ڪراچي

  • جولائی- 2011 -
    16 جولائی

    سنڌ ۾ ڪهنن اهڙي شخص کي گورنر مقرر ڪيو وڃي، جيڪو سنڌ جي بهتر مفاد ۾ ڪم ڪري سگهي: پير پاڳاري

    پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه پير پاڳاري چيو آهي ته سنڌ ۾ گورنر جي عهدي تي اهڙي ماڻهو کي مقرر ڪيو وڃي، جيڪو صوبي جي عوام جي حقيقي معنيٰ ۾ خدمت ڪري سگهي. صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ تي توجهه ڏنو وڃي. اها ڳالهه پير پاڳاري ڪالهه ڪنگري هائوس تي پيپلزپارٽي جي سينيئر وزيرتعليم پير مظهرالحق جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ پ پ جي هڪ وفد سان چئي. وفد ۾ تاج حيدر، راشد رباني ، ايم پي اي غلام محمد شهلياڻي شامل هئا. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ڪنگري هائوس پهچي سنڌ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي پيرپاڳاري کي مٺائي کارائي ۽ ڪراچي۾ امن امان جي صورتحال، صوبي جي سياسي معاملن ۽ سنڌ ۾ نئين گورنر جي مقرري بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پير صاحب پاڳاري چيو ته سنڌ ۾ ڪهنن اهڙي شخص کي گورنر مقرر ڪيو وڃي، جيڪو سنڌ جي بهتر مفاد ۾ ڪم ڪري سگهي. فنڪشنل مسلم ليگ ان جي حمايت ڪندي. ذريعن موجب وفد پير صاحب پاڳاري کان سنڌ ۾ نئين گورنر جي مقرري جي حوالي سان تجويزون ورتيون. ان موقعي تي صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سينيئر…

    وڌيڪ پڙھو
  • 12 جولائی

    حڪومت ڏوهارين کي برداشت نه ڪندي، عوام جي تحفظ لاءِ سخت کان سخت قدم کڻندي:رحمان ملڪ

    وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ جي صدارت هيٺ ڪالهه وزير اعليٰ هائوس ۾ ڪراچي ڊويزن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي عهديدارن شرڪت ڪئي، رحمان ملڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته صدر آصف علي زرداري واضح هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ هر صورت ۾ پرامن حالتن کي يقيني بڻايو وڃي، انهي حوالي سان بنا ڪنهن متڀيد ۽ بنا ڪنهن سياسي وابستگي جي ڏوهاري، تخريبڪارن، ڏوهارين ۽ عوام دشمن عنصرن جي ختمي لاءِ قدم کنيا وڃن، حڪومت عوام جي خواهشن ۽ سندن ووٽن جي ڪاميابي سان ماڻهن جي فلاح ۽ خدمت لاءِ ڪوشان آهي پر ڪجهه عنصر نٿا چاهين ته پ پ پنهنجو مدو پورو ڪري حڪومت بينظير ڀٽو جي ويزن تحت مفاهمت جي پاليسي تي عمل ڪيو ۽ انهي تي عمل پيرا آهي، رحمان ملڪ واضح ڪيو ته اسان ڪنهن سان وڙهڻ نٿا چاهيون، مفاهمت جي پاليسي تي عمل پيرا آهيون ڇو ته ملڪ مخالفت، تڪرار، ٽڪراءٌ نفرتن کي برداشت نٿو ڪري سگهي، حڪومت ڏوهارين کي برداشت نه ڪندي، پ پ ڪڏهن به پنهنجي عزت کي پائيمال ڪري دوستن کي پروان نه چاڙهيندي، حڪومت بيگناهه ۽ معصوم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ سخت کان سخت قدم کڻندي، ڪراچي ۾ امن ۽ عوام دشمن…

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 جولائی

    سنڌ ۾ ڪمشنري نظام لاڳو:ڊڪٽيٽر مشرف جو نظام ختم، حيدرآباد سميت ٽوڙيل ضلعا اصل حالت ۾ بحال

    سنڌ جي وقتي گورنر سنڌ ۾ ڪمشنري نظام جي بحالي جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گورنر پوليس ايڪٽ 1861ع ۽ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979ع ۽ لينڊ روينيو ايڪٽ 1967ع جي بحالي جا ٻه آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيا آهن. جنهن سان حيدرآباد سميت سنڌ ۾ ورهايل ضلعا اصلي حالت ۾ بحال ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪراچي جا 18 ٽائون ختم ٿي ويا آهن ۽ ڪراچي اصل حالت ۾ 5 ضلعن ۾ ورهائجي ويو آهي. ڪالهه سنڌ جي وقتي گورنر نثار احمد کهڙو 3 مختلف آرڊيننس تي صحيحون ڪيون، جنهن سان ڪمشنري نظام، سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979ع ۽ پوليس ايڪٽ 1861ع بحال ٿي ويا آهن، جڏهن ته پوليس آرڊر 2002 ۽ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2001ع ختم ٿي ويا آهن، ناظمن وارو نظام ختم ٿي ويو آهي. جڏهن ته لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 1979ع جي بحالي سان حيدرآباد ضلعي جي پراڻي حيثيت بحال ٿي وئي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 جولائی

