ڪنڊيارو
-
جولائی- 2012 -16 جولائی
ڪنڊيارو جي ڪچي واري علائقي ۾ ڳوٺ مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ
ڪنڊيارو جي ڪچي واري علائقي ڪمالديرو طرف ڳوٺ مڏ مٿان 9 هٿياربندن هلان ڪري ڳرن ۽ جديد آٽوميٽڪ هٿيارن سان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جيڪا لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهي جنهن سبب سڄي علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پڻ ڇائنجي ويو
وڌيڪ پڙھو -
16 جولائی
ڪنڊيارو ۾ گهر کي پر اسرار نموني باھ
ڪنڊيارو جي مهيسر محله ۾ پراسرار نموني سڪندر پنهور جي گهر کي باهه لڳي وئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي مگر خوشقسمتيءَ سان ڏينهن هجڻ ۽ پاڙيسرين جي بروقت همٿ سبب وقتائتي فائربرگيڊ پهچي باهه کي ضابطي ۾ آڻي ورتو
وڌيڪ پڙھو -
16 جولائی
ڪنڊيارو ويجهو ھڪ ٻار گھر جي ڇت تان ڪري زخمي
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ نئين بکري ۾ 8 ورهيه نينگر فراز حسين پٽ الهرکيو سومرو گهر جي ڇت تان ڪرڻ سبب زخمي ٿي پيو،جنهن کي ڪنڊيارو جي تعلقه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
پيار جي پرڻي سبب هلندڙ تڪرار ۾ ٻيهر تيزي اچي ويئي
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ خانڻ سولنگي ۾ پيار پرڻي سبب 15 سالن کان هلندڙ تڪرار ۾ ٻيهر تيزي اچڻ سبب فائرنگ جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڀر واري ڳوٺ ۾ ٻج ڏسڻ لاءِ ويندڙ ڳوٺ جمعي ڪلهوڙو جو رهائشي ميهر ڪلهوڙو گولي لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
ليمن جي چوري، پوليس جي ڪاھ
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ پپري ۾ ليمن چوري جي الزام هيٺ جاسوسي ڪتن وسيلي پيرا کڻندي ڪمالديرو پوليس ۽ ڪليري برادري جي ماڻهن شهزور،روشن ۽ ظهير ڪليري جي اڳواڻيءَ ۾ ڪلهوڙا برادري جي گهرن مٿان چڙهائي
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
ڪنڊيارو: بوزدار وڏا پريس ڪلب جي نائب صدر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت
پريس ڪلب ڪنڊيارو جو هڪ هنگامي اجلاس صدر اياز عباسي جي صدارت هيٺ ٿي گذريو، جنهن ۾ بوزدار وڏا پريس ڪلب جي نائب صدر رجب علي شينو مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي،ڦرلٽ ۽ پوليس پاران مذڪوره واقعي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ وارن عملن جي سخت لفظن ۾ مذمت
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
ڪنڊيارو ۾پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ جو تعلقه يونٽ کوليو ويو
ڪنڊيارو ۾ مختلف سياسي،سماجي ۽ مذهبي تنظيمن بعد وڏي عرصي کان پوءِ پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ جو تعلقه يونٽ کوليو ويو
وڌيڪ پڙھو -
15 جولائی
سنڌ صحافي سنگت تعلقي ڪنڊيارو جون چونڊون
سنڌ صحافي سنگت تعلقي ڪنڊيارو جون چونڊون مرڪزي نائب صدر محمد بچل هڱورو جي نگراني هيٺ پريس ڪلب ڪنڊيارو ۾ ٿي گذريون
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2011 -5 جون
ڪنڊياري ڀرسان مزدوري تي ويندڙ همراهه گوليون هڻي قتل
ڪنڊيارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ پڪا گهانگهرا وٽ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري گهران مزدوري لاءِ نڪتل 40 ورهين جي ڳوٺاڻي محمد محمد بچل گهانگهري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي تعلقي اسپتال پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم لاءِ ليٽر نه ملڻ خلاف مقتول جي وارثن قومي شاهراهه تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، بعد ۾ پوليس ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرائي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن مقتول جي ڀاءُ منٺار گهانگهرو جي فرياد تي ٻن ڀائرن حبيب الله ۽ روشن گهانگهرو سميت صوبوگهانگهرو ۽ ٻن نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن پراڻي دشمني تان سندس ڀاءُ کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو هو.
وڌيڪ پڙھو