ ڪاميابي بعد ڪامياب ٽيمن جي 512 رانديگرن ۾ يونيورسٽي ڪيپ ورهايون ۽ وڌيڪ رنسون ماڻيندڙ ٽيمن ۾ شيلڊون به ورهايون

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اکتوبر

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جاري

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جاري، 32-ٽيمن پهري ڪوارٽر فائنل راندين لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، خبر موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ انٽرفيڪلٽي ڪرڪيٽ چئمپين شپ 2011 لاءِ رانديون جاري آهي ۽ 32-ٽيمن پهرين ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، جاري راندين ۾ ڪالهوڪي مقابلن ۾ ڊي وي ايم اليون، سي پي ٽي هيروز کي 6-وڪيٽن تان، سي پي ٽي ٽائگرز سي پي ٽي ينگ کي 35 رنس تان شڪست ڏني.

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2011 -
    23 جولائی

    ملهه ۽ ملاکڙو سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي جيڪا سرڪاري طور تي نوٽيفائيڊ پڻ ٿيل آهي: صوبائي وزير

    صوبائي وزير قانون محمد اياز سومرو چيو آهي ته ملهه ۽ ملاکڙو سنڌ جي قديم ثقافتي راند آهي جيڪا سرڪاري طور تي نوٽيفائيڊ پڻ ٿيل آهي جڏهن ته موجوده حڪومت سنڌ جي قومي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ انهن کي ملڪي توڙي عالمي سطح تي روشناس ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي . اهڙو اظهار هن حضرت لعل شهباز قلندر جي 759هين سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ٽن ڏينهن واري ملاکڙي جي افتتاحي تقريب دوران ڳالهائيندي ڪيو _ساڻس گڏ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ۽ چيئرمين ميلا ڪميٽي ناصر عباس سومرو ۽ ٻيا عملدار پڻ گڏ هئا _ صوبائي وزير چيو ته ان مقصد لاءِ صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير طرفان واضح هدايتون پڻ جاري ٿيل آهن ۽ ملهه پهلوانن کي معاشي طور تي مستحڪم بنائڻ لاءِ کين ميرٽ جي بنيادن تي مختلف ادارن ۾ ملازمتون پڻ فراهم ڪيون وينديون ته جيئن سندن مان احساس محرومي جو خاتمو آڻي سگهجي

    وڌيڪ پڙھو
  • 22 جولائی

    حيدر ڪلب خيرپور هڪ گول ڪري سکر جي ٽيم کان پهرين ڏينهن واري مئچ کٽي ورتي

    ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ اربع شام ممتاز گرائونڊ ۾ سنڌ اسپورٽس پاران ضلعي انتظاميه جي سهڪار سان پهرين آل سنڌ شهيد والي بال ٽورنامينٽ جو افتتاح ڪيو جنهن ۾ صوبي جي مختلف ضلعن سان واسطو رکندڙ 18 ٽيمون حصو وٺنديون جنهن ۾ صوبي جي مختلف ٽيمن جي وچ ۾ 10 ڏينهن تائين ممتاز گرائونڊ تي مقابلا ٿيندا. ٽورنامينٽ جي پهرين ڏينهن تي حيدري فوٽبال ڪلب خيرپور ۽ سکر ڪمبائينڊ ڪلب جي وچ ۾ مئچ ٿي گُذري جنهن ۾ حيدر ڪلب خيرپور هڪ گول ڪري سکر جي ٽيم کان پهرين ڏينهن واري مئچ کٽي ورتي. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻول ڪندي چيو ته رانديون انساني صحت ۽ صحت مند معاشري جي لاءِ انتهائي ضروري آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2011 -
    24 جون

    مڪلي تي ملھھ جو ملاکڙو، دين محمد ، انو ڍولو کي شڪست ڏئي ڇڏي

    ضلعي حڪومت ٺٽو پاران پهريون ڀيرو سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جو ملاکڙو مڪلي تي منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سموري سنڌ مان ملهه پهلوانن شرڪت ڪئي ۽ پهلواني جا جوهر ڏيکاريا، ضلعي ائڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او ٺٽو جي هدايتن تي سوشل ويلفيئر کاتي پاران مڪلي جي فٽبال گرائونڊ تي ملهه جو ملاکڙو منعقد ڪيو ويو ، جنهن ۾ ، مٽياري، ڪشمور حيدرآباد، سعيد آباد،ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ ٻين ضلعن جي ملهه پهلوانن حصو وٺي پهلواني جا جوهر ڏيکاريا، پهلوان وزير ڪنڊرا پهلوان انور ڍولو کي ميدان ماري انعام حاصل ڪيو،جڏهن ته پهلوان دين محمد ڪوريجو، پهلوان اياز شيدي کي شڪست ڏيئي مقابلو کٽيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 16 جون

    ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت آخري ون ڊي لاءِ اڄ آمهون سامهون ٿيندا

    ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجين ۽ آخري هڪ ڏينهن واري بين الاقوامي ڪرڪيٽ ميچ اڄ سابينا پارڪ ڪنگسٽن ۾ کيڏي ويندي. ڀارت پهرين ٽن ميچن ۾ ميزبان ٽيم کي شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز اڳ ۾ پنهنجي نالي ڪري ڇڏي آهي پر چوٿين ميچ ۾ ويسٽ انڊيز ڀارت کي 103 رنسن تان هارائي ڇڏيو هو. ويسٽ انڊيز ڪپتان ڊيرن سمي جو چوڻ آهي ته سندس ٽيم ڀارت کي سيريز جي پنجين ميچ ۾ پڻ شڪست ڏيندي. ڀارتي ڪپتان سريش رائنا چيو آهي ته ويسٽ انڊيز هٿان چوٿين ميچ ۾ شڪست باوجود سندس ٽيم سيريز جي آخري ميچ ۾ ميزبان ٽيم کي شڪست ڏيندي. هن چيو ته چوٿين ميچ ۾ سندس ٽيم جا رانديگر جلدي آئوٽ ٿي ويا.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button