    متحده پاران حڪومت ۾ واپسي لاءِ مصطفيٰ ڪمال کي گورنر بنائڻ ۽ مڪاني چونڊون ڪرائڻ سميت 8 شرط پيش

    صدر آصف علي زرداري جيڪو هن وقت برطانيا جي دوري تي آهي، اهو سڀاڻي لنڊن کان سڌو ڪراچي پهچندو جتي هو سنڌ ڪابينا ۽ پ پ سان تعلق رکندڙ ايم پي ايز سان گڏجاڻيون ڪري صوبي جي موجوده ۽ ايم ڪيو ايم جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، صدر سان پارٽي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري ۽ گهرو وزير رحمان ملڪ به ڪراچي پهچندا، اهي اهڃاڻ مليا آهن ته ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ واپس اچڻ جو اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي، چيو وڃي ٿو ته هنن 8 شرط رکيا آهن جن ۾ عشرت العباد جي جاءِ تي مصطفيٰ ڪمال کي گورنر بڻائڻ، سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي وزيرن کي اختيار ڏيڻ ۽ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ وغيره شامل آهن، سنڌ جو وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه صدر سان ملاقات ۾ متحده جا اهي شرط کيس پيش ڪندو جنهن تي غور فڪر بعد ڪو فيصلو ڪيو ويندو. حڪومت اڳ ۾ ئي چئي چڪي آهي ته سنڌ جو گورنر اهو مقرر ڪيو ويندو جيڪو متحده کي به قابل قبول هوندو،

    وڌيڪ پڙھو
  • 1 جولائی

    گورنر سنڌ جي استعيفيٰ معمو بڻجي ويو

    سنڌ جي وقتي گورنر نثار کهڙو چيو آهي ته متحده قومي موومينٽ جي وزيرن جون استعيفائون قبول ڪرڻ جو اڃا ڪو فيصلو ناهي ڪيو، متحده پاران وزارتن تان استعيفائون ڏنيون ويون آهن. هنن اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفائون ناهن ڏنيون. هن چيو ته متحده جي وزيرن جو استيعفائون منظور ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ڪوبه وقت مقرر ناهي، متحده سان استيعفائن جي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِڳالهيون جاري آهن. وقتي گورنر نثار کهڙو چيو ته گورنر استعيفيٰ ڏئي يا نه ڏئي پر آئون وقتي گورنر آهيان، 18هين ترميم تحت وقتي گورنر جو عهدو سنڀاليو آهي، نثار کهڙو وڌيڪ چيو ته گورنر 8 ڏينهن موڪل گذارڻ لاءِ دبئي ويو آهي، هن جي استعيفيٰ اڃا تائين وصول نه ٿي آهي جيڪڏهن ان جي استعيفيٰ وصول ٿئي ها ته صدر مملڪت کي موڪلي وڃي ها

    وڌيڪ پڙھو
  • 1 جولائی

    قاضي اسد عابد کي سنڌ جي نمائندي طور پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو

    : حڪومت پاڪستان، عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ ايڊيٽر انچيف قاضي اسد عابد کي سنڌ صوبي جي نمائندي طور پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر طور نامزد ڪندي فوري طور تي اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهو نوٽيفڪيشن ٽن سالن تائين جاري رهندو. هوڏانهن سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق، صوبائي وزير سسئي پليجو، ايم پي اي راءِ ناز بوزردار ۽ صوبائي وزير عبدالحق ڀرٽ چيئرمين عبرت گروپ آف پبليڪيشن قاضي اسد عابد کي حڪومت پاڪستان پاران پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر طور ٽن سالن لاءِ مقرر ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته قاضي اسد عابد هميشه وانگر پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2011 -
    28 جون

    ايم ڪيو ايم طرفان ھڪ دفعو ٻيهر حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان:گورنر به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي،اپوزيشن ۾ ويهڻ جو فيصلو

    ايم ڪيو ايم حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ، سنڌ جي گورنر استعيفا ڏيئي ڇڏي ، متحده وفاقي ءِ صوبائي ڪابينا مان استعيفائن کان پوءِ مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهي نئين صف بندي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . ڪالهه سومر ڏهاڙي اهڙو اعلان ڪراچي ۽ لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪاميٽي جي هڪ ئي وقت ٿيل اجلاس کانپوءِ پارٽي جي مرڪزي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر فاروق ستار متحده جي مرڪز نائن زيرو ۾ رابطا ڪاميٽي جي ٻين ميمبرن سان گڏ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو. پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ٻن تڪن جي ڪراچي ۾ پولنگ کي ملتوي ڪرڻ واري عمل کي پ پ حڪومت جو غير جمهوري حربو سمجھي ٿي ان حوالي سان وفاقي گھرو وزير رحمٰن ملڪ لاڳيتو ايم ڪيو ايم جي قيادت سان رابطي ۾ هو. حڪومت متحده کي مجبور ڪري رهي هئي ته آزاد ڪشمير جي ٻن مان هڪ سيٽ پ پ اميدوار کي ڏني وڃي ءِ اسانکي پهريان ئي ٻڌايو ويو هيو ته جيڪڏهن اسانجي اميدوار هڪ سيٽ تان هٿ نه کنيو ته پوءِ چونڊون ملتوي ڪرايون وينديون

