حيدر آباد

  • اکتوبر- 2011 -
    23 اکتوبر

    بيگم نصرت ڀٽو آمر ضيا جي جبر ۽ ڏاڍ سبب ڀٽو صاحب جي جيل ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خاندان ٻارن ۽ پارٽي کي متحد رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو :سسئي پليجو

    صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر واري ۽ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي امڙ نصرت ڀٽو جي وفات تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو انتهائي بهادر عورت هئي جنهن آمر ضيا جي جبر ۽ ڏاڍ سبب ڀٽو صاحب جي جيل ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خاندان ٻارن ۽ پارٽي کي متحد رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ جمهوريت لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جون قربانيون ناقابل فراموش آهن - اهڙو اظهار هن اڄ مرحوم بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • 12 اکتوبر

    مرزا پاران حڪومت خلاف جلسن جو اعلان، پ پ عوامي حق متحده وٽ وڪرو ڪري رهي آهي: ذوالفقار

    اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا حڪومتي پاليسين خلاف سکر کان ڪراچي جلسا ڪرڻ ۽ پيپلزامن ڪميٽي کي نئين نالي سان ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سنڌ ڪابينا جي 4 صوبائي وزيرن ۽ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ 18 ايم پي ايز اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ذوالفقار مرزا سان ملاقات ڪندڙ سڌ سماءَ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، صادق ميمڻ، ايم پي اي امداد پتافي، عمران لغاري، نواز تيمور ٽالپر، نصرالله بلوچ، غلام محمد شهلياڻي، فياض احمد ٻٽ، جاويد شاهه جيلاني، سليم هڱورو، عائشه کوسو، پتمبر سيوهاڻي ۽ ٻيا شامل هئا

    وڌيڪ پڙھو
  • ستمبر- 2011 -
    27 ستمبر

    تازين برساتن دوران 977363مريضن جو علاج ڪيو ويوآهي: ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ

    ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ حيدرآباد ٻڌايوآهي ته تازين برساتن دوران هن وقت تائين مقررڪيل ۽ گشتي طبي ڪيمپن ذريعي 977363مريضن جو علاج ڪيو ويوآهي. هن چيو ته هڪ جاءِ مقرر ڪيل 241۽ 162گشتي طبي ڪيمپن کي فعال بڻايو ويو آهي جتي 1450 ماڻهن تي مشتمل طبي عملو پنهنجا فرض ادا ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته977363مريضن مان 441038مريضن جو مقرر ڪيل طبي ڪيمپن ۾ علاج ڪيو ويو جڏهن ته 536325 مريضن کي گشتي طبي ڪيمپن ذريعي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. پنهنجي رپورٽ ۾ هن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته برسات متاثرن ۾ چمڙي جون بيماريون وڌيڪ پکيڙجي رهيون آهن ۽ هن وقت تائين 162400 چمڙي جي بيماري ۾ ورتل مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي جڏهن ته اکين جي انفيڪشن جي بيماري جي49587 مريضن جو علاج پڻ ڪيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 ستمبر

    روس سان پاڪستان جا انتهائي ويجها ۽ اعتماد وارا لاڳاپا رهيا آهن: سسئي پليجو

    روس سان پاڪستان جا انتهائي ويجها ۽ اعتماد وارا لاڳاپا رهيا آهن جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ مضبوط لاڳاپن جي بيناد تي اسٽيل ملز جهڙا تحفا پاڪستان جي عوام کي مليا . اهڙو اظهار . صوبائي وزيرثقافت محترمه سسئي پليجو، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ” رشين سينٽر آف سائنس ۽ ڪلچر “ ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران ”رشيا ٽو ڊي “ جي عنوان هيٺ منعقد ڪرايل تصويرن جي نمائش جي افتتاحي تقريب ۾ موڪليل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو _ هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي موجوده حڪومت پڻ روس سان اعتماد واري فضا کي بحال ڪرڻ واري مقصد تحت لاڳاپن کي هٿي وٺرائي رهي آهي . هن چيو ته تصويري نمائش ڏسڻ سان اسان جي نوجوان نسل ۽ اسڪولي ٻارڙن جي همٿ افزائي سميت روس جي ثقافت ، تهذيب ۽ معاشري بابت چڱي ريت ڄاڻ ملندي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 ستمبر

