خبرون
-
اپریل- 2011 -5 اپریل
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪلي کيس لڳل داغ ڌوئڻ جو موقعو ڏنو آهي،هو ان مان فائدو حاصل ڪري: صدر آصف علي زرداري
نئون ديرو – (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس ٻيهر کولڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن ريفرنس موڪلي ان کي موقعو ڏنو آهي ته هو پنهنجي منهن تي لڳل داغ ڌوئي ۽ اسان کي داغ ڌوئڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي،عدليه عدالتي قتل کي تسليم ڪري معافي ڏيڻ اسان جو ڪم آهي، عدليه پاڻ جدوجهد دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏسيل واٽ تي هلندي حق وٺڻ لاءِ لانگ مارچ ڪئي، هي قائداعظم جو پاڪستان نه پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڪستان آهي، ڪالهه هتي نئون ديرو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي هڪ وڏي جلسي عام کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري چيو ته ڀٽو ازم جا مخالف اسان جي خلاف ڪيس ٻيهر هلائڻ چاهين ٿا ان مان ظاهر آهي ته اهي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قبر جو ٽرائيل ڪرڻ چاهين ٿا، ڇو جو آئون پنهنجي حصي جي سزا ڪاٽي چڪو آهيان جيڪا انهن ريفرنسن سزا ملڻي آهي، ان کان ته آئون ٻيڻ ٽيڻ تي ڪٽي چڪو آهيان ۽ اهي اڻ سڌي طرح تي محترمه بينظير ڀٽو جي قبر جو ٽرائيل ڪرڻ چاهين ٿا پر…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
شوڪت عزيز ڪنهن کي به ياد نه آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر ڳالهه عوام کي ياد آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام کي پاسپورٽ ڏئي ٻاهرين ملڪن موڪليو، حڪومت هلائڻ ٽينڪوريٽ جي وس جي ڳالهه نه آهي انهن کي غريبن جي جهڳي جي خبر نه آهي: صدر آصف علي زردار
ڳڙهي خدابخش : صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته شوڪت عزيز کي ڪو به ياد نه پيو ڪري پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي هر ڳالهه عوام کي ياد آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام کي پاسپورٽ ڏئي ٻاهرين ملڪن موڪليو جنهن جي ڪري اڄ 11 ارب روپين جو پرڏيهي ناڻو اچي رهيو آهي، حڪومت هلائڻ ٽينڪوريٽ جي وس جي ڳالهه نه آهي انهن کي غريبن جي جهڳي جي خبر نه آهي، معيشتدان غريبن کي سمجهي نٿا سگهن، اسان پنجن سالن ۽ ووٽ وٺڻ خاطر نه پر عوام جي خدمت عبادت سمجهي ڪري رهيا آهيون، ڪالهه هتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لائيو اسٽاڪ انشورنس اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته هي اسان جو ڪارنامو ناهي، نه ئي فرزانه راجا جو ڪرشمو آهي پر هي ان شخصيت جو ڪرشمو آهي جنهن کي پاڪستان جو عوام اڄ به 32 سالن کانپوءِ به سندس نالي تي ووٽ ڏئي ٿو، هن چيو ته اسان جڏهن بي آءِ ايس پي پروگرام شروع ڪيو هو ته سڀني چيو ته هي ڪهڙو مذاق آهي پر اڄ ڪلهه هن پروگرام کي سڄي دنيا تسليم ڪيو آهي ۽ ان کي اختيار به ڪيو آهي، هن چيو ته مون فرزانه…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڀٽو صاحب جي ننڍ پڻ کان وٺي شهادت تائين واري دور جي 150 تصويرن ۽ سندس پاران ۽ ٻين لکيڪن جون ڀٽو لاءِ تحرير ڪيل 60 کان وڌيڪ ڪتابن جي ٽن ڏينهن واري نمائش جو اهتمام ڪيو ويوآھي
