ڪراچي

  • جون- 2011 -
    12 جون

    اليوارو ڪهاڻيڪار، اديب ۽ شاعر طارق عالم ابڙو هميشه لاءِ وڇڙي ويو

    ناليوارو ڊراما نگار، ناول نگار، اديب ۽ شاعر طارق عالم ابڙو ڪراچي جي سول اسپتال جي ايس آءِ يو سي وارڊ ۾ هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو، طارق عالم گذريل 5 مهينن کان اسپتال ۾ گڙدن جي بيماري سبب داخل هو، ڊاڪٽرن کيس ڀارت ۾ علاج ڪرائڻ جي صلاح ڏني هئي، جنهن جو خرچ 60 لک روپيا اچڻو هو، جڏهن ته سنڌ حڪومت کيس 7 لک روپيا، ثقافت کاتي 15 لک ۽ ادبي بورڊ 5 لک روپيا ڏنا هئا. واضح رهي ته 1986ع ۾ پهريون ڀيرو لنڊن مان گڙدن جو علاج ڪرايو هو. جڏهن ته مرحوم جو مڙهه ڪراچي کان ڄامشورو سوسائٽي ڪالوني ۾ آندو ويو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 جون

    سنڌ جي 4 کرب 57 ارب روپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش، پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو واڌ

    : سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 122011ع لاءِ سنڌ جي 4 کرب، 57 ارب، 42 ڪروڙ، 88 لک رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ 88 ڪروڙ، 21 لک جي بچت ظاهر ڪئي وئي آهي، نئين سال جي بجيٽ ۾ ترقياتي خرچن جي مد ۾ هڪ کرب، 61 ارب رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثر ڳوٺن ۽ شهرن لاءِ 7 ارب رپيا، تعليم لاءِ پوڻا اٺ ارب، صحت لاءِ7 ارب، ذوالفقار آباد لاءِ هڪ ارب رپيا، ڪراچي پئڪيج لاءِ 18 ارب، حيدرآباد لاءِ هڪ ارب، ملير ۽ ڪياماڙي لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ۽ لياري پيڪيج لاءِ هڪ ارب ۽ ملازمن جي پگهارن ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو واڌاري جو اعلان ڪيو آھي

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 جون

    صحت کاتئي سامونڊي طوفان کي منھن ڏيڻ لاءِ ھنگامي سيل قائم ڪري ڇڏيا

    سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر صغير احمد جي خاص هدايتن تحت سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن ڪراچي ،ٺٽو ۽ بدين ضلعن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي صحت کاتي پاران سامونڊي پٽي وارن ضلعن ۾ هنگامي سيل قائم ڪيا ويا آهن جيڪي ڏينهن رات ڪم ڪندا. تفصيل موجب اهي قائم ڪيل هنگامي سيل سنڌ جي صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) ڊاڪٽر خالد شيخ جي نگراني ۾ ڪم ڪندا

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 جون

    ڪراچي ۾ رينجرس جي ھٿان ھڪ نوجوان قتل، وزير اعظم نوٽس وٺي ڇڏيو

    خروٽ آباد واقعي جي طرز تي ڪراچي ۾ به ھڪ نوجوان رينجرز جي ھٿان سر عام ماريو ويو، وارثن جي احتجاج ڪرڻ تي اھلڪارن جي خلاف مقدمو ته درج ڪيو ويو مگر پوليس جي حوالي نه ڪيو ويو. ڪراچي ۾ رينجرز جي ھٿان ھي واقعو ڪالھھ شام ڪلفٽن ويجھو بينظير ڀٽو شھيد جي نالي سان قائم پارڪ ۾ ٿيو. پوليس ان کي ڦورو قرار ڏئي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي. واقعي جي ويڊيو اچڻ کان پوءِ اصل حقيقت سامھون اچي ويئي. ويڊيو ۾ نوجوان کي اھلڪار وارن مان پڪڙي ڪري گاڏي طرف ڇڪيو وڃن ٿا ۽ ان دوران نوجوان کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو. نوجون پنھنجي جان بچائڻ ايلاز منٿون ڪري ٿو مگر عوام اختيارن جي نش ۾ ڌت اھلڪارن جديد ھٿيارن سان نوجوان تي گوليون ھلائن ٿا.شديد زخمي ٿيڻ جي باوجود به نوجوان کي جلد اسپتال نه موڪليو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 جون

    سنڌ ۽ پنجاب ۾ سڀاڻي سامونڊي طوفان جو خطرو، سمنڊ ڏانهن نه وڃڻ جون هدايتون

    موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان جي حوالي سان اڄ تائين صورتحال واضح ٿي ويندي، جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي وارن علائقن ۾ ماڻهن کي سمنڊ ڏانهن نه وڃڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ڊي جي موسميات عارف محمود جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سامونڊي طوفان جي حوالي سان صورتحال اڄ تائين واضح ٿي ويندي. ٻئي طرف ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف ميٽرولوجسٽ نعيم شاهه مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي آهي. نعيم شاهه جو چوڻ هو ته ڪراچي جي ڏکڻ اوڀر ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ موجود آهي، جيڪو وچولي طوفان جي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. هن ٻڌايو ته جمعي تائين سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽيءَ ۾ برسات پئجي سگهي ٿي،جڏهن ته سسٽم جي نگراني ڪئي پئي وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 7 جون

