ڪراچي

متحده پاران حڪومت ۾ واپسي لاءِ مصطفيٰ ڪمال کي گورنر بنائڻ ۽ مڪاني چونڊون ڪرائڻ سميت 8 شرط پيش

ڪراچي: صدر آصف علي زرداري جيڪو هن وقت برطانيا جي دوري تي آهي، اهو سڀاڻي لنڊن کان سڌو ڪراچي پهچندو جتي هو سنڌ ڪابينا ۽ پ پ سان تعلق رکندڙ ايم پي ايز سان گڏجاڻيون ڪري صوبي جي موجوده ۽ ايم ڪيو ايم جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، صدر سان پارٽي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري ۽ گهرو وزير رحمان ملڪ به ڪراچي پهچندا، اهي اهڃاڻ مليا آهن ته ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ واپس اچڻ جو اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي، چيو وڃي ٿو ته هنن 8 شرط رکيا آهن جن ۾ عشرت العباد جي جاءِ تي مصطفيٰ ڪمال کي گورنر بڻائڻ، سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي وزيرن کي اختيار ڏيڻ ۽ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ وغيره شامل آهن، سنڌ جو وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه صدر سان ملاقات ۾ متحده جا اهي شرط کيس پيش ڪندو جنهن تي غور فڪر بعد ڪو فيصلو ڪيو ويندو. حڪومت اڳ ۾ ئي چئي چڪي آهي ته سنڌ جو گورنر اهو مقرر ڪيو ويندو جيڪو متحده کي به قابل قبول هوندو، صدر صوبائي ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺي ڪو فيصلو ڪندو، اهي به اطلاع آهن ته پ پ سان واسطو رکندڙ ايم پي ايز ڪراچي پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، نوابشاهه سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن جي هڪ بار بي ڪيو ۾ لنچ جي موقعي تي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، صدر سان ڪراچي ۾ اڳوڻو گهرو وزير ۽ پ پ سنڌ جو سينئر نائب صدر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سينئر وفاقي وزير مخدوم امين فهيم به جدا جدا ملاقاتون ڪندا.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button