رانديون

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي نگراني هيٺ شطرنج چيئمپين شپ انجنيئرنگ فيڪلٽي کٽي ورتي

chessٽنڊوڄام : سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي نگراني هيٺ شطرنج چيئمپين شپ انجنيئرنگ فيڪلٽي کٽي ورتي، وائيس چانسلر شيلڊون ورهايون، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي انتظام هيٺ مختلف فيڪلٽين ۾ هلندڙ شطرنج راند جو فائنل ٿي گذريو، جنهن ۾ انتهائي سخت مقابلي کانپوءَ انجنيئرنگ فيڪلٽي جي رانديگر شهڪ علي، وٽرنري فيڪلٽي جي سعيد احمد کي مات ڏئي فائنل کتي ورتو، وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل کٽيندڙ ۽ هاريندڙ رانديگرن ۾ ٽرافيون ورهايون، ٽن ڏينهن جاري رندڙ ان چيئمپين شپ ۾ مختلف فيڪلٽين جي 30 رانديگرن حصو ورتو. ان موقعي تي ڊاڪٽر مقصود انور رستماڻي، انوارخانزادو ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button