ھنڱورجا
-
فروری- 2013 -18 فروری
ٽي ايم او ناروجي بدلي خلاف احتجاجي مظاهرو
ي ايم او نارو ظفر اقبال ڦلپوٽو جي بدلي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو بدلي نه روڪڻ جي صورت ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ، تفصيل موجب تعلقي نارو جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين ٽي ايم او نارو ظفر اقبال ڦلپوٽو جي بنا جواز بدلي ڪرڻ خلاف محمد علي ، فدا حسين، علي گوهر، غلام عباس، بشير احمد، امتياز احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽي ايم او جي بدلي روڪيو جا نعرا هنيا.
وڌيڪ پڙھو -
18 فروری
ھنڱورجا: سڀاڻي کان مفت اکين جي ڪئمپ
لڪياري ويلفيئر ٽرسٽ پاران سيد ارشاد احمد شاهه ميموريل اسپتال ۾ سڀاڻي اڄ کان ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي طبعي ڪئمپ اڄ لڳائي پئي وڃي . جنهن جو افتتاح درگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين ۽ لڪيار ويلفيئر ٽرسٽ جو سربراهه پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ڪندو.
وڌيڪ پڙھو -
18 فروری
ڪوئيٽا واقعي خلاف ھنڱورجا ۾ ڌرڻو
ڪوئٽه سانحي جي خلاف هنڱورجا ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند ڪيو ويو، مختلف شيعه تنظيمن مجلس وحدت المسلمين ، آءِ ايس او جي سوين ڪارڪنن مولوي منظور سولنگي، زنوار لياقت علي دايو، جواد ملاح، منور حسين شاهه ، زاهد شاهه ، ذاڪر حسين شاهه ، مبشر جهانگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنجهٽي چوڪ کان سخي ناصر شاهه گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي يا حسين جو صدائون بلند ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي
وڌيڪ پڙھو -
18 فروری
هنڱورجا: پاڻي جي خلاف مظاھرو
هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار جي سڏ تي 200 کان وڌيڪ ٽيوب ويل گذريل 10 سالن کان ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي وڃڻ ۽ 17 شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف تعلقي جي چاليهه کان وڌيڪ ڳوٺن ڳوٺ ڪينجهر، ڳوٺ سهتا، ڳوٺ سولنگي، ڳوٺ مڱڻيجا، ڳوٺ خدا بخش سهتو، ڳوٺ پناهه سولنگي، ڳوٺ جونگل خان چانگ، ڳوٺ ڀونگل خان چانگ، گاجي ڳوٺ، مڱڻا پوٽا، سميت ٻين ڳوٺن جي آبادگار ۽ هارين ريلين جي صورت ۾ هنڱورجا جي سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ پهچي قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
16 فروری
هنڱورجا: سنڌ آبادگار اتحاد پاران پاڻي جي کوٽ خلاف مظاھرو
ھنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي تعلقي صوڀوديرو جي 200 اسڪارپ ٽيوب ويل ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ۽ برباد ٿي وڃڻ ۽ تعلقي جي 17 شاخن ۽ واهن جي ٽن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري شاخون پورجي وڃڻ جي خلاف مظاھرو
وڌيڪ پڙھو -
16 فروری
ھنڱورجا: 19۽ 20 فيبروي تي مفت اکين جي طبعي ڪئمپ لڳائي ويندي
ڪياري ويلفيئر ٽرسٽ پاران سيد ارشاد احمد شاهه ميموريل اسپتال ۾ 19 ۽ 20