لاڙڪاڻو
-
جولائی- 2012 -17 جولائی
سخت احتجاج رنگ لاتو، لاڙڪاڻو مينسپل ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگھارون ملي ويون
لاڙڪاڻو مينسپل ڪارپوريشن جي ملازمن کي جون مھيني جون پگھارون نھ ملڻ تي ايڊمنيسٽريٽر آصف آرائين جي خلاف يونين پاران سخت احتجاج ڪرڻ تي حڪومت سنڌ ڪيس ھٽائي سندس جاءِ تي نئون ايڊمنيسٽريٽر سيڪريٽري لوڪل بورڊ غلام مصطفي ھليو کي مينسپل ڪارپوريشن جو ايڊمنيسٽريٽر مقرر ڪري ڇڏيو آھي
وڌيڪ پڙھو -
17 جولائی
نامياري ڪھاڻيڪار نسيم کرل جي 34 ورسي لاڙڪاڻي ۾ملھائي وئي
سنڌ جي نامياري ڪھاڻيڪار نسيم کرل جي 34 ورسي اللھ آباد محلي ۾ رستم خان کرل جي رھائشگاھھ تي ملھائي وئي جنھن ۾ برادري جي ماڻھن ۽ اديبن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
17 جولائی
نواز ليگ ھميشھ غريب عوام جي خدمت ڪندي رھندي،اظھر عيل ڪماريو
پاڪستان مسلم ليگ نون ضلعي لاڙڪاڻي پاران صحافين جي مان ۾ شھر جي ھڪ مقامي ھوٽل ۾ تقريب معقعد ڪئي وئي جنھن ۾ صحافين پارٽي عھديدارن جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
17 جولائی
صحافي ھميشھ حق سچ جي ڳالھھ ڪندا آھن، اڪبر حسين راشدي
پاڪستان فمشنل مسلم ليگ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدراڪبر حسين راشديءَ چيوآھي تھ صحافي ھميشھ حق سچ جي ڳالھھ ڪندا آھن ۽ غريب لاچارن جي آواز کي اعوانن تائين پھچائيندا آھن صحافي سول سوسائٽي تي روشني وجھندا آھن
وڌيڪ پڙھو -
16 جولائی
قيدياڻين کي پنھنجي اولاد وانگر سمجھندي آھيان، رحمت عباسي
مان ھميشھ قيدين کي پيار ڏني آھي. مان پنھنجي ڊيوٽي ايمانداري ۽ سچائي سان نڀائي رھي آھيان ۽ قيدياڻين کي پنھنجي اولاد وانگر سمجھندي آھيان ليڊيز جيل لاڙڪاڻي جي سپرنڊينٽ رحمت عباسي جو ميڊيا سان خصوصي ڳالھھ ٻولھھ
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
ھر قانوني طريقا استعمال ڪري لاڙڪاڻي جي عوام کي امن جو تحفو ڏيندس، ايس ايس پي
ايس ايس پي لاڙڪاڻو جاويد سونھارو جسڪاڻي جي طرفان جيئن ئي لاڙڪاڻي جي چارج سنڀالي وئي تھ ڏوھارين ۾ ٿرٿلو پيدا ٿي ويو . لاڙڪاڻو شھر ڏوھارين کان صاف ٿيڻ لڳو
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
پي پي ڪومت جڏھن بھ اقتدار ۾ ايندي آھي ته لاڙڪاڻي جي عوام جي خدمت ڪندي آھي
لاڙڪاڻي مان بشير سيال لاڙڪاڻو(ڳالھھ ٻولھھ: بشير سيال) پپيپلز پارٽي جي حڪومت جڏھن بھ اقتدار ۾ ايندي آھي تھ ھتان جي عوام جي خدمت ڪئي ويندي آھي ۽ ملڪ مان غربت کي ختم ڪرڻ جو نعرو ھڻندي آھي ۽ حقدارن کي حق ڏنا ويندا آھن. اھڙن خيالن جو اظھارسنڌ فرينڊس ويلفيئر آرگنائيزيشن سنڌ جي صوبائي چيئرمين ارشاد علي دستي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو تھ صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي ڪوششن سان لاڙڪاڻي ضلعي کي ھڪ ماڊل سٽي بڻايو پيو وڃي ۽ ترقياتي ڪمن جا ڄار وڇايو ويو آھي جلد ترقياتي ڪم مڪمل ٿي ويندا جنھن سان لاڙڪاڻو