ڪراچي
-
جون- 2011 -24 جون
نان ٽيڪنيڪل مينجمنٽ اسٽاف سبب ڪي اي ايس سي جو ڊسٽري بيوشن وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي: تاج حيدر
پاڪستان پيپلزپارٽيءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر پاران ڪي اي ايس سي جي ڊسٽري بيوشن سسٽم تي سخت تشويش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نان ٽيڪنيڪل مينجمنٽ ۽ آئوٽ سورس ذريعي ورتل غير هنرمند اسٽاف سبب ڪي اي ايس سي جو ڊسٽري بيوشن وڌيڪ خراب ٿي ويو آهي. هن چيو ته مون سون سيزن اچي رهيو آهي پر ڪي اي ايس سي انتظاميه سمر سيزن ۽ مون سون سيزن جي پيشگي تياري نه ڪئي نجڪاري کان اڳ ڪي اي ايس سي انتظاميه سياري جي موسم ۾ سڄي ڊسٽري بيوشن سسٽم جي مينٽيننس ۽ اوور هالنگ ڪندي هئي ته جئين مون سون سيزن ۽ سخت گرمين جي موسم جو مقابلو ڪري سگهجي ۽ عوام کي بجلي جي مسلسل فراهمي ممڪن ٿي سگهي. واضح رهي ته وقت تي مينٽيننس ۽ تارن جي تبديلي وغيره نه ٿيڻ سبب ڪي اي ايس سي جو ڊسٽري بيوشن سسٽم پراڻو ۽ آئوٽ ديٽيڊ آهي.
وڌيڪ پڙھو -
23 جون
عورت اسپيڪر آهيان،ميمبر چوڻ نه ٿا وٺن:شهلا رضا
سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران اربع تي هڪ مرحلي تي ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي شهلا رضا ان ڳالهه تي ڪاوڙجي پئي ته ڏسو صفحو3 نمبر18 ميمبرن کيس ليڊي اسپيڪر سمجهي سندس ڳالهه نه ٿا مڃين. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بجٽ تقرير دوران ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته ايوان ۾ گوڙ ٿي رهيو آهي هو تقرير نه ٿو ڪري سگهي. ڊپٽي اسپيڪر جاويد شاه جيلاني ۽ ٻين ميمبرن کي چيو ته اهي پنهنجي نشستن تي هليا وڃن ان تي جاويد شاه ڊپٽي اسپيڪر کي چيو ته اوهان هر ڀيري منهنجو نالو ڇو پيا وٺو. شهلا رضا ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته مان عورت اسپيڪر آهيان ان لاءِ منهنجي ڳالهه نه ٿي ٻڌي وڃي. وزير قانون اياز سومرو چيو ته ميڊم سوري شهلا رضا چيو ته مان عورت اسپيڪر آهيان ان لاءِ پهريان ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون پوءِ سوري چيو وڃي ٿو.
وڌيڪ پڙھو -
19 جون
فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن لاءِ رکيل گورنر فنڊ ۾ سنڌين لاءِ ليجنڊ نالي ڪا شيءِ ناهي، پڇاڻو ٿيڻ کپي:سسئي پليجو
ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آهي ته اديب اهم آهن، اديبن ۽ شاعرن کي جيتري به مڃتا ڏجي اها گهٽ آهي، ثقافت کاتي کانسواءِ شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن لاءِ ٻين ادارن سنڌي ادبي بورڊ ۽ ليجنڊ فنڊ رکيل آهن، ليجند فنڊ جو چيف پيٽرن گورنر آهي، پر ان کان ڪڏهن پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي. ڇو ته رقم ته سنڌ گورنمينٽ جي آهي. هن اهڙو اظهار مقامي هوٽل ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران ادبي انعام 2010ع ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سسئي پيلجو چيو ته ايوارڊ ڏيڻ واري روايت هر اداري پاران هئڻ گهرجي، جڏهن ته تنقيد براءِ تنقيد نه پر تنقيد براءِ اصلاح هئڻ گهرجي.هن وڌيڪ چيو ته صوبائي خودمختياري جو عملي مظاهرو ڪيو، وفاقي حڪومت ۾ ڪجهه اهڙا به ذهن ويٺا آهن، پاڻي جو اشو هجي يا ڪو ٻيو اشو هجي ان ۾ ضرور ٽنگ اڙائيندا. هن چيو ته سال ۾ اسان ڪيترن ئي اديبن شاعرن کي علاج طور مالي مدد ڪئي آهي، جنهن جو مثال ڪنهن به حڪومت ۾ به نٿو ملي.
