حيدر آباد
-
جون- 2011 -18 جون
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد ليڪچرار سوشل اسٽيڊيز جا نتياجا پڌرا ڪري ڇڏيا
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي امتحانن واري ايڊيشنل ڪنٽرول جي پڌرائي موجب سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار سوشل اسٽيڊيز(مرد ۽ عورت) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ جون 2011 ۾ ورتل اهل اميدوارن کان انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا آهن _تفصيل موجب ليڪچرار سوشل اسٽيڊيز(مرد) جي آسامين لاءِ عاشق حسين ميمڻ ، سيد عمران علي جعفري ، دليل خان جتوئي ۽ محمد ناطيق ميمڻ جڏهن ته ليڪچرار سوشل اسٽيڊيز (عورت) جي آسامين لاءِ سلطانه عروج پٺاڻ ، ناديه پروين ، نسرين ڀنڀرو ۽ مهرالنساءَ ميمڻ کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
17 جون
آبادگارن کان مارڪيٽ ڪميٽي ۽ لائسنس في جي مد ۾ وصولي بينڪ چالان ذريعي ڪئي وڃي
ڊائريڪٽرجنرل زرعي توسيع جناب شهاب الدين صديقي، آبادگارن کان مارڪيٽ ڪميٽي ۽ لائسنس جي فيس جي نقد وصولي واري نظام کي ختم ڪري بينڪ ذريعي ادائيگي ڪرڻ واري نظام کي متعارف ڪرايو آهي ته جيئن وصولي کي شفاف ۽ حڪومت کي ان جي ترت ادائيگي کي پڻ يقيني بڻائي سگهجي . اڄ پنهنجي آفيس حڪم ذريعي ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر زرعي توسيعي کاتي شهاب الدين صديقي سڄي سنڌ جي مارڪيٽ ڪميٽين جي اڳواڻن ۽ سيڪريٽرين کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته هو آبادگارن کان مارڪيٽ ڪميٽي ۽ لائسنس في جي مد ۾ وصولي رسيد بڪ تي ذريعي نه ڪن بلڪه کين بينڪ جا چالان فراهم ڪن ۽ وصولي واري ڪم کي بينڪ ذريعي يقيني بڻائين .هن آبادگارن کي پڻ مشورو ڏنو ته هو پنهنجي جنسن کي مارڪيٽ ۾ وڪري جي صورت ۾ مارڪيٽ ڪميٽي جي في مارڪيٽ ڪميٽي جي عملي کي ڏيڻ بدران ان کان بينڪ چالان وٺي بينبڪ ۾ جمع ڪرائين.
وڌيڪ پڙھو -
16 جون
سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر حسن درس روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد پوليس جي لاپرواهي سبب حياتي وڃائي ويٺو
سنڌ جو حسن پرست ۽ يگانو شاعر حسن درس روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد پوليس جي لاپرواهي سبب فوت ٿي ويو. اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو اٽڪل چئين وڳي ڌاري پنهنجي دوستن جي محفل مان واپس گهر ڏانهن ايندي سندس گاڏي پونم چوڪ ويجهو فوٽ پاٿ تي چڙهي وئي. جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو. موقعي تي موجود ماڻهن پاران فوري طور قاسم آباد پوليس کي اطلاع ڏيڻ بعد پوليس پهتي. جنهن حد نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي ڪار ۾ زخمي حالت ۾ پيل حسن درس کي اسپتال نه پهچايو ۽ بعد ۾ جي او آر پوليس پڻ اطلاع ملڻ تي پهتي. جنهن به حد نه هجڻ جو جواز ڄاڻايو ۽ زخمي کي تڙپندو ڇڏي وئي. جنهن کان پوءِ واڌو واهه تان گذرندڙ هڪ ڄڃ ۾ شامل ڪجهه نوجوانن حادثي جو شڪار ڪار کي ڏٺو ۽ حسن درس کي اسپتال پهچايو ۽ سندس وارثن کي اطلاع ڏنو. هوڏانهن اسپتال پهچڻ بعد ڊاڪٽرن پاران طبي معائني بعد سندس اسپتال پهچڻ ۾ دير ٿيڻ سبب موت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي، حسن درس جي لاڏاڻي جو ٻڌي سندس ڀاءُ اڪبر درس ۽ سندس دوست ذوالفقار شاهه فوري طور سول اسپتال پهتا.
