ڪنڊيارو
-
جولائی- 2012 -21 جولائی
عطائي ڊاڪٽر جي غفلت، نينگر اجل راھي
ڪنڊيارو شهر جي شاهه لطيف ڪالوني جو 7 ورهيه نينگر عدنان جهانگير شاهه کي پيٽ ۾ سور پوڻ سبب هڪ عطائي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي آندو ويو جتي مذڪوره عطائي ڊاڪٽر پاران ڊرپ چاڙهڻ جي ٿوري ئي دير ۾ سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي
وڌيڪ پڙھو -
21 جولائی
ڪنڊيارو ۾عجيب ٻار جي پيدائش
ڪنڊيارو جي هڪ عطائي ڊاڪٽر جي خانگي اسپتال ۾ ڪريم شاهه ڪالوني جي رهواسي وين ڊرائيور ارشاد ڏيپر جي گهر واري کي هڪ عجيب الخلقت ٻار پيدا ٿيو آهي جنهن کي اکيون،هٿن،پيرن ۾ چمبا پڻ نه آهن
وڌيڪ پڙھو -
19 جولائی
پيار پرڻي سبب سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو راڄوڻي نبيرو
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ خانڻ سولنگي ۾ پيار پرڻي سبب گذريل 12 سالن کان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو راڄوڻي نبيرو پاڪ ڪتاب تي سردار عثمان خان عالماڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
20 سالن کان پاڻي جي بندش خلاف مظاھرو
ڪنڊيارو تعلقي جي گل مائينر جي سوين آبادگارن پاران گذريل 20 سالن کان وڌيڪ عرصو پاڻي بند هجڻ واري عمل خلاف متاثر آبادگار محمد بخش گهانگهرو،سڪندر سهتو،ڊاڪٽر ماجد سهتو،نبي بخش شاهه،صاحب خان گهانگهرو،امين چانڊيو،مشتاق گهانگهرو،امير بخش وگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سراپا احتجاج ٿيندي رستن تي نڪري آيا
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
قبضي خورن کان بچايو وڃي، ڳوٺاڻن جو احتجاج
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ صالح ڪلو ۾ ملڪيت ۾ حصي جي تڪرار تان ڪلا برادري جي مامي ۽ ڀاڻج وچ ۾ هلندڙ تڪرار سلسلي ۾ ڳوٺاڻي شفيع محمد،علي خان،ظهير ڪلو ۽ ٻين پريس ڪلب ڪنڊيارو پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سندن ڀاڻج علي اڪبر ۽ ان جا ساٿاري محرم،سارنگ،علي حسن ۽ ٻيا هڪ بااثر زميندار جي چرچ تي سندن ڀيڻ کي ورغلائي ملڪيت ۾ حصو وٺڻ بهاني سندن ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
علاج بجاءِ ڊاڪٽر اسپتال مان ڪڍي ڇڏيو، ضعيف عورت جي دانھن
ڪنڊيارو جي نئين بکري پاڙي جي رهواسڻ 70 ورهيه ضعيف بيوهه عورت مسمات آست ملاح پريس ڪلب ڪنڊيارو ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته هوءَ بيوهه ۽ غريب عورت آهي جنهن کي ڪيتريون ئي بيماريون آهن جنهن جي علاج لاءِ اڄ جڏهن ِ سخت تڪليف واري حالت ۾ هوءَ تعلقه اسپتال ڪنڊيارو پهتي ته اتي مقرر بيرحم ڊاڪٽر اصغر شيخ سندس علاج ڪرڻ کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کيس تپاسڻ يا سمجهائڻ بجاءِ کيس گٿا لفظ ڳالهائي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
سيد اسماعيل شاهه راشدي تي حملي خلاف ڪنڊيارو ۾ ڪارڪن رستن تي نڪري آيا، احتجاج
پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي جي نينگر سيد اسماعيل شاهه راشدي ۽ پاڪستان فنڪشنل مسلم ليگ ڊاڪٽرس فورم جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر ممتاز شيخ مٿان ٿيل قاتلاڻن حملن وارن واقعن خلاف ڪنڊيارو ۾ احتجاج
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
ڪنڊيارو: ذوالفقارآباد رٿا خلاف احتجاج
ڪنڊيارو ۾ جسقم جي سڏ تي ذوالفقارآباد رٿا خلاف ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو کان حيدري هوٽل چونڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو پڻ هنيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
پنجاب مان مھمان ٿي آيل ٻار مڇيءَ جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت
محبت ديرو شهر ۾ پنجاب جي ضلعي مظفر ڳڙهه مان مهمان ٿي آيل 15 ورهيه نينگر شڪيل پٽ وسيم راجپوت مڇيءَ جي تلاءَ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي فوت ٿي ويو آهي،جنهن جو لاش تلاءَ مان ڪڍڻ بعد سندس اباڻي شهر اماڻيو پيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
18 جولائی
قبضي خورن کان بچايو وڃي، ڳوٺاڻن جو احتجاج
ڪنڊيارو ويجهو ڳوٺ صالح ڪلو ۾ ملڪيت ۾ حصي جي تڪرار تان ڪلا برادري جي مامي ۽ ڀاڻج وچ ۾ هلندڙ تڪرار سلسلي ۾ ڳوٺاڻي شفيع محمد،علي خان،ظهير ڪلو ۽ ٻين پريس ڪلب ڪنڊيارو پهچي احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته سندن ڀاڻج علي اڪبر ۽ ان جا ساٿاري محرم،سارنگ،علي حسن ۽ ٻيا هڪ بااثر زميندار جي چرچ تي سندن ڀيڻ کي ورغلائي ملڪيت ۾ حصو وٺڻ بهاني سندن ملڪيت تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا
وڌيڪ پڙھو