خوبصورت نظر ايندو. ھن چيو تھ صدر آصف علي زرداري جي ڪوشش آھي تھ ھتان جي غريب ماڻھن کي اٽو، لٽو ۽ اجھو ڏنو ويندو ۽ ضلعي مان بيروزگاري ختم ڪئي ويندي جلد بيروزگار نوجوانن کي وڌيڪ روزگار بھ مھيا ڪيو ويندو. فريال ٽالپر جي ڪوشش آھي تھ لاڙڪاڻي ضلعي کي بدامني کان پاڪ ڪيو ويندو ۽ ھتي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا ويا آھن. ھن وڌيڪ چيو تھ پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ۾ ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ اتحادين سان گڏجي وڏي ۾ وڏي سوڀ ماڻيندي. ھن چيو تھ محترمھ شھيد راڻي جي قربانين کي اسان نھ وساري سگھنداسين…
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2012 -7 جون
نٽھڻ اس ۾ غريب عورتون بينظير انڪم سپورٽ ڊيبٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان
شهدادڪوٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ڊبيٽ ڪارڊ وصول ڪندڙ عورتن جي تمام گهڻي رش رهي ٿي، پيئڻ جي پاڻي ۽ ويهڻ جي سهوليت نه هئڻ سبب شهر توڙي ڏورانهن علائقن کان آيل عورتون اڃ وگهي تڙپن پيون ۽ نٽهڻ اس ۾ تتل ڌرتيءَ تي ويهڻ تي مجبور آهن
وڌيڪ پڙھو -
مئی- 2012 -27 مئی
لاڙڪاڻي ۾ ھزارين ماڻھن جي محبت سنڌ ريلي، جيستائين سسيءَ ۾ ساھ آھي سنڌ ٽوڙڻ نه ڏينداسين:اياز لطيف پليجو
لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ طرفان سنڌ ماءُ سان محبت جو اظھار ڪرڻ لاءِ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل ريليءَ ۾ ھزارين ڌرتي ڌڻي گھرن کان ٻاھر نڪري آيا ريليءَ ۾ شامل، ھر طرف ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جي نعرن جي گونج،ماڻھن جو نڪتل سمنڊ سڄي شھر جو گشت ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
ستمبر- 2011 -24 ستمبر
اڳوڻي صوبائي صلاحڪار ۽ ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر رياض ڦلپوٽو وچ ۾ مريد ڀٽو جي قتل واري معاملي تان ڇڪتاڻ وڌي وئي
سنڌ جي وڏي وزير جو اڳوڻو صوبائي صلاحڪار شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جو سئوٽ ڀٽا برادريءَ جو سردار عامر خان ڀٽو ۽ ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر رياض ڦلپوٽو وچ ۾ مريد ڀٽو جي قتل واري معاملي تان ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي، جڏھن تھ ھڪٻئي خلاف الزامن ۽ بيان بازيءَ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آھي، جڏھن تھ سردار عامر ڀٽو پاران نئون ديرو پوليس کي رياض ڦلپوٽو جي خلاف شڪايت ڪئي، جنھن تي نئون ديرو پوليس ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر رياض ڦلپوٽو کي پوليس گرفتار ڪري نئون ديرو ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تھ ڀٽو اسٽيٽ جي مئنيجر جي گرفتاريءَ جي خبر باھھ جيان پکڙجي وئي ۽ ان جو اطلاع صدر پاڪستان آصف علي زرداري، ايم اين اي فريال ٽالپر کي پڻ ڏنو ويو آھي.
وڌيڪ پڙھو