حيدر آباد

ڊي پي او ٽنڊو محمد خان جي ذاتي ڪوششن ذريعي ضلعي جي 4 پوليس پوسٽن کي پوليس اسٽيشنن جو درجو ڏنو ويو آهي: آر پي او حيدرآباد

حيدرآباد: آر پي او حيدرآباد سيد مشتاق احمد شاهه چيو آهي ته پوليس ۾ ڀرتي وارو عمل ٽن مهينن اندر مڪمل ڪري نفري جي کوٽ کي پورو ڪيو ويندو جڏهن ته ماضي ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي ۾ ٻين ضلعن جا ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا جنهن سبب ڪارڪردگي متاثر ٿي ۽ هاڻ ائين نه ٿيندو، مقامي ماڻهن کي پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويندو ، ٽنڊو محمد خان پوليس جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي . پوليس عملدار پنهنجي پيشوراڻي ذميواري کي يقيني بڻائيندي پنهنجا فرض ايماندار سان ادا ڪن . ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ملاڪاتيار ۽ آبادگار پوليس پوسٽن کي پوليس اسٽيشنن جو درجو ڏيڻ جي افتتاحي تقريب بعد عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڊي پي او ٽنڊو محمد خان جي ذاتي ڪوششن ذريعي ضلعي جي 4 پوليس پوسٽن کي پوليس اسٽيشنن جو درجو ڏنو ويو آهي جن مان ٽن جو افتتاح اڄ ٿي رهيو آهي باقي هڪ پوليس اسٽيشن جو افتتاح بعد ۾ ڪيو ويندو sindh policeجنهن سان علائقي جي عوام کي تڪڙي ۽ سستي انصاف ۽ تحفظ جي فراهمي ٿي سگهندي. هن چيو ته نئين قائم ڪيل پوليس اسٽيشنن کي جلد نيون عمارتون ڏنيو ن وينديون جڏهن ته اتي نفري ۾ اضافو ڪيو ويو آهي . هن پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجون ذميواريون بهتر طريقي سان سرانجام ڏين . ان موقعي تي ڊي پي او ٽنڊو محمد خان ٻڌايو ته گذريل پنجن مهينن ۾ ضلعي پوليس ڏوهارين سرگرمين ۾ ملوث ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي سندن قبضي مان 80 هزار ليٽر شراب ، 8 لک مين پڙيون ۽ ٻيون نشي واريون شيون ۽ هٿيار هٿ ڪيا آهن .هن چيو ته سندس عهدو سنڀالڻ بعد ضلعي ۾ پوليس جي نفري جو انگ صرف 350 هو جڏهن ته هن وقت اهو انگ 650 جوانن تي مشتمل آهي . ان موقعي تي ڊي سي او ٽنڊو محمد خان علي احمد لنڊ چيو ته ضلعي پوليس جي ڪارڪردگي مثالي آهي ۽ ضلعي حڪومت طرفان پوليس سان هر قسم جو سهڪار ڪيو ويندو ته جيئن معاشري مان ڏوهارين سرگرمين جو خاتمو آڻي سگهجي .ان موقعي تي پ پ پ اڳواڻ اعجاز نبي شاهه، ڊاڪٽرايوب جت، ايس پي جاچ عامر عباس شاهه ۽ ٻيا پوليس عملدار موجود هئا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button