مختصر خبرون

پروفيسر حاجي محمودجيخدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي، ڊاڪٽر مجيب صحرائي

خيرپور: مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو جي اڳوڻي انجنيئرنگ فيڪلٽي جي ڊين ۽ تاحيات پروفيسر حاجي محمود ميمڻ جي لاڏاڻي تي مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج خيرپور جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي،ڪاليج جي انتظامي،تدريسي شعبن جي سربراهن،استادن ۽ ملازمن پاران ڏک جو اظهار. پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته،پروفيسر حاجي محمود مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي باني استادن مان هو، هن جي انجنيئرنگ جي اعليَ تعليم لاءِ ڪيل خدمتن کي تاريخ ۽ هن جا شاگرد ڪڏهن به وساري نه سگهندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button