    ق ليگ سان اتحاد تي پ پ اندر ڪا به مزاحمت ناهي: شرجيل ميمڻ

    سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وفاقي حڪومت محدود وسيلن باوجود بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏنو آهي، سنڌ جي بجيٽ به عوام دوست هوندي، ن ليگ وارن بجيٽ اجلاس ۾ اُهي چوڙيون حڪومتي بينچن ڏانهن اڇلايون جيڪي چوڙيون پائي شريف ڀائر ڏهه سال اڳ ملڪ آمر حوالي ڪري ڊيل وسيلي عوام کي اڪيلو ڇڏي ٻاهر هليا ويا هئا، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران صوبائي وزير چيو ته شريف ڀائر اقتدار جي حوس ۾ پ پ حڪومت خلاف واويلا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پنجاب ۾ سستي روٽي جي آڙ ۾ 44 ارب رپيا هڙپ ڪري اُهي رائيونڊ محل تي خرچ ڪيا ويا آهن. شريف ڀائر قوم سان ڪوڙ ڳالهائي ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ بند ڪن. حمزا شهباز جو نالو ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ کنيو وڃي پيو، هن چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف وچ ۾ خانداني ڇڪتاڻ جي سزا عوام کي نه ڏني وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 جون

    ڊرون حملن خلاف ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

    ڪراچي ۾ جماعت اسلامي ڊرون حملن خلاف ٻئي ڏينهن به ڌرڻو هنيو، جنهن کي خطاب ڪدني جماعت اسلامي پاڪستانجي امير سيد منور حسن چيو ته جڏهن حڪومت سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ پارليامينٽ جي قرارداد تي عمل نه ڪندي ته پوءِ فيصلا ڌرڻن جي ذريعي روڊن تي ٿيندا. ملڪ مان آمريڪي مداخلت جو خاتمو طالبان پارليامينٽ ۽ جماعت اسلامي جو گڏيل مطالبو آهي. عوام ڌرڻن ۾ شرڪت ڪري ثابت ڪيو آهي ته ملڪ ۾ آمريڪا جي غلامن لاءِ ڪائي جڳهه نه آهي. آمريڪا افغانستان ۾ پنهنجي شڪست جو بدلو پاڪستان کان وٺڻ چاهي ٿو. حڪومت نيٽو جي سپلاءِ بند ڪري ڀارت پاڪستان خلاف سازشون ڪري رهيو آهي ۽ آپگهاتي بمبار موڪلي رهيو آهي پاڪستان جو 18 ڪروڙ عوام ڀارت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اڳيون ڌرڻو گجرانوالا ۾ هنيو ويندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 جون

    10 جون تي پيش ٿيندڙ سنڌ بجيٽ ۾ 10 کان 15 ارب خسارو،هن دفعي به ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ خاص پئڪيج

    سنڌ جي نئين مالي سال جي بجيٽ 10 جون تي سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ زرعي آمدني ٽي ٽئڪس هئڻ بابت اڃا تائين حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، نئين مالي سال جي سنڌ بجيٽ ۾ پگهارن، الائونسز ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌاروڪيو ويندو،جڏهن ته سنڌ ۾ ينگ ڊاڪٽرز جي پگهارن م 6 کان 8 هزار روپيا واڌارو ڪيو ويو آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ 10 کان 15 ارب روپين جو خسارو متوقع آهي، جڏهن ته بجيٽ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو خاص پئڪيج رکيو ويو آهي، جنهن ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان 45 ڪروڙ روپين جو منصوبو ۽ نوان گهر تعمير ڪرڻ لاءِ پڻ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ جو منصوبو شامل آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 جون

    هيل ٻوڏ آئي ته وڏي تباهي ايندي،نئين بجيٽ اميرن جي ڀلائي لاءِ آهي: پير پاڳارو

    حرن جي روحاني پيشوا ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته منهنجي جيئري ڪوبه پاڳارو نٿو ٿي سگهي، آءُ پاڳارو موجود آهيان، نه وري ڪو پاڻ مرادو اعلان ڪري پاڳارو ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ جماعت جو هڪ طريقو موجود هوندو آهي.پاڳاري جي چونڊ لاءِ خليفا فيصلو ڪندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڪنگري هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائنيدي ڪيو.پير پاڳاري چيو ته مونکي چئن پٽن ۽ چئن نياڻين جو اولاد آهي، مونکي خبر ناهي ته پاڳاري ۽ جماعت خلاف ڪير غلط افواهون پکيڙي رهيو آهي.انهن اڦواهن تي توجهه نه ڏيڻ گهرجي، ڇو ته پاڳارو آءُ موجودآهيان. مان مري وڃان يا وري ڪو مون کي ماري زوري پاڳارو ٿئي ته اها ٻي ڳالهه آهي.هن چيو ته مون ۽ منهنجي ساهرن وچ ۾ڪي به اختلاف نه آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 2 جون

    اڳواڻن جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪراچي فش هاربر تي سوين مهاڻن جو مظاهرو، ڌرڻو

    راچي ۾ اغوا بعد قتل ڪيل ٻن مهاڻن اڳواڻن عبدالغني ۽ حاجي ابوبڪر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن ڪراچي فش هاربر تي سوين مهاڻن پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين محمد علي شاهه، سعيد بلوچ، يوسف ڪڏاڻي ۽ طاهره علي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ۽ مارچ ڪري فشرمينز ڪوآپريٽو سوسائٽي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي مطالبو ڪيو ته مهاڻن اڳواڻن جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. مظاهري ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي فش هاربر تي مهاڻن احتجاجن هوڙن تي ڪارا جهنڊا چاڙهي ڪنارن تي بيهاري وڏي تعداد م مظاهري ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مهاڻن جي وڏي احتجاجي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي مرڪزي چيئرمين محمد علي شاهه چيو ته ٿاڻي تي قاتل حاجي يونس ۽ ذوالفقار يونس کي ايف آءِ آر ۾ جوابدار ڄاڻايو ويو، پر پوليس ۽ چونڊيل نمائندا قاتلن کي تحفظ فراهم ڪندي کين گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button