خيرپور
-
جولائی- 2012 -19 جولائی
خيرپور ۾ بشير قريشي جي جزن جي چڪاس نه ٿيڻ ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف جسقم جي بک هڙتال
خيرپور ۾ شهيد بشير قريشي جي جزن جي چڪاس نه ٿيڻ ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف جسقم جي بک هڙتال خبر موجب خيرپور ۾ جسقم جي ڪارڪنن سيشن ڪورٽ ٻاهران شهيد بشير قريشي جي جزن جي چڪاس نه ٿيڻ ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف بک هڙتال ڪئي.
وڌيڪ پڙھو -
19 جولائی
ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 53 هين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري
خيرپور ضلعي ۾ ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا 450 کان وڌيڪ ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 53 هين ڏينهن به مرڻ گهڙي واري بک هڙتال جاري.
وڌيڪ پڙھو -
19 جولائی
پروفيسر حاجي محمودجيخدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي، ڊاڪٽر مجيب صحرائي
مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جي اڳوڻي انجنيئرنگ فيڪلٽي جي ڊين ۽ تاحيات پروفيسر حاجي محمود ميمڻ جي لاڏاڻي تي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي،ڪاليج جي انتظامي،تدريسي شعبن جي سربراهن،استادن ۽ ملازمن پاران ڏک جو اظهار.
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
ڦلپوٽابرادري جي سردار غلام حيدر ڦلپوٽو مسلم ليگ ف ۾ شموليت جو اعلان
فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي آهي ايندڙ حڪومت فنڪشنل مسلم ليگ جي هوندي. سيد راشد شاهه راشدي. مسلم ليگ ف هائوس خيرپور تي مشهور سماج سڌارڪ تنوير وساڻ ۽ مسلم ليگ ن خيرپور جي ضلعي نائب صدر ۽ ڦلپوٽابرادري جي سردار غلام حيدر ڦلپوٽو مسلم ليگ ف ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
خيرپور ۾ جسقم پاران ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاجي مظاهرو
خيرپور ۾ جسقم پاران ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب خيرپور ۾ جسقم طرفان ذوالفقار آباد رٿا خلاف سوڪ سينٽر خيرپور کان پريس ڪلب خيرپور تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
پاڻي جي کوٽ 52 هين ڏينهن به بک ھڙتال جاري
خيرپور ضلعي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 52 هين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رهي. آبادگارن جا مختلف شهرن کان آيل وفد بک هڙتالين جي حمايت ۾ سندن ڪيمپ تي ويٺا
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
ڪنب جي رهواسين جو ڪنب پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو
ڪنب جي رهواسين جو ڪنب پوليس خلاف پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو. تفصيل موجب ڪنب جي رهواسين پريس ڪلب خيرپور پهچي ايس ايڇ او ڪنب خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.
وڌيڪ پڙھو -
17 جولائی
سيپڪو لقمان خلاف احتجاجي مظاهرو
سيپڪو لقمان خلاف خانڻ شاهه محلي جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو، ڇتي نعريبازي، تفصيل موجب اڱاري جي ڏينهن خانڻ شاهه محلي جي سوين رهواسين سيپڪو لقمان خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري لقمان ڦاٽڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ساڙي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا
وڌيڪ پڙھو -
17 جولائی
خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف بک ھڙتال
خيرپور ضلعي جي ويهن کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ اسڪارپ جا ٽيوب ويل بند هجڻ خلاف آبادگارن جي 51هين ڏينهن به مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتال جاري رهي
وڌيڪ پڙھو -
17 جولائی
سچل سرمست جي عرس جي حوالي سان گڏجاڻي
ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ چيئرمين سچل يادگار ڪاميٽي محمد عباس بلوچ درازا ۾ سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت سچل سرمست رح جي رمضان المبارڪ جي 14 تاريخ تي منعقد ٿيندڙ 191 هين عرس جي مختلف تقريبن جي انعقاد جي حوالي سان سچل يادگار ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت ڪئي.
وڌيڪ پڙھو