    وڌيڪ پڙھو
  • 27 جون

    حڪومت جي تباهي شروع ٿي وئي، پ پ جي بدمعاشي نه هلندي: الطاف حسين

    ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين آزاد ڪشمير ۾ ٿيل چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي نئين سر چونڊن جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حڪومت جي تباهي شروع ٿي وئي آهي. رياستي آپريشن سان ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ واري سوچ ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي. پ پ وارن جي بدمعاشي نه هلندي. ڪراچي ۾ جنرل ورڪرز ڪنوينشن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي الطاف حسين وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪراچي ۾ آزاد ڪشمير جي چونڊن لاءِ سيٽ گهري ۽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ چونڊ ملتوي ڪرائڻ جي ڌمڪي ڏني. هن چيو ته ايم ڪيو ايم سيٽ ڪهڙي خوشي ۾ پ پ کي ڏئي. سيٽ نه ڏيڻ ڪري چونڊ ملتوي ڪرائي وئي ۽ ايم ڪيو ايم تي مسلسل دٻاءُ وڌو ويو ۽ ايم ڪيو ايم کي چونڊن جي بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن چيو ته حڪومت چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي نئين سر چونڊ ڪرائي. چيف جسٽس به نوٽيس وٺي. ايم ڪيو ايم چونڊن خلاف درخواست داخل ڪرائيندي. هن چيو ته رياستي طاقت سان ڪرايل چونڊ غير قانوني آهي. هن چيو ته صدر کي ايم ڪيو ايم نامزد ڪيو ان جي سزا ڏني پئي وڃي. وزير اعظم جي به حمايت ڪئي وئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 جون

    بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏيڻ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور، راڻا ثناءُ الله جي برطرفي جو مطالبو

    سنڌ اسيمبلي اڳوڻي وفاقي وزير بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏيڻ خلاف اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. جنهن ۾ پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُالله جي بيان جي مذمت ڪئي وئي. اهو ٺهراءُ پ پ جي ميمبر نديم احمد ڀٽو پيش ڪيو. ٺهراءُ جي منظوري وقت ايم ڪيو ايم جا ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا. ٺهراءَ ۾ ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي واجب القتل قرار ڏيڻ واري فتويٰ تي سنڌ اسيمبلي جو ايوان پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو راڻا ثناءُالله کي فوري طور تي عهدي تان برطرف ڪن ۽ قائدي جي ڪارروائي ڪن. جيڪڏهن بابراعواڻ سان واقعو پيش آيو ته ان جو ذميوار ۽ جوابده پنجاب حڪومت ۽ راڻا ثناءُ الله هوندو. نديم ڀٽي چيو ته راڻا ثناءُالله غير اخلاقي ۽ غير شرعي فتويٰ ڏني آهي. سڄو ملڪ ڄاڻي ٿو ته راڻا ثناءُ الله جو جهادي تنظيم سان واسطو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 25 جون

    نواز ليگ سياسي نه پر هڪ جهادي تنظيم بڻجي وئي آهي:شرجيل ميمڻ

    سنڌ جي اطلاعات کاتي جي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته نواز ليگ سياسي جماعت نه رهي آهي، اها هڪ جهادي تنظيم بڻجي رهي آهي، هن چيو ته نواز ليگ کي خبردار ٿو ڪريان ته اها پنهنجي بڪواس ختم ڪري. نوازشريف ۽ شهباز شريف طالبان ۽ القائده جا نوان ڪمانڊر بڻجڻ وڃي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ بيان ڏيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مولوي ۽ ملان نوازشريف ۽ شهباز شريف جي سپريم ڪمانڊر راڻا ثناءُ الله الزام هنيو آهي ته صدر آصف علي زرداري جيل مان ڊيل تحت آزاد ٿيو هو، هن چيو ته افسوس آهي ته هن جي يادداشت ڪمزور آهي. ان شخص تي الزام هڻي رهيو آهي، جنهن تي نواز ليگ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ۽ هن بي گناهه هوندي ڪيترائي سال جيل ڪاٽيو. حڪومتي مشينري ۽ ناڻو استعمال ڪيو ويو پر هڪ به ڪيس ثابت نه ڪري سگهيا. هن اسامه کان رقم وٺي آءِ جي آءِ ٺاهي پ پ جي حڪومت کي ختم ڪرايو.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button