ڪشمور
-
اپریل- 2013 -14 اپریلاليڪشن 2013
ڪشمور : پ پ پ 16 اپريل تي ڪنڌڪوٽ ۾ اھم اجلاس طلب ڪري ورتو
پ پ پ ضلع ڪشمورپاران اليڪشن جي تيارين جي سلسلي ۾ هڪ اهم اجلاس 16 اپريل تي ڪنڌڪوٽ ۾ طلب ڪيو ويو آهي ،انهي حوالي سان پ پ پ ضلع ڪشمور جي جنرل سيڪريٽري ميراسرار احمد کوسو انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ کي ٻڌايو ته ڪشمور ۾ اميدوارن جي حتمي اعلان بعد اليڪشن جون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن،
وڌيڪ پڙھو -
13 اپریل
ڪشمور فوڊکاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري جا سينٽر نه کلي سگهيا
ڪشمور فوڊکاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري جا سينٽر نه کلي سگهيا جنهن سبب وچين طبقي جا آبادگار ڪڻڪ سستي اگـھ تي ڏيڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته ڪشمور جي 50 فيصد سيڪڙو جي ڪٽائي مڪمل ٿي چڪي آهي.
وڌيڪ پڙھو -
11 اپریل
ڪشمور ۾ چونڊ مھم شروع ٿي ويئي
ڪشمور۾ پ پ پ پارن ٽڪيٽن جي اعلان بعد اليڪشني سرگرميون شروع ٿي ويون ،تفصيل موجب ڪجھ ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي اندراين اي 210 ء پي ايس 18 تي ٽڪيٽن ورهاست تان اختلاف پيدا ٿي ويا هئا،جتي پارٽي کي ٽي دفعه پنهنجا اميدواربدلا ئڻا پيا
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
ڪشمور ضلعي ۾ اليڪشن 2013 مهم شروع، پ پ پ ۾ اختلاف سامھون اچي ويا
ڪشمور ضلعي ۾ اليڪشن 2013 مهم جي شروعات ٿي وئي آهي،ڪشمور ضلعي م ايم اين اي جي هڪ سيٽ آهي صوبائي جون اڍائي سيٽون آهن،ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد اليڪشن مهم جي شروعات ٿي وئي آهي پ پ پ ۾ ٽڪيٽن جي غلط ورهاست سبب اختلاف پيدا ٿي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریلڪشمور
پنجاپ پوليس جو ڪچي ۾ آپريشن ھڪ ڳوٺاڻو مارجي ويو
پنجاپ پوليس ڪشمور لڳ ماڇڪي ٿاڻي جي حد کروڙ ۾ آپريشن دوران پوليس ۽ هٿياربندن جي وچ ۾ فائرنگ دوران ڳوٺاڻو اسلم سولنگي مارجي ويو عورت سميت 4 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن تازن اطلاعن مطابق زخمين مان ھڪ عورت به فوت ٿي ويئي.
وڌيڪ پڙھو -
4 اپریلاليڪشن 2013
ڪشمور: پي ايس 18 جي اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ٿي
اڄ پي ايس 18 جي اميدوارن جي ڪاغذن جي جاچ پڙتال ٿي، جاچ دوران سني تحريڪ جي اميدوار حافظ علي حيدر کوسي جافارم گھٽ عمر ھئڻ ڪري رد ڪيا ويا، جڏھن ته پ پ پ جي احسان مزاري، گل محمد جکراڻي، اسرار احمد کوسو، آزاد اميدوار مير غالب ڊومڪي، فنڪشنل ليگ جي اعجاز سولنگي سميت ٻين جا فارم بحال ٿي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
3 اپریلاليڪشن 2013
ڪشمور: ڊومڪي پ پ پ کان ناراض، آزاد حيثيت سان وڙھڻ جو اعلان
اڳوڻي ايم پي اي غالب حسين ڊومڪي پ پ پ قيادت جي ٽڪيٽن واري فيصلي کي نه مڃيندي اين اي 210 تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙھڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بخشاپور ۾ ڊومڪي برادري جو ڪٺ ٿيو جنھن ۾ گڏيل صلاح مشوري بعد غالب ڊومڪي اعلان ڪيو ته ھو پ پ پ ڇڏي آزاد حيثيت ۾ اين اي 210 تي چونڊ وڙھندو
وڌيڪ پڙھو -
3 اپریلڪشمور
ڪمشور:فوڊ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿي سگھي
ڪمشور ۾ فوڊ کاتي پاران ڪڻڪ جي خريداري شروع نه ٿي سگھي، آبادگارن ڪڻڪ واپارين کي سستي اگھ تي ڏيڻ تي مجبور آھن، فوڊ کاتي پاران بند پيل سينٽرن اڃان تائين بحال نه ٿي سگھيا، آباد گارن غلام حيدر مزاري، حاجي نياز کوسو، رحمت الله چاچڙ ۽ ٻين چيو ته بند پيل سينٽر جلد کوليا وڃن نه ته احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
2 اپریلاليڪشن 2013
ڪشمور: اين اي 210 جي 38 مان 36 اميدوارن جا فام بحال
اين اي 210 جي 38 مان 36 اميدوارن جا فام بحال ٿي چڪا آھن، جنھن ۾ مزاري گروپ جي احسان مزاري، عبد الرئوف کوسو، پ پ پ جي گل محمد جکراڻي، اسرار احمد کوسو، محمد خان کوسو، آزاد اميدوار نريش ڪمار، فنڪشنل مسلم ليگ جي اقرار جکراڻي، اصغر بجاراڻي سميت ٻين اميدوارن جا فارم بحال ويا آھن.
وڌيڪ پڙھو -
1 اپریلاليڪشن 2013
پ پ پ پاران ڪشمور ضلعي جي اميدوارن جو اعلان
ڪشمور ضلعي ۾ پ پ پ طرفان ٽڪيٽن جي ورھاست تان پيدا ٿيل صورتحال کان پوءِ پ پ پ جي اعليٰ قيادت جو ھڪ ام اجلاس نئون ديرو ھائوس ۾ ٿي گذريو جنھن جي صدارت اڳوڻي ايم اين اي فريال ٽالپور ۽ خورشيد شاھ ڪئي
وڌيڪ پڙھو