حيدرآباد: دنيا جي عظيم جمهوري اڳواڻ ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي پاران سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڀٽو صاحب جي ننڍ پڻ کان وٺي شهادت تائين واري دور جي 150 تصويرن ۽ سندس پاران ۽ ٻين لکيڪن جون ڀٽو لاءِ تحرير ڪيل 60 کان وڌيڪ ڪتابن جي ٽن ڏينهن واري نمائش جو اهتمام ڪيو ويو آهي جنهن جو افتتاح سنڌ جي ناليواري اديب ، محقق ۽ تاريخدان محمد ابراهيم جويو ڪيو – ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ابراهيم جويو چيو ته ڀٽو صاحب قوم جي ترقي لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ غريب عوام جو هڏ ڏوکي اڳواڻ هو جنهن جي خواهش هئي ته پاڪستان جو شمار دنيا جي تر يافته ملڪن ۾ ٿئي – هن ثقافت کاتي جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙي عظيم اڳواڻ جي تصويري نمائش منعقد ڪرڻ هڪ سٺو عمل آهي ۽ منهنجي اها دلي خواهش آهي ته ان قسم جي نمائش سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پڻ منعقد ڪئي وڃي – پچيل هڪ سوال تي هن چيو ته آدمشماري واري عمل ۾ هر شهري کي خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن جي ماڻهن ۾ آدمشماري واري عمل بابت آگا هي…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
گهر شماري وارو ڪم بنا ڪنهن فرق ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏنو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي: ضلعي ايڊمنسٽريٽر
حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته 5 اپريل کان 19 اپريل 2011 تائين ٿيندڙ گهرشماري واري عملي ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي چيو آهي ته اهي گهر شماري وارو ڪم بنا ڪنهن فرق ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏين ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي _هو اڄ شام ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ 5 اپريل کان ٿيندڙ گهرشماري جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو _آفتاب احمد کتري چيو ته گهر شماري جي ان اهم فرض کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ۽ سندس سربراهي ۾ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جنهن ۾ ڊي پي او، اسسٽنٽ سينس ڪمشنر، سينس ڊسٽرڪٽ آفيسرز(ڊي ڊي او روينيو)، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جا نمائندا ميمبر هوندا ۽ اها ڪميٽي گهر شماري واري عمل جي گڏيل طور تي نگراني ڪندي _ ان کان علاوه ضلعي جي هر تعلقي ۾ هڪ هڪ ويجيلينس ڪميٽي به جوڙي ويندي _ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته گهر شماري متعلق معلومات لاءِ ڊي سي او آفيس حيدرآباد ۾ هڪ مرڪزي انفارميشن سيل پڻ قائم ڪيو پيو وڃي _ هن، ان موقعي تي ڊي ڊي او روينيو جيڪو سينس ڊسٽرڪٽ آفيسر…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
پوليو خلاف شروع ٿيندڙ قومي مهم ۾ پنهنجو ڀر پور ڪردار ادا ڪيو وڃي: قريشي
سکر: اي ڊي او روينيو اختر علي قريشي مختلف کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پوليو خلاف شروع ٿيندڙ قومي مهم ۾ پنهنجو ڀر پور ڪردار ادا ڪن، ته جيئن هن مهم کي ڪامياب ڪري سگهجي. هن اهڙو اي ڊي او هيلٿ جي دفتر جي ڪميٽي روم ۾ پوليو خلاف شروع ٿيندڙ مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن آفيسرن کي هدايت ڪندي چيو ته هو هن عمل کي انساني خدمت سمجهي صحيح نموني سان سرانجام ڏين. صحت کاتي جي عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو ڪچي جي علائقي کي وڌ کان وڌ فوڪس ڪن، ته جيئن ٻين علائقن وانگر ڪچي جي علائقي کي صحيح نموني سان ڪور ڪري سگهجي ته جيئن هي پوليو مهم 06 اپريل کان 08 اپريل 2011 تائين ملڪ جي ٻين حصن وانگر سکر ضلعي ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن ٻار کي پوليو جي ڦڙن پيارڻ سان معذوري کان بچائي سگهجي ته اهو هڪ سٺو سنوڻ آهي. جنهن لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو پوليو ٽيمن سان وڌ ۾ وڌ سهڪار ڪن ته جيئن ڪو به 5 سالن…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
ھڪ جئرتمند بھادر انسان جنھن پنھنجي ھمت سان سائوٿ ايشيا جي قسمت بدلائي ڇڏي