وڌيڪ پڙھو -
16 جون
سماجي اڳواڻ ويرجي ڪولهي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت
جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي (عوامي حق) جو هڪ اجلاس اربع ڏينهن قاسم آباد ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ سماجي اڳواڻ ۽ سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل جي جوائنٽ سيڪريٽري ويرجي ڪولهي تي مبينه طور بااثر شخصيتنڏسوصفحو3 نمبر45 جي چوڻ تي ڪوڙ تي ٻڌل قتل جو ڪيس داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي (عوامي حق) جي اڳواڻن پنهل ساريو، جبار ڀٽي،مولچند ڪولهي، شوڪت ميمڻ، جاويد سوز هالائي ۽ ٻين چيو ته ننگرپارڪر پوليس ويرجي ڪولهي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري قانون ۽ انصاف جو مذاق اڏايو آهي. هنن چيو ته ويرجي ڪولهي عورتن ۽ اقليتن جي انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي سندس خلاف پروپيگنڊه ڪندڙ وڏيرن ۽ رياستن جا ايجنٽ ٿي سگهن ٿا. هنن چيو ته انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪو شخص قتل نه ٿو ڪري سگهي
وڌيڪ پڙھو -
14 جون
طارق عالم ابڙو جي علاج جون 70 سيڪڙو گهرجون سنڌ حڪومت پاران پوريون ڪيون ويون هيون: عقيلي
سنڌ جي ثقافت کاتي واري سيڪريٽري جناب عبدالعزيز عقيلي چيو آهي ته سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ طارق عالم ابڙو جو انڊيا ۾ علاج ڪرڻ واسطي 70 سيڪڙو گهرجون سنڌ حڪومت پاران پوريون ڪيون ويون هيون پر بدقسمتي سان وقت کيس زنده رهڻ جو موقعو نه ڏنو .اها ڳالهه هن اڄ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾ مرحوم طارق عالم ابڙو جي رهائشگاهه وٽ مرحوم جي خاندان سان تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ثقافت کاتي واري صوبائي سيڪريٽري چيو ته مرحوم طارق عالم ابڙو جو ٻاهرين ملڪ علاج ڪرائڻ لاءِ درخواست ملڻ شرط ئي ثقافت کاتي پاران امدادي (اينڊومينٽ ) فنڊ مان 15 لک روپين جي گرانٽ منظور ڪري 16 اپريل 2011 تي مرحوم جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪري ڇڏي هئي
وڌيڪ پڙھو -
11 جون
جونيئر وڪيل پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا: انور ظھير جمالي
سپريم ڪورٽ جي جسٽس ، جناب جسٽس انور ظهير جمالي ۽ جناب جسٽس غلام رباني ، وڪيل برادري تي زور ڀريو آهي ته اهي پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ سخت محنت ڪن ۽ پنهنجي پيشورانه صلاحيتن کي وڌيڪ اجاگر ڪن ته جيئن بينچ ۽ بار جي سهڪار سان عوام کي ملندڙ تڪڙي ۽ سستي انصاف فراهم ڪرڻ واري عمل کي وڌ کان وڌ تيز ڪري سگهجي. هنن اهڙو اظهار اڄ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان سپريم ڪورٽ جي جج صاحبن جي هڪ وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو . سنڌ هاءِ ڪورٽ اينڪسي بلڊنگ جي مين آڊيٽوريم ۾ رٿيل تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي جج صاحبان جي وفد ۾ جناب جسٽس انور ظهير جمالي، جناب جسٽس غلام رباني ۽ جناب جسٽس امير هاني مسلم شامل هئا.آجياڻي کي خطاب ڪندي جناب جسٽس انور ظهير چيو ته جونيئر وڪيل پنهنجي سينيئر وڪيلن جي رهنمائي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن ٿا.
وڌيڪ پڙھو -
10 جون
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن فزڪس (مرد) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ ڪامياب اميدوارن جا نالا پڌرا ڪري ڇڏيا
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد جي امتحانن واري ايڊيشنل ڪنٽرولر جي پڌرائي موجب سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار فزڪس (مرد) بي پي ايس 17 جي آسامين لاءِ مئي 2011 ۾ ورتل اهل اميدوارن کان انٽرويو ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا نالا پڌرا ڪيا ويا آهن .
وڌيڪ پڙھو -
10 جون
صحت کاتئي سامونڊي طوفان کي منھن ڏيڻ لاءِ ھنگامي سيل قائم ڪري ڇڏيا
سنڌ جي صحت کاتي واري وزير ڊاڪٽر صغير احمد جي خاص هدايتن تحت سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن ڪراچي ،ٺٽو ۽ بدين ضلعن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي صحت کاتي پاران سامونڊي پٽي وارن ضلعن ۾ هنگامي سيل قائم ڪيا ويا آهن جيڪي ڏينهن رات ڪم ڪندا. تفصيل موجب اهي قائم ڪيل هنگامي سيل سنڌ جي صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري (ايڊمن) ڊاڪٽر خالد شيخ جي نگراني ۾ ڪم ڪندا
وڌيڪ پڙھو -
8 جون
ديني مدرسن جي مستحق شاگردن ۾ مورا اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا
چيئرمين ضلعي زڪوات حيدرآباد پاران ديني مدرسن جي مستحق شاگردن ۾ مورا اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا ويا.تفصيل موجب 10 ديني مدرسن کان علاوه مختلف اسڪولن جي غريب شاگردن ۾ 14لک 44 هزار 5 سئو رپين جي رقم ورهائڻ واري تقريب ۾ پيپلزپارٽي ضلعي حيدرآباد جي قائم مقام صدر امان الله سيال، پ پ اڳواڻ عبدالجبار خان ۽ مختلف مدرسن جي محتمن ، استادن ۽ ٻين معززن شرڪت ڪئي . ان موقعي تي پ پ ضلعي حيدرآباد جي قائم مقام صدر امان الله سيال، مورا اسڪالرشپ وارن چيڪن جي منصفاڻي ورهاست واري عمل کي ساراهيندي چيو ته ان عمل سان شاگردن جي حوصلاافزئي ٿئي ٿي.
وڌيڪ پڙھو -
8 جون
پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن 21 جون تي شاندار نموني سان ملهائڻ جو فيصلو
يپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن 21 جون 2011ع تي انتهائي منظم ۽ شاندار نموني سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن ان موقعي تي پنهنجي رت جو عطيو پڻ ڏيندا، جنهن لاءِ هر ضلعي ۾ طبي ڪيمپون لڳائڻ لاءِ ڪاميٽيون جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه بين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير ۽ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر مخدوم جميل الزمان جي صدارت ۾ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي سرڪٽ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ٻڌائي وئي، اجلاس کان پوءِ پيپلز پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج حيدر ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن طرفان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن ۽ سندس جدوجهد بابت هڪ سيمينار جون جي آخر ۾ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويندو
وڌيڪ پڙھو