حيدر آباد

  • مئی- 2011 -
    3 مئی

    فتح خان جي اوطاق

    ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروگرام فتح خان جي اوطاق جو ڪجھ تصويرون۔۔ ھي تصريرون مون ؛ي فيس بڪ تان ڪنھن دوست کان مليون

    وڌيڪ پڙھو
  • 3 مئی

    ضلعي ۾ 9 مئي کان 11 مئي 2011 تائين ٽن ڏينهن واري هلندڙ پوليو خلاف مهم جي سئو سيڪڙو ڪوريج لاءِ سمورا اپاءُ ورتا وڃن: کتري

    حيدرآباد : ضلعي ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد آفتاب احمد کتري صحت کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته ضلعي ۾ 9 مئي کان 11 مئي 2011 تائين ٽن ڏينهن واري هلندڙ پوليو خلاف مهم جي سئو سيڪڙو ڪوريج لاءِ سمورا اپاءُ ورتا وڃن ڇاڪاڻ ته اها بيماري ٻارڙن کي معذور بڻائي ڇڏي ٿي تنهنڪري قوم جي نئين نسل جي مستقبل سان ڪنهن کي به کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي .

    وڌيڪ پڙھو
  • اپریل- 2011 -
    11 اپریل

    ڪنهن به علائقي ۾ ڪو به مسئلو هجي ته عملدار تعلقي قاسم آباد ۾ سندس نگراني ۾ قائم ڪيل”گهرشماري واري سيل“ سان لهه وچڙ ۾ اچن: زاهد علي ڀرڳڙي

    حيدرآباد: صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد جو صدرپڻ آهي گهرشماري واري عملي کي هدايت ڪئي آهي ته کين ڪنهن به علائقي  ۾ ڪو به مسئلو هجي ته هو تعلقي قاسم آباد ۾ سندس نگراني ۾ قائم ڪيل”گهرشماري  واري سيل“  سان لهه وچڙ ۾ اچن _ اهڙِي هدايت  هن اڄ  گهرشماري جي حوالي سان ڊي ڊي او روينيو قاسم آباد ۽ گهرشماري واري عملي سان  منعقد ڪيل هڪ  اهم گڏجاڻي ۽ سيد سليم شاهه بخاري، روشن سولنگي، اقبال سومرو، اختر ڀرڳڙي، رياض سولنگي ، عامرقادري ، راجا قادري ۽ پ پ  پي ايس _47 جي سمورين يونين ڪائونسلن جي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽري سان گڏجي  پي ايس 47 جي يونين ڪائونسل  2 جي تفصيلي دوري دوران ڪئي _ صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي چيو ته گهرشماري اسان جو قومي فرض آهي ۽ جيڪڏهن  گهرشماري واري ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ڪئي وئي ته  سنڌ ڌرتي اسان کي   ڪڏهن به معاف نه ڪندي _ هن،  يوسي نمبر هڪ قاسم آباد  ۾ قائم ڪيل ماما رند جي آفيس جو پڻ دورو  ڪيو ۽ ماسترن کان تفصيلي ڄاڻ ورتي ۽ کين مارڪر،پينون ۽ رنگ جا دٻا  ڏنا _ ان موقعي تي هن يونين ڪائونسل نمبر…

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 اپریل

    پاڪستان ائيرفورس ۾ ايجوڪيشن انسٽرڪٽر ۽ ريليجيس ٽيچر( جونيئرڪميشنڊ آفيسر) طور ڀرتي لاءِ رجسٽريشن 15 اپريل 2011 تائين جاري رهندي

    حيدرآباد : پاڪستان ائيرفورس انفارميشن اينڊ سليڪشن  سينٽر حيدرآباد  جي  پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ائيرفورس ۾ ايجوڪيشن انسٽرڪٽر ۽ ريليجيس ٽيچر( جونيئرڪميشنڊ آفيسر) طور ڀرتي لاءِ رجسٽريشن  15 اپريل 2011 تائين جاري رهندي _ ان سلسلي ۾  بي اي / بي ايس سي/ ايم اي / ايم ايس سي/ ميٽرڪ پاس  سميت درس نظامي جي فارغ فاضل  سند/ شهادت العالميه جي  تعليم  رکندڙ مرد  اميداور رجسٽريشن  لاءِ اهل آهن جڏهن ته وڌيڪ معلومات پي اي ايف انفارميشن ايند سليڪشن سينٽر حِيدرآباد جي فون نمبر 0229200936 تي صبح جو 8 وڳي کان منجهند جو 2 وڳي تائين حاصل ڪري سگهجي ٿي

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 اپریل

    ڊاڪٽر بلوچ اهو اڪابر آهي جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي سنڌ جي تاريخ ، لسانيت ۽ لغت تي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو اسان سمورن لاءِ املهه خزانو آهي: سرفراز راڄڙ

    حيدرآباد: سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ جيڪو پ پ پ ڪلچر ونگ سنڌ جو صدر پڻ آهي تنهن چيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ ڊاڪٽر بلوچ اهو اڪابر آهي جنهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گهمي سنڌ جي تاريخ ، لسانيت ۽ لغت تي جيڪو ڪم ڪيو آهي اهو اسان سمورن لاءِ املهه خزانو آهي جنهن کي سهيئڙڻ جي سخت ضرورت آهي _ اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ سنڌي لينگويج اٿارٽِي جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ياد ۾ منعقد ڪيل تعزيتي ميڙاڪي کي پنهنجو صدارتي خطاب ڪندي ڪيو . هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جو سچو عاشق هيو جنهن تحقيق کي نواڻ ڏني ۽ شاهه سائين جي شاعري تي تمام گهڻو ڪم ڪيو جنهن ڪري سنڌ توڙي سنڌ جا ماڻهو ڊاڪٽر بلوچ جهڙي اڪابر تي فخر محسوس ڪن ٿا. هن چيو ته ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جي سونهن هو جنهن پنهنجي سڄي ڄمار پنهنجي ماڻهن جي اوني ۾ گذاري ڇڏي . هن چيو ته پ پ پ پنهنجي اهڙن اڪابرن جو قدر ڪري ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ ڪافي اهم…

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 اپریل

    ڊاڪٽر اين بلوچ جي وفات کانپوءِ ادب ۽ تحقيق جي شعبي هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي: سسئي پليجو

    حيدرآباد: سنڌ جي ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سسئي پليجو سنڌ جي نامياري محقق ، ليکڪ، تاريخدان ۽ تعليمدان ڊاڪٽر اين بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪندي ثقافت کاتي پاران هلندڙ سال پهرين مرحلي ۾ 50 لک روپين سان سنڌ يونيورسٽي ۾ چيئر قائم ڪرڻ ، جنهن لاءِ وڌيڪ 5 ڪروڙ روپيا منظور ڪرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت کي چيو ويندو ، ان سميت سندس رهيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ سندس ڪتابن کي شايع ڪرڻ ، سنڌ ميوزيم جي آرٽ گئيلري ۾ سندس نالي تي ڪارنر قائم ڪرڻ ۽ ڀٽ شاهه ايڪسيلينس سينٽر کي ڊاڪٽر اين اي بلوچ جي نالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي – هو اڄ سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي پاران سينٽر فار پيس اينڊ سول سوسائٽي ۽ سنڌ ادبي سنگت جي سهڪار سان ڊاڪٽر اين اي بلوچ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيل تعزيتي ريفرنس ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪري رهي هئي – هن چيو ته ڊاڪٽر اين بلوچ جي وفات کانپوءِ ادب ۽ تحقيق جي شعبي هڪ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي – صوبائي وزير چيو ته ڊاڪٽر اين بلوچ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو جنهن لوڪ ادب ، شاه لطيف ، تاريخ ۽ تعليم جي ميدان پنهنجو…

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    عالمن،اديبن، محققن ۽ اڳوڻن سرڪاري عملدارن ڊاڪٽر نبي بخش جي نالي تي ھر يونيورسٽي ۾ سنڌ حڪومت کان سنڌ جي هر يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ جي نالي تي چيئر قائم ڪرڻ سان جو مطالبو ڪيو آھي

    حيدرآباد: سنڌ جي عالمن،اديبن، محققن ۽ اڳوڻن سرڪاري عملدارن سنڌ جي مثالي عالم، لطيف جي پارکو،عظيم تاريخدان ۽ محقق مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي، سنڌ حڪومت کان سنڌ جي هر يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ جي نالي تي چيئر قائم ڪرڻ سان گڏ سندس رهيل ڪم کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص ادارو قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙو اظهار هنن اڄ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران ڊاڪٽر بلوچ هال ۾ منعقد ڪيل ڊاڪٽر نبي بخش خان جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي وڏي فرزند ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ، بحيثيت صدر،صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ، حبيب الله صديقي، عنايت بلوچ، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيي، قلندر شاهه لڪياري، امداد حسيني، سحر امداد، عبدالغفار صديقي،گل محمدعمراڻي، محمد هاشم لغاري، پروفيسر اعجاز قريشي، تاج جويو، انعام شيخ، ذوالفقار هاليپوٽو خطاب ڪيو.

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    ڊي پي او ٽنڊو محمد خان جي ذاتي ڪوششن ذريعي ضلعي جي 4 پوليس پوسٽن کي پوليس اسٽيشنن جو درجو ڏنو ويو آهي: آر پي او حيدرآباد

    حيدرآباد: آر پي او حيدرآباد سيد مشتاق احمد شاهه چيو آهي ته پوليس ۾ ڀرتي وارو عمل ٽن مهينن اندر مڪمل ڪري نفري جي کوٽ کي پورو ڪيو ويندو جڏهن ته ماضي ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ٻين ضلعن جا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا جنهن سبب ڪارڪردگي متاثر ٿي ۽ هاڻ ائين نه ٿيندو، مقامي ماڻهن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويندو ، ٽنڊو محمد خان پوليس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي . پوليس عملدار پنهنجي پيشوراڻي ذميواري کي يقيني بڻائيندي پنهنجا فرض ايماندار سان ادا ڪن . ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ملاڪاتيار ۽ آبادگار پوليس پوسٽن کي پوليس اسٽيشنن جو درجو ڏيڻ جي افتتاحي تقريب بعد عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊي پي او ٽنڊو محمد خان جي ذاتي ڪوششن ذريعي ضلعي جي 4 پوليس پوسٽن کي پوليس اسٽيشنن جو درجو ڏنو ويو آهي جن مان ٽن جو افتتاح اڄ ٿي رهيو آهي باقي هڪ پوليس اسٽيشن جو افتتاح بعد ۾ ڪيو ويندو جنهن سان علائقي جي عوام کي تڪڙي ۽ سستي انصاف ۽ تحفظ جي فراهمي ٿي سگهندي. هن چيو ته نئين قائم ڪيل پوليس اسٽيشنن کي جلد نيون عمارتون ڏنيو ن وينديون جڏهن ته اتي نفري ۾ اضافو ڪيو ويو آهي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    مستقبل جي ترقي، ملازمتن جي حصي ۽ ترقياتي فنڊ مان صوبي کي ملندڙ حصي جو دارو مدار به شفاف ۽ صحيح آدمشماري ۽ گهرشماري تي ٻڌل آهي: زاهد علي ڀرڳڙي

    حيدرآباد: صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي جيڪو پ پ پ حيدرآباد ضلعي جو صدر پڻ آهي تنهن ضلعي جي ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي آدمشماري ۽ گهرشماري واري عمل دوران بهتر نموني پنهنجن گهرن ۽ خاندان جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته اهو سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪنهن به قسم جي غلطي جي ڪا به گنجائش ڪانهي . اهڙو اظهار هن اڄ هلندڙگهرشماري واري عمل جي نگراني جي سلسلي ۾ قاسم آباد جي يونين ڪائونسل 4 ۽ ديهه شاهه بخاري ۾ مختلف ڳوٺن جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. دوري دوران قومي اسيمبلي جو ميمبر سيد امير علي شاهه ڄاموٽ، پ پ تعلقه قاسم آباد جو صدر اقبال سومرو، سيد سليم شاهه بخاري ۽ رياض سولنگي پڻ ساڻس گڏ هئا. ان موقعي تي صوبائي وزير زاهدعلي ڀرڳڙي پٺاڻ ڳوٺ، محمد بخش شورو، باگراڻي، علي حسن ٻٻر، علي نواز خاصخيلي ۽ محمد شفيع بروهي ڳوٺن جي دورو ڪيو ۽ اتي هلندڙ گهرشماري واري عمل جو تفصيلي جائزو ورتو . ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي وزير ماهيگيري زاهد علي ڀرڳڙي ۽ ايم اين اي سيد امير علي شاهه ڄاموٽ چيو ته مستقبل جي ترقي، ملازمتن جي حصي ۽ ترقياتي فنڊ مان صوبي کي…

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اپریل

    اوپي ڊي کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي جيڪا ايم ايس آفيس وٽ پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي

    حيدرآباد: لياقت يونيورسٽِي اسپتال حيدرآباد پاران ”صحت جي عالمي ڏهاڙي“ جي حوالي سان عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڄ يعني 7 اپريل 2011 تي تي صبح جو 10 وڳي ايم ايس ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ عباسي جي اڳواڻي ۾ اوپي ڊي کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي جيڪا ايم ايس آفيس وٽ پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي _ بعد ۾ نيو ليڪچر هال سول اسپتال ۾ صحت جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن کي ايم ايس ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ عباسي ، پروفيسر رفيع غوري ۽ پروفيسر بيکارام خطاب ڪندا جڏهن ته ان موقعي تي سول اسپتال حيدرآباد ۾ معلوماتي بينرز ۽ هڪ ڊگهي قداور پورٽريٽ لڳائڻ سميت اسپتال ۾ چراغان پڻ ڪيو ويندو _ ايم ايس ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ عباسي صحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته صفائي، سٿرائي سان کائڻ پيئڻ ۾ اعتدال ذريعي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان محفوظ رهي سگهجي ٿو جڏهن ته ورزش کي روزاني جو معمول بڻائجي ته صحت لاءِ بهتر سنوڻ آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button