تحرير : سھيل احمد جوکيو سنڌ ڌرتي جنھن پنھنجي ذرخيزي کانسواءِ انمول ھيرن جھڙا بھادر اٽل فيصلو ڪندڙ ۽ پنھنجي قوم لاءِ ان ٿڪ محنت ڪندڙ انسان پيدا ڪيا ؛ھن جن جي بي لوث خدمتن جي ڪري ان خطي جي ماڻھن کانسواءِ سموري دنيا جي انسان نيڪي جا گھڻ ڳائن ٿا ۽ سندن پنھنجي وطن ۽ دنيا جي انسانن لاءِ ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪن ٿا، تن انسانن مان شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ سونھري الفاظن سان لکيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ جي مشھور سنڌي راجپوت مسلم خاندان ۾ ڄائو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽوجو والد سر شاھنواز ڀٽو تنھن وقت جي انڊين حڪومت جو مشھور سياستدان ھو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو لاڙڪاڻي جي ؛باڻي ڳوٺ گڙھي خدا بخش بٽو ۾ پيدا ٿيو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽوابتدائي تعليم ممبئي جي ڪيٿيڊرل اينڊ جان ڪينان اسڪول مان پڙھائي جوآغاز شروع ڪيو، پڙھائي دوران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو شاگرد جي حيثيت سان 3491۾ ليگز پاڪستان موومينٽ ۾ شامل ٿيو. جڏھن ت. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو اعلي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ؛ف ڪيليفورني. مان ھن پولٽيڪل سائنس ۾ ؛نرس جي ڊگري حاصل ڪئي . تعليم ئي دوران شھيد ذوالفقار علي ڀٽو زندگي…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
پاڪستان انٽريونيورسٽي(زون ايڇ) هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام 2-گولن جي برتري تان کٽي ورتو
ٽنڊوڄام: آل پاڪستان انٽريونيورسٽي(زون ايڇ) هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام 2-گولن جي برتري تان کٽي ورتو، پاڪستان سطح جي فائنل رائونڊ لاءِ زرعي يونيورسٽي ڪواليفاءِ ڪري ورتو، رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي گڏيل سهڪار سان آل پاڪستان انٽر يونيورسٽي زون ايڇ هاڪي چيئمپين شپ جو فائنل زرعي يونيورسٽي جي هاڪي گرائونڊ تي ٿيو، جيڪو زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۽ مهراڻ يونيورسٽين وچ ۾ ٿيو، جيڪو سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ٻن گولن تان کٽي ورتو آهي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام پاران رانديگر فيضان احمد 2-گول ۽ احسن هڪ گول ڪيو، جڏهن ته مهراڻ يونيورسٽي پاران اڪيلو گول محمد آصف ڪيو، ان کان اڳ ٿيل راندين ۾ زون ايڇ جي جنهن ۾ مهراڻ يونيورسٽي ٽنڊوڄام، لياقت يونيورسٽي ڄامشورو، قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۽ ميزبان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ مقابلا ٿيا، ان موقعي تي مهمان خاص سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو ته سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ شاگردن ۾ غيرتدريسي تعميري سرگرميون خاص طور تي رانديون عروج تي آهن ۽ هاڻي يونيورسٽي ملڪ جي سڀني يونيورسٽين ۾ راندين جي ڪارڪردگي ۾ ٽاپ ٽين يونيورسٽين ۾ شامل آهي ۽ سندس مجموعي طور تي پوزيشن بهترين آهي، هن چيو ته يونيورسٽي…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
گهر ۽ آدمشماري جي بنياد تي صوبي توڙي ضلعن کي وسيلن جي ورڇ ، روزگار جاموقعا ۽ ترقياتي منصوبا مهيا ٿيندا: علي احمد لنڊ
حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽري / ڊي سي او ٽنڊو محمد خان علي احمد لنڊ عوامي نمائندن ، ضلعي عملدارن ، سول سوسائٽي ، تاجران فيدريشن ، قومپرست ڌرين ۽ ميڊيا جي نمائندن تي زور ڀريو آهي ته اهي 5 اپريل 2011 کان شروع ٿيندڙ گهرشماري ۾ ڀرپور حصو وٺي عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن _ اها ڳالهه هن اڄ ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي نمائندن ، ضلعي عملدارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان رٿيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چئي _ هن ٻڌايو ته گهر شماري کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ لاءِ سندس سربراهي ۾ ضلعي پوليس آفيسر، اي ڊي او روينيو ، سينسز ڊسٽرڪٽ آفيسر، ڊي او ايجوڪيشن ، ڊي او سوشل ويليفيئر ۽ پ پ اڳواڻ آپا سڪينه تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي آهي جڏهن ته ٽنهي تعلقن جي ڊي ڊي اوز روينيو جي سربراهي ۾ تعلقي سطح تي ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن _ هن ٻڌايو ته گهر ۽ آدمشماري لاءِ روينيو کاتي پاران علائقي جي حد بندي، ديهن جي نقشن جي تياري، بلاڪنگ ۽ ڪوڊنگ سسٽم جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي _ ان کان علاوه تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ٻوڏ متاثر علائقن جي…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
. ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون: ڊاڪٽر عبدالقادر مغل
ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون ۽ اسلام آباد ڪراچي سميت ڪجهه اهم شهرن جا واسي پيئڻ جي پاڻي جي هڪ ٽينڪر لاءِ روزانو 750 روپيه خرچ ڪن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن پاڻي جي خرچن ۾ اضافو ٿئي ٿو، هن اها ڳالهه زرعي يونيورسٽي جي ايگريڪلچر ايڪانامڪس واري شعبي جي ميزبابي هيٺ بجيٽ ريسرچ سيل پاران ٿيل ورڪشاپ دوران افتتاحي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي هن چيو ته اڄ به اسپتالن ۾ گهڻي کان گهڻا مريض پيٽ، گيسٽرو ، کل، ڪاري ڪامڻ سميت ڪيترين بيمارين جي ڪري داخل آهن ۽ گندي پاڻي جي ڪري مليريا، ڊينگي وائرس ۽ ان کان وڌيڪ خطرناڪ ٻين بيمارين جي ڪري اسپتال ڀيڙا ٿين ٿا، جنهن سبب ماڻهن کي نه صرف جاني نقصان ٿئي ٿو پر بيمارين تي روزانو هزارين روپيه خرچ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته مستقبل ۾ پاڻي زندگي جي ضرورتن ۾ انمول شئي جيان هوندو ۽ ان جي ڪري بجيٽ تي روزانو دٻاءُ وڌندو. هن چيو ته اڄ به ٻهراڙي کي ڇڏي ڪري شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو في ماڻهو تي خرچ 50 روپين کان 200…
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریل
اسان انهن استادن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ٻوڏ دوران مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي سکر ضلعي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي: انعام الله خان ڌاريجو
سکر: نادرا ريجنل هيڊ ڪوارٽر سکر ۾ ٻوڏ دوران نادرا وطن ڪارڊ تقسيم ڪرائڻ ۾ ڀرپور مدد ڪندڙ استادن کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن جو مهمان خاص ڊي سي او سکر انعام الله خان ڌاريجو هو. هن خطاب ڪندي چيو ته اسان انهن استادن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ٻوڏ دوران مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي سکر ضلعي جي ماڻهن جي خدمت ڪئي ۽ ڏکي وقت ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي. انهيءَ موقعي تي جنرل مينيجر نادرا سکر ڳالهائيندي چيو ته اسان کي فخر آهي ته ضلعي انتظاميه جي مدد سان نادرا سکر تمام گهٽ وقت ۾ مختلف ضلعن ۾ انتظاميه جي مدد سان 24 وطن ڪارڊ سينٽر قائم ڪيا. جن جي ذريعي هن وقت تائين 4 لک 57 هزار 809 وطن ڪارڊ ورهائجي چڪا آهن. جن جي ماليت تقريبن 9 ارب 15 ڪروڙ روپيا آهي. سڀ کان اڳ ضلعي سکر ۾ 4 وطن ڪارڊ سينٽر قائم ڪيا ويا جن جي ذريعي اڃا تائين 80 هزار وطن ڪارڊ تقسيم ڪيا ويا آهن. اهڙيءَ طرح پوري سنڌ ۾ 5 لک 70 هزار ۽ پوري ملڪ ۾ 15 لکن کان وڌيڪ وطن ڪارڊ تقسيم ٿي چڪا آهن. هن ڀلائيءَ جي ڪم ۾ پوري…
وڌيڪ پڙھو