    برسات ۽ ٻوڏ ستيل فنڪارن ۽ اديبن کي امدادي ڏنا ويا

    سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو جي هدايتن تي سنڌ جي برسات ۽ ٻوڏ سٽيلن علائقن جي 41 فنڪارن ۽ اديبن کي 20-20 هزار رپين جا چيڪ مالي سهائتا طور ڏنا ويا جن ۾ بدين ، ٺٽي ، سانگهڙ ، ميرپورخاص ، مٺي ۽ ٽنڊو محمد خان جا فنڪار ۽ اديب شامل آهن . فنڪارن ۽ اديبن ۾ غوث بخش بروهي ، محمد حسن ملاح ، محمد آچار سميجو ، جئرام جوڳي ، محمد ابراهيم ملاح ، مائي ڊاهي ، تاج پليجو ، جمن احمداڻي ، شاهنواز خاموش ۽ ٻيا شامل آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 ستمبر

    ماڻهن کي تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي حڪومت جو اولين فرض آهي: ڊي سي او حيدر آباد

    ضلعي ايڊمنسٽريٽرحيدرآباد احمد بخش ناريجو چيو آهي ته راڻي باغ مان برساتي پاڻي جي نيڪال وارو ڪم هنگامي بنيادن تي هلندڙ آهي جڏهن ته گهڻو ڀاڱي برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو ويو آهي . اهڙن خيالن جو اطهار هن اڄ حيدرآباد جي راڻي باغ ۾ پاڻي جي نيڪال واري ڪم جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو .ان موقعي تي تعلقي ايڊمنسٽريٽر، ٽي ايم او قاسم آباد ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چڙياگهر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.ضلعي ايڊمنسٽريٽر احمد بخش ناريجو چيو ته راڻي باغ ۾ پاڻي جي نيڪال وارو نظام بهتر نه هئڻ سبب برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون پر ٽي ايم ايز قاسم آباد جي ڪوششن سان گهڻي ڀاڱي برساتي پاڻي کي نيڪال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽي ايم ايز جو عملو ڏينهن رات برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ واري ڪم ۾ مصروف عمل آهي .

    وڌيڪ پڙھو
  • 12 ستمبر

    مهاجرن کي دل سان لڳايو، اُهي سنڌ کي پنهنجو سمجهن، نه ته سنڌ جيڪو فيصلو ڪيو ان کي ڪو روڪي نه سگهندو: بشيرقريشي

    جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته سنڌي قوم سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري نظريي جي پوئلڳ آهي. ماڻهن جون دليون دهشتگردي سان نه پر محبت سان کٽي سگهجن ٿيون. سنڌي قوم سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ تصور ڪري ٿي، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ۾ ملوث عنصر خدا تعاليٰ جي عذاب کان ڊڄن. سنڌ جي ڀتين تي سنڌ ورهائڻ وارا نعرا سنڌي ماڻهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا. سنڌ۾ مستقل رهندڙ اردو آبادي جو مستقبل سنڌ سان آهي. مهاجر نالي دنيا ۾ ڪٿي به قوم ناهي. اردو ڳالهائيندڙن کي اسان دلي طور پنهنجو ڀاءُ تسليم ڪري سيني سان لڳايو آهي. متحده سان سڀ کان پهريان اسان هٿ ملايو هو، متحده اسان کي مايوس ڪيو. ذوالفقار مرزا ۽ الطاف حسين ۾ هڪجهڙائي آهي. ٻئي پاڪ فوج جي ساراهه ۾ پورا آهن. هن اهڙو اظهار ڪالهه پريس ڪلب حيدرآباد جي صدر جعفر ميمڻ جي دعوت تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اردو ڳالهائيندڙ ڀائر سنڌ جي ٻين ضلعن جي ماڻهن کان وڌيڪ خوشحال آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 12 ستمبر

