حيدر آباد

  • اپریل- 2011 -
    6 اپریل

    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گذريل رات هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو

    حيدرآباد : سنڌ جي تاريخ کي پنهنجي ڏاهپ ۽ دانشمندي سان سهيئڙيندڙ ۽ نوجوان نسل ۾ سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ پکيڙيندڙ ناليوارو محقق، اديب، تاريخدان، تعليمدان ۽ سنڌ جي اڪابر شخصيت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ گذريل رات هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کي اڄ شام سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار جي پاسي ۾ هزارين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو _ ان کان اڳ سنڌي مسلم سوسائٽي حيدرآباد ۾ سندس رهائشگاهه آڏو تڏو وڇايو ويو جنهن ۾ سنڌ جي سياستدانن، اديبن، محققن، تاريخدانن، تعليمدانن، سماجي ڪارڪنن، سرڪاري عملدارن ۽ عام ماڻهن شرڪت ڪئي _ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بين الصوبائي رابطن واري وزير ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم جميل الزمان چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ جهڙا ڏاها، مدبر، مفڪر ۽ تاريخدان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن _هن چيو ته ڊاڪٽر اين اي بلوچ هڪ تمام سهڻي طبيعت جو مالڪ هو جيڪو سچ سان محبت ۽ ڪوڙ سان نفرت ڪندو هو _ هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه ڀٽائي جو وڏو پارکو هو جنهن شاهه سائين جي شاعري تي وڏو ڪم ڪيو _ هن چيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان…

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اپریل

    موجوده حڪومت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس کي ٻيهر کولي عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪيو: سسئي پليجو

    حيدرآباد: صوبائي وزيرثقافت سسئي پليجو پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته شهيداتحاد جي هڪ سڃاڻپ آهي جنهن ٽئين دنيا جي مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري اسلامي بلاڪ بڻايو ۽ هن ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ ملڪ جي غريب ماڻهن ۽ جمهوريت لاءِ پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻايو _ اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي ٽن ڏينهن واري تصويري ۽ ڪتابن واري نمائش جي دوري دوران ڪيو _نمائش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي زندگي، سياسي جدوجهد ۽ سندس زندگي جي آخري لمحن بابت 150 کان وڌيڪ تصويرن ۽ ناليواري ليکڪن جا لکيل 63 ڪتاب رکيا ويا_صوبائي وزير ثقافت نمائش جي اهتمام تي ثقافت کاتي جي انتظاميه جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي عظيم شخصيتن جي زندگي بابت اهڙي قسم جي نمائش سان ماڻهن خاص طور تي ايندڙ نسل کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ڇاڪاڻ ته اسانجي ملڪ جي عظيم هيروز ۽ ليڊرز جي جدوجهد ۽ ڪاميابين بابت ايندڙ نسل کي آگاهه ڪرڻ اسانجي ذميواري آهي _ هن چيو…

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اپریل

    ان ڳالهه کي يقني بڻايو وڃي ته گهر شماري دوران ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي: مخدوم جميل الزمان

    حيدرآباد : صوبائي وزير بين الصوبائي رابطه مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته گهرشماري ۽ آدمشماري وارو ڪم هڪ اهم قومي فرض آهي جنهن ۾ لاڳاپيل عملدارن ۽ ٻيا ماڻهو ان کي بنا ڪنهن فرق ايمانداري سان ادا ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقني بڻايو وڃي ته گهر شماري دوران ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي _ هو اڄ ڊي سي او آفيس مٽياري ۾ 5 اپريل کان 19 اپريل 2011 تائين ٿيندڙ گهرشماري جي حوالي سان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پ پ پ حڪومت سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ان جو جائز حصو ڏيارڻ کانپوءِ هاڻي سمورو پنهنجو ڌيان گهرشماري ۽ آدمشماري واري ۾ اهم ڪم ڏانهن ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ آبادي جي بنياد تي اين ايف سي ايوارڊ ۾ حصو ڏنو ويندو _ گڏجاڻي ۾ ِڊي سي او مٽِياري ثاقب احمد سومرو ٻڌايو ته گهرشماري واري عمل جي مجموعي طور تي نگراني ڪرڻ لاءِ سندس سربراهي ۾ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن ۾ ڊي پي او مٽياري ،پاپوليشن سينس آفيسرز جنيد سهتو، ڊي ڊي اوز روينيو جيڪو سينس ڊسٽرڪٽ آفيسرز…

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڀٽو صاحب جي ننڍ پڻ کان وٺي شهادت تائين واري دور جي 150 تصويرن ۽ سندس پاران ۽ ٻين لکيڪن جون ڀٽو لاءِ تحرير ڪيل 60 کان وڌيڪ ڪتابن جي ٽن ڏينهن واري نمائش جو اهتمام ڪيو ويوآھي

    حيدرآباد: دنيا جي عظيم جمهوري اڳواڻ ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 32 هين ورسي جي موقعي تي سنڌ ثقافت کاتي پاران سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڀٽو صاحب جي ننڍ پڻ کان وٺي شهادت تائين واري دور جي 150 تصويرن ۽ سندس پاران ۽ ٻين لکيڪن جون ڀٽو لاءِ تحرير ڪيل 60 کان وڌيڪ ڪتابن جي ٽن ڏينهن واري نمائش جو اهتمام ڪيو ويو آهي جنهن جو افتتاح سنڌ جي ناليواري اديب ، محقق ۽ تاريخدان محمد ابراهيم جويو ڪيو – ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ابراهيم جويو چيو ته ڀٽو صاحب قوم جي ترقي لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ غريب عوام جو هڏ ڏوکي اڳواڻ هو جنهن جي خواهش هئي ته پاڪستان جو شمار دنيا جي تر يافته ملڪن ۾ ٿئي – هن ثقافت کاتي جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙي عظيم اڳواڻ جي تصويري نمائش منعقد ڪرڻ هڪ سٺو عمل آهي ۽ منهنجي اها دلي خواهش آهي ته ان قسم جي نمائش سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ پڻ منعقد ڪئي وڃي – پچيل هڪ سوال تي هن چيو ته آدمشماري واري عمل ۾ هر شهري کي خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن جي ماڻهن ۾ آدمشماري واري عمل بابت آگا هي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    گهر شماري وارو ڪم بنا ڪنهن فرق ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏنو وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي: ضلعي ايڊمنسٽريٽر

    حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته 5 اپريل کان 19 اپريل 2011 تائين ٿيندڙ گهرشماري واري عملي ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي چيو آهي ته اهي گهر شماري وارو ڪم بنا ڪنهن فرق ۽ ايمانداري سان سر انجام ڏين ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته جيئن ڪو به گهر ڳڻپ کان رهجي نه وڃي _هو اڄ شام ضلعي ناظم سيڪريٽريٽ حيدرآباد ۾ 5 اپريل کان ٿيندڙ گهرشماري جي انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو _آفتاب احمد کتري چيو ته گهر شماري جي ان اهم فرض کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ ۽ سندس سربراهي ۾ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جنهن ۾ ڊي پي او، اسسٽنٽ سينس ڪمشنر، سينس ڊسٽرڪٽ آفيسرز(ڊي ڊي او روينيو)، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جا نمائندا ميمبر هوندا ۽ اها ڪميٽي گهر شماري واري عمل جي گڏيل طور تي نگراني ڪندي _ ان کان علاوه ضلعي جي هر تعلقي ۾ هڪ هڪ ويجيلينس ڪميٽي به جوڙي ويندي _ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد وڌيڪ چيو ته گهر شماري متعلق معلومات لاءِ ڊي سي او آفيس حيدرآباد ۾ هڪ مرڪزي انفارميشن سيل پڻ قائم ڪيو پيو وڃي _ هن، ان موقعي تي ڊي ڊي او روينيو جيڪو سينس ڊسٽرڪٽ آفيسر…

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    گهر ۽ آدمشماري جي بنياد تي صوبي توڙي ضلعن کي وسيلن جي ورڇ ، روزگار جاموقعا ۽ ترقياتي منصوبا مهيا ٿيندا: علي احمد لنڊ

    حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽري / ڊي سي او ٽنڊو محمد خان علي احمد لنڊ عوامي نمائندن ، ضلعي عملدارن ، سول سوسائٽي ، تاجران فيدريشن ، قومپرست ڌرين ۽ ميڊيا جي نمائندن تي زور ڀريو آهي ته اهي 5 اپريل 2011 کان شروع ٿيندڙ گهرشماري ۾ ڀرپور حصو وٺي عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن _ اها ڳالهه هن اڄ ڊي سي او سيڪريٽريٽ ٽنڊو محمد خان ۾ عوامي نمائندن ، ضلعي عملدارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سان رٿيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي چئي _ هن ٻڌايو ته گهر شماري کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ لاءِ سندس سربراهي ۾ ضلعي پوليس آفيسر، اي ڊي او روينيو ، سينسز ڊسٽرڪٽ آفيسر، ڊي او ايجوڪيشن ، ڊي او سوشل ويليفيئر ۽ پ پ اڳواڻ آپا سڪينه تي مشتمل ڪميٽي جوڙي وئي آهي جڏهن ته ٽنهي تعلقن جي ڊي ڊي اوز روينيو جي سربراهي ۾ تعلقي سطح تي ڪميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن _ هن ٻڌايو ته گهر ۽ آدمشماري لاءِ روينيو کاتي پاران علائقي جي حد بندي، ديهن جي نقشن جي تياري، بلاڪنگ ۽ ڪوڊنگ سسٽم جو ڪم پڻ مڪمل ڪيو ويو آهي _ ان کان علاوه تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ٻوڏ متاثر علائقن جي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    . ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون: ڊاڪٽر عبدالقادر مغل

    ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت 60-سيڪڙو کان وڌيڪ بيماريون پيئڻ جي پاڻي ذريعي منتقل ٿين ٿيون ۽ اسلام آباد ڪراچي سميت ڪجهه اهم شهرن جا واسي پيئڻ جي پاڻي جي هڪ ٽينڪر لاءِ روزانو 750 روپيه خرچ ڪن ٿا ۽ ڏينهون ڏينهن پاڻي جي خرچن ۾ اضافو ٿئي ٿو، هن اها ڳالهه زرعي يونيورسٽي جي ايگريڪلچر ايڪانامڪس واري شعبي جي ميزبابي هيٺ بجيٽ ريسرچ سيل پاران ٿيل ورڪشاپ دوران افتتاحي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي چئي هن چيو ته اڄ به اسپتالن ۾ گهڻي کان گهڻا مريض پيٽ، گيسٽرو ، کل، ڪاري ڪامڻ سميت ڪيترين بيمارين جي ڪري داخل آهن ۽ گندي پاڻي جي ڪري مليريا، ڊينگي وائرس ۽ ان کان وڌيڪ خطرناڪ ٻين بيمارين جي ڪري اسپتال ڀيڙا ٿين ٿا، جنهن سبب ماڻهن کي نه صرف جاني نقصان ٿئي ٿو پر بيمارين تي روزانو هزارين روپيه خرچ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته مستقبل ۾ پاڻي زندگي جي ضرورتن ۾ انمول شئي جيان هوندو ۽ ان جي ڪري بجيٽ تي روزانو دٻاءُ وڌندو. هن چيو ته اڄ به ٻهراڙي کي ڇڏي ڪري شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو في ماڻهو تي خرچ 50 روپين کان 200…

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    ھندو برادري ۽ بي اقليتي برادريون پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ غريب ۽ ابوجهه ماڻهن ۾ آدمشماري جي اهيمت بابت جاڳرتا پيدا ڪن: ھندو پنچائت

    حيدرآباد: ينگ هندو پنچائت پاران اڄ سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ آدمشماري جي موضوع تي منعقد ڪيل ”آل سنڌ منارٽي ڪنوينشن“ ۾ مقررين پاران، هندن سميت ٻي اقليتي برادرين سان واسطو رکندڙ پڙهيل لکيل نوجوانن،۽ سماجي تنظيمن جي عهديدارن کي اپيل ڪئي وئي ته اهي 5 اپريل2011 کان شروع ٿيندڙ آدمشماري واري عمل ۾ پنهنجو مکيه ڪردار ادا ڪن ۽ خاص طور تي پٺتي پيل علائقن ۾ رهندڙ غريب ۽ ابوجهه ماڻهن ۾ آدمشماري جي اهيمت بابت جاڳرتا پيدا ڪن ۽ سنڌ ۾ رهندڙ هر هڪ ماڻهو توڙي هر هڪ گهرجي ڳڻپ کي يقيني بڻائين _ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مقررين موقف اختيار ڪيو ته مستقبل ۾ سنڌ جي وسيلن، ترقياتي منصوبه بندي ۽ روزگار جي حصي جو دارو مدار ايندڙ آدمشماري تي آهي جنهن لاءِ اهو ضروري آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ هر برادري جا سرواڻ پنهنجي راڄ جي هر ننڍي وڏي ماڻهو توڙي هرگهر جي ڳڻپ کي يقيني بڻائين ۽ ان معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي سستي نه ڪن _ مقررين ان ڳالهه جو به اظهارڪيو ته ماضي ۾ ٿيندڙ آدمشمارين ۾ سنڌ سان ويساهه گهاتيون ڪيون ويون آهن _ ينگ هندو پنچائت پاران ڪوٺايل ان ڪنوينشن ۾ سنڌ جي هندو…

    وڌيڪ پڙھو
  • 1 اپریل

    نوجوان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا: آفتاب احمد کتري

    حيدرآباد: ڊي سي او حيدرآباد آفتاب احمد کتري چيو آهي ته بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام وسيلي تريبت حاصل ڪندڙ نوجوان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا _ اهڙو اظهار هن اڄ شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي مختلف شعبن جي فوڪل پرسن سان منعقد ڪيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته بينظير ڀٽو شهيد يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام ملڪ جي غريب، بيروزگار ۽ باصلاحيت نوجوان شاگرد ۽ شآگردياڻين لاءِ شروع ڪيو ويو جنهن پروگرام تحت سنڌ جي هزارين بيروزگار نوجوان تربيت حاصل ڪري مختلف شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ۽ هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ٽئين مرحلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي تربيت ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪيو ويندو _ هن وڌيڪ چيو ته تربيت حاصل ڪرڻ وارن نوجوانن کي گهرجي ته اهي باقائدگي سان سکيا حاصل ڪن ۽ غيرحاضري کان پاسو ڪن ته جيئن کين معياري تربيت حاصل ٿي سگهي _ان موقعي تي پروگرام جي سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي آشف اقبال ميمڻ گڏجاڻي کي ٻڌايو ته پروگرام جي ٽئين مرحلي تحت حيدرآباد ضلعي جي نجي شعبي ٽريننگ ونگ فيز ٿري…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button