خيرپور
-
جولائی- 2014 -8 جولائی
اي سيڪشن ٿاڻي تي ڊي ايس پي سميت ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز خلاف ڪيس داخل
اي سيڪشن ٿاڻي تي ڊي ايس پي سميت ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز خلاف ڪيس داخل، پوليس عملدارن گهر ۾ گهري ڦرلٽ بعد پٽ کي اغوا ڪري ويا آهن، فريادي جو مئوقف، ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي.
وڌيڪ پڙھو -
8 جولائی
خيرپور: اشتهاري قرار ڏنل عطا محمد مهراڻي ميرواهه ڀرسان گرفتار
خيرپور پوليس قتل ڪيس جي اشتهاري قرار ڏنل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جيل حوالي. تفصيل مطابق عدالتي حڪمن جي تعميلات ڪندڙ اسپيشل پوليس فورس جي انسپيڪٽر مهدي رضا آرائين، وڏي منشي محمد شهبان سولنگي، قمبر علي ناريجو، علي نواز شر ۽ ٻين هڪ ڳجهي اطلاع تي ميرواهه ٿاڻي جي هڪ قتل جي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻائيل ۽ عدالت مان اشتهاري قرار ڏنل عطا محمد ولد مير حسن مهراڻي کي هاءِ اسڪول ميرواهه ڀرسان گرفتار ڪري خيرپور جي عدالت ۾ پيش ڪرائيو.
وڌيڪ پڙھو -
7 جولائی
ميرواهه جي پيرسن زندگي کان بيزار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي
ميرواهه جي پيرسن زندگي کان بيزار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي، گهر ۾ ڪهرام. تفصيل مطابق تعلقه ميرواهه جي ڳوٺ ڍيڍاڻو جي رهواسي پيرسن نبي داد دستي زندگي کان بيزار ٿي خودڪشي ڪري ڇڏي. اهڙي واقعي بعد گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي جو ماحول سوڳار بڻجي ويو.
وڌيڪ پڙھو -
7 جولائی
خيرپور: عدالت عبدالله نوحاڻي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي
خيرپور جي عدالت پريالوءِ ۾ عبدالله نوحاڻي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، جوابدار جيل حوالي.
وڌيڪ پڙھو -
7 جولائی
خيرپور جي عدالت ايس ايڇ او ٻٻرلوءِ کي شوڪاز نوٽيس جاري
خيرپور جي عدالت ايس ايڇ او ٻٻرلوءِ کي شوڪاز نوٽيس جاري، عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم. تفصيل مطابق ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ علي بخش ٿيٻو جي عدالت عدالتي حڪمن جي تعميلات نه ڪرڻ تي ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي.
وڌيڪ پڙھو -
7 جولائی
خيرپور جي شهرين مٿان پوليس جا حملا، شهري عدالت پهچي ويا
خيرپور جي شهرين مٿان پوليس جا حملا، ڦرلٽ جا واقعا، شهري عدالت پهچي ويا، ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواستون داخل، محمد علي جتوئي طرفان پنهنجي والد کي ڀي جوابدار ڄاڻائيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
7 جولائی
خيرپور جي عدالت جي ڪاپي رائيٽر مٿان پسٽل سان حملو
خيرپور جي عدالت جي ڪاپي رائيٽر مٿان پسٽل سان حملو، معجزانه طور بچي ويو، جوابدار فرار، ڪيس داخل، گرفتاري عمل ۾ نه آئي. تفصيل مطابق اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ قائم ٿرڊ سول جج اينڊ جوڊيشل ماجسٽريٽ علي بخش ٿيٻو جي عدالت جي ڪاپي رائيٽر طارق حفيظ ولد حفيظ الله چنه مٿان عدالت اندر جوابدار منظور حسين ولد محمد يوسف شهواڻي ڪيس جا ڪاغذات نه ملڻ سبب پسٽل سان قاتلانه حملو ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
3 جولائی
خيرپور: عدالتن مان مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙن خلاف ڪاروائي
خيرپور جي عدالتن مان مختلف ڪيسن ۾ مسلسل غيرحاضر رهندڙن خلاف ڪاروائي، پوليس عملدارن کي عدالت ۾ پيش ڪرائڻ لاءِ آءِ جي، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس پي خيرپور کي ليٽر جاري، سب انسپيڪٽر نعيم فهيم ابڙو جي پگهار بند ڪرڻ جو حڪم، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او خلاف توهين عدالت نوٽيس جاري، عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم
وڌيڪ پڙھو -
3 جولائی
خيرپور: ڌيءَ بازياب ڪرائي ڏيو، ڳوٺاڻي جي عدالت ۾ درخواست داخل
ڌيءَ بازياب ڪرائي ڏيو، ڳوٺاڻي جي عدالت ۾ درخواست داخل، سرچ وارنٽ جاري، عدالت ۾ پيش ڪرائڻ جو حڪم.
وڌيڪ پڙھو -
3 جولائی
پوليو جي حوالي سان خيرپور ۾ ھڪ ميٽنگ 4 جولاءِ تي ٿيندي
ضلع خيرپور ۾ 04 جولاءِ 2014 کان 17 جولاءِ 2014 تائين جاري رهندڙ پوليو جي خاتمي لاء مهم جي سلسلي ۾ 04 جولاءِ 2014 جمع ڏينهن صبح جو 11 وڳي ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور جي دربار هال ۾ ضلعي سطح تي جوڙيل پوليو ڪميٽي (ڊسٽرڪٽ پوليو ايراڊيڪيشن ڪاميٽي) ڊي پيڪ جو اجلاس منعقد ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو