جوھي
-
مارچ- 2013 -25 مارچ
جوهي: پنهور برادري پاران پي ايس 75 تي آزاد اميدوار بيهارڻ جو فيصلو
جوهي تعلقي جي پنهور برادري جي معززين جي گڏجاڻي گهرائي وئي جنهن ۾ پنهور برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي برادري پاران پي ايس 75 تي علي انور پنهور کي آزاد اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
25 مارچ
ايس يو پي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيا
ايس يو پي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف جوهي جي مختلف سياسي، سماجي، شهرين جون مخدوم بلاول پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
24 مارچ
جوهي: پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري، مظاھرو
جوهي ۾ ليکڪ عزيز ڪنگراڻي جي ڀاء نصرالله جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي پاران غلام قادر لغاري، سلطان کچي،غلا نبي باهوٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
24 مارچ
جوھي ۾ نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
ايس يو پي اڳواڻ ۽ عزيز ڪنگراڻي جي ڀاءُ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سياسي، سماجي ڌڙن پاران غلام قادر لغاري، پير بخش ٻٻر، غلام نبي باھوٽو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو، ٻي طرف تاريخي قبرستان تي قبضو ڪري قبرون مسمار ڪرڻ خلاف شھرين، مذھبي تنظيمن جي اڳواڻ سيد نور محمد شاھ جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
24 مارچ
من پسند نگران سيٽ ڌانڌلي ڪرائڻ لاءِ آندو ويو آھي، پ پ (ش ڀ)
پ پ (شھيد ڀٽو) پاران پي پي پي ۽ ايم ڪيو ايم پاران من پسند نگران وزير اعليٰ آڻڻ خلاف خلاف ھاشم کوسو، سراج ٻٻر، مجيد ٻٻر، جاويد کوسو جي اڳواڻي ۾ مخدوم بلاول پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
24 مارچ
جوهي جي قديمي (ميرن) جي قبرستان تي قبضا مافيا پاران هڪ دفعو ٻيهراڏواتي ڪم
جوهي جي قديمي (ميرن) جي قبرستان تي قبضا مافيا پاران هڪ دفعو ٻيهر قبرن کي مسمار ڪري اڏواتي ڪم شروع ڪري ڏنو، اهڙي خبر پوڻ تي جوهي جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن سيد نور محمد شاهه، غلام نبي باهوٽو، يونس سولنگي، محبوب ٻٻر، عبدالله کوسو ۽ ٻيا شهري جوهي ٿاڻي تي پهچي ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سان ملي ڪم بند ڪرايو
وڌيڪ پڙھو -
23 مارچ
جوهي:ايس يو پي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا
تعلقه اسپتال جوهي آڏو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل عزيز ڪنگراڻي جو ڀاءُ ۽ ايس يو پي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا
وڌيڪ پڙھو -
23 مارچ
جوھي: تاريخي قبرستان تي قبضو، انتظاميه خاموش
سرڪاري پلاٽن اريگيشن، واٽر سپلاءِ جي پلاٽن کان پوءِ قبضا مافيا پاران دادو جوھي مين روڊ سان تاريخي قبرستان جي پلاٽ تي قبضو ڪري اڏاوتي ڪم شروع ڪري ڏنو
وڌيڪ پڙھو -
22 مارچ
جوھي، نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
يس يو پي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جي قتل کي 9 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود قتل ۾ ملوث مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي، جسقم ۽ شهرين جو پريس ڪلب اڳيان بک هڙتال
وڌيڪ پڙھو -
21 مارچ
جوھي: پوليس قاتلن جي پٺ ڀرائي ڪري رھي آھي، عزيز ڪنگراڻي
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال، ٻئي پاسي ڊراما نويس عزيز ڪنگراڻي انڊس نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ڀاءُ کي قتل ڪندڙ شھر ۾ سرعام گھمي رھيا آھن پر پوليس گرفتار ڪرڻ بجاءِ ڪيس کي ڪمزوري ڏانھن ڌڪي رھي آھ
وڌيڪ پڙھو