وڌيڪ پڙھو -
19 جون
تعليم واري صوبائي وزير جي خاتون ميمبر سان بدتميزي
سنڌ اسيمبلي ۾ تعليم واري صوبائي وزير جي رويي خلاف مخالف ڌر طرفان بجيٽ اجلاس ۾بائيڪاٽ ۽ وڏي وزير جي تقرير دوران هل هنگامو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي،ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)،سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس ڪالهه ڇنڇر ڏينهن به بجيٽ تي عام بحث جاري رهيو، اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبر سيده ماروي راشدي بجيٽ تي پنهنجي تقرير جي دوران ٻڌايو ته هڪ ٽي وي چينل ڏيکاريو آهي ته تعليم وارو وزير پير مظهر الحق اسيمبلي اندر آءِ پيڊ تي ڊانس جي فلم ڏسي رهيو آهي، جيڪا شرم جهڙي ڳالهه آهي، هن جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته صوبائي وزير پير مظهر الحق ايوان ۾ موجود نه هو، جڏهن ٿوري دير بعد هو ايوان ۾ آيو ته هن ذاتي وضاحت تي ڳالهائيندي چيو ته مونکي سڄي زندگي ان ڳالهه جو افسوس رهندو ته آئون هڪ اهڙي اسيمبلي ۾ اچي ويو آهيان، جنهن ۾ ٻارڙا اچي ويا آهن، جن کي ڳالهائڻ جي به تميز ناهي. ان تي مخالف ڌر جي اڳواڻ ڄام مدد علي چيو ته پيرمظهر کي ان ٽي وي فوٽيج جي ترديد ڪرڻ گهرجي
وڌيڪ پڙھو -
19 جون
پي اين ايس مهراڻ حملي ۾ مارجي ويل چارئي دهشتگرد ن جي ڊي اين اي رپورٽ پڌري
پاڪ بحريه جي بيس پي اين ايس مهراڻ تي حملو ڪندڙ دهشتگردن ۾ ڪوبه پاڪستاني نه آهي حملي ۾ مارجي ويل چئن دهشتگردن جي ڊي اين اي رپورٽ پوليس کي ملي ويئي چار ئي دهشتگرد پرڏيهي هئا خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب پوليس کي مليل ڊي اين اي رپورٽ موجب پي اين ايس مهراڻ تي حملو ڪندڙ چار ئي دهشتگرد پرڏيهي هئا رپورٽ موجب دهشتگردن جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ جسم مان 2 نمونا ورتا ويا هئا جنهن ۾ هڪ نمونو سندن قوميت لاءِ ۽ ٻيو نمونو سندن خاندان جي حوالي سان ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ورتو ويو آهي جڏهن ته اسلام آباد ۾ ٿيل ٽيسٽ جي رپورٽ موجب دهشتگردن جو پاڪستان سان ڪوئي تعلق نه آهي.
وڌيڪ پڙھو -
15 جون
آءِ جي اسلام آباد واجد دراني آءِ جي سنڌ مقرر، چارج سنڀالي ورتي
ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڊي جي رينجرز ۽ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ کان پوءِ آءِ جي اسلام آباد واجد دراني کي آءِ جي سنڌ پوليس مقررڪيو ويو آهي،ذريعن موجب، واجد دراني جلد پنهنجي عهدي جو چارج سنڀالي ورتي آهي واضح رهي ته واجد دراني مرتضيٰ ڀٽو قتل دوران ايس ايس پي سائوٿ مقرر هو جڏهنته ڪيس جي ايف آءِ آر به هن مٿان داخل آهي ۽ گرفتار به ٿيو هو ذريعن موجب، ڪاراچي ۾ رينجرز جي هٿان نوجوان جي قتل کانپوءِ آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز کي هٽايو ويو هو
وڌيڪ پڙھو -
15 جون
سنڌ اسيمبلي ۾ صوبي مان ڌارين کي تڙي ڪڍڻ ۽ ضلعن کي برابر حصو ڏيڻ جو مطالبو
: سنڌ اسيمبليءَ مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ آيل ڌارين کي آئين موجب نيڪالي ڏني وڃي، سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ آيل ڌارين کي آئين موجب صوبي مان تڙي ڪڍي واپس پنهنجي علائقن ۾ اماڻيو وڃي، اهي مقامي آبادين جي ماڻهن جي وسيلن ۽ نوڪرين تي قابض آهن، جڏهن ته سيدخالد احمد چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ روڊ نه ٺهيا آهن، مٽي وجهي روڊ ٺاهيا ويا آهن، انهن علائقن کي ايندڙ ترقياتي بجيٽ ۾ اهميت ڏني وڃي. ڪراچي تي آبادي جو ايترو بار بڻجي چڪو آهي جو هاڻي سنڌين کي بس ۾ به ويهڻ جي جاءِ نٿي ملي. انهن بابت آئين جي آرٽيڪل 15 تحت واضح لکيل آهي، ان تي عمل ڪيو وڃي. امن امان جي صورتحال به خراب آهي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ٻيهر گهرو وزير بڻائڻ جو پڻ سنڌ اسيمبلي ۾ مطالبو ڪيو ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ميمبرن مڪاني چونڊون ڪرائڻ، زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ امداد جي اگهه گهٽ ڪرڻ ۽ ترقياتي اسيڪمن ۾ سمورن ضلعن کي برابري جو حصو ڏيڻ، جڏهن ته لاڙڪاڻي، بينظير آباد، لياري، گڏاپ، ڪياماڙي کي ڪراچي کان وڌيڪ فنڊ ڏيڻ تي سخت…
وڌيڪ پڙھو -
14 جون
صوماليه ۾ سامونڊي ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل چئن پاڪستانين سميت 22 ماڻهو ڀنگ ڀري آزاد
صوماليه ۾ سامونڊي ڌاڙيلن وٽ قيد بڻيل چئن پاڪستانين سميت 22 ماڻهو پاڪستان حڪومت جي ڪوششن سان آزاد ٿي ويا، 9 مهينا اڳ سامونڊي ڌاڙيلن جهاز کي ڪيپٽن وصي ۽ مسافرن سميت يرغمال بڻائي ورتو هو، جن رقم جي ادائيگي تي يرغمالين کي جهاز سميت ڇڏي ڏنو آهي. مغوين جي آزادي جو اعلان گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ سماجي اڳواڻ انصار برني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ته متاثر خاندان جي اکين مان خوشي جا ڳوڙها نڪري آيا، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد چيو ته مغوين جي آزادي لاءِ 11 لک ڊالر رقم ادا ڪئي وئي، جڏهن ته انصار برني صدر آصف علي زرداري، مصر ۾ پاڪستاني سفارتڪار ۽ ڊاڪٽر عشرت العباد جو شڪريو ادا ڪندي سندن ڪوششن کي ساراهيو
وڌيڪ پڙھو -
13 جون
آءِ جي ۽ ڊي جي رينجرز کي بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت سرگرم
سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ فياض لغاري ۽ ڊي جي رينجرز اعجاز چوڌري کي سپريم ڪورٽ پاران هٽائڻ واري فيصلي تي نظرثانيدرخواست داخل ڪرڻ لاءِ مسودو تيار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سنڌ حڪومت طرفان آءِ جي سنڌ فياض لغاري جي بچاءَ لاءِ داخل ٿيندڙ درخواست جي پيروي لاءِ پ پ اڳواڻ ۽ قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي وڪيل مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڊي جي رينجرز حوالي سان ايڊيشنل اٽارني جنرل ڪي ڪي آغا درخواست فائل ڪندو. ذريعن موجب درخواست ۾ چيو ويو آهي ته پاڻ مرادو نوٽيس تي ڌرين کي ٻڌڻ کان سواءِ سپريم ڪورٽ فيصلو ڏيڻ جو حق نه ٿي رکي
وڌيڪ پڙھو -
12 جون
پير مظهر جا ٺلھا آسرا، واعدو نه پاڙيو ، نه سمري تي صحي ٿي،ٺلهن آسرن سبب طارق جي حياتي کسجي وئي
سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار طارق عالم ابڙي کي پرڏيهه مان علاج لاءِ سنڌ سرڪار آخر تائين آسرن ۾ رکيو، سنڌ سرڪار توڙي ثقافت کاتي جي بي حسي طارق عالم کان حياتي کسي، تفصيل موجب طارق عالم کي فيبروري ۾ گڙدن جي تڪليف وڌڻ سبب ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي چيڪ اپ کانپوءِ جگر جي ختم ٿي وڃڻ جو پڻ ٻڌايو ۽ ڊاڪٽر اديب طارق عالم کي جگر ۽ گڙدن جي آپريشن لاءِ پرڏيهه ۾ علاج جي صلاح ڏني ۽ ان تي 60 لک خرچ اچڻ جو ٻڌايو ان دوران مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر طارق عالم سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان کي چيو ته مون کي رٽائر ڪريو يا سرڪاري طور تي پرڏيهه مان علاج ڪرايو، جنهن بعد صوبائي وزير وزير اعليٰ سنڌ کي طارق عالم جي پرڏيهه مان علاج جي سفارش ڪئي، جنهن تي وزيراعليٰ سنڌ جي حڪم تي ڪيترن ئي ڏينهن بعد صحت کاتي جو ميڊيڪل بورڊ 5 مئي تي ويٺو
وڌيڪ پڙھو