    برسات سبب وڌيڪ 27 ڄڻا فوت، بدين مان هزارين ماڻهن جي لڏپلاڻ،ڪلوئي۽ ستون ميل شهر خالي ڪرڻ جو حڪم

    برسات متاثرن علائقن ّ۾ حالتون بدستور خراب آهن ۽ مختلف واقعن ۾ وڌيڪ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا.ٺٽي جي غلام الله شهر ۾ گيسٽرو وگهي ٻن سالن جو شڪيل گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو،جڏهن ته 20 کان وڌيڪ اسپتال داخل آهن.عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ چيل بند ۾ برسات متاثر ٻن ورهين جي نينگري پريمي ۽ مونوٽيڪنيڪل ڪاليج ڪيمپ ۾ ترسيل 6 ورهين جو راجيش اوڏ فوت ٿي ويا.ساڳي علائقي جي ڳوٺ نونهٽو ۾ گيسٽرو وگهي 40 ورهين جو بلال هاليپوٽو، 65 ورهين جو چمن ڪولهي ۽ 6 ورهين جو چيتن ڪولهي فوت ٿي ويا.ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ گولو ميرجت ۾ نوجوان حفيظ ميرجت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.ساڳي علائقي جي ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ نينگري نرمل گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي.ٻڍو قمبراڻي جي ڳوٺ حاجي رحمت الله آرائين ۾ 60 ورهين جو ماڙو ڪولهي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو.

    وڌيڪ پڙھو
  • اگست- 2011 -
    21 اگست

    موهن جي دڙي مان دريافت ڪيل سيوريج سسٽم کي حيدرآباد جي قاسم آباد تعلقي ۾ متعارف ڪرائڻ جي سفارش

    پاڻي جي نيڪال جي ماهر انجنيئرن پاران موهن جي دڙي مان دريافت ڪيل سيوريج سسٽم کي حيدرآباد جي قاسم آباد تعلقي ۾ متعارف ڪرائڻ جي سفارش ڪندي ان سلسلي ۾ 228.715 ملين رپين جي ڪٿيل لاڳت سان هڪ رٿا پڻ تيار ڪئي وئي آهي جنهن تي عملدرآمد لاءِ ضلعي حۡڪومت حيدرآباد جي لاڳاپيل فورم ( ايڇ ڊي پي) ڏانهن منظوري لاءِ موڪليو آهي _ ڊي سي او حيدرآباد جناب احمد بخش ناريجو هڪ اهم گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چيو ته پاڻي جي نيڪال وارو مسئلو خاص طور تي قاسم آباد جو هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي حڪومت جي نه فقط وڏي رقم خرچ ٿيندي رهي آهي ۽ ناقص ڪارڪردگي سبب اربين رپين جي سرڪاري انفراسٽرڪچر ۽ ماڻهن جون ملڪيتون تباهه ٿي رهيون آهن انڪري هاڻ اهو لازم ٿي پيو آهي ته قاسم آباد ۾ پاڻي جي نيڪال لاءِ هڪ دفعو اهڙو نظام متعارف ڪرايو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • 21 اگست

    سنڌ حڪومت پاران متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ اڳ ئي 70 ملين رپيا جاري ڪياويا آهن: شاذر شمعون

    سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ رليف ڪمشنر سنڌ شاذر شمعون ڪالھ بدين ۾ برسات/ ٻوڏ متاثرن جي امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو _ ان کان علاوه هن شادي لارج ، کوسڪي ، پنگريو ۽ گولاڙچي ۾ قائم امدادي ڪيمپن جو پڻ دورو ڪيو. سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ضلعي انتظاميه بدين کي هدايت ڪئي ته هو متاثرن کي سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪن خاص طور تي کين راشن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سميت سندن مالي سهائتا پڻ ڪئي وڃي _ هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ اڳ ئي 70 ملين رپيا جاري ڪياويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 30 ملين رپين جو چيڪ ڊي سي او بدين حوالي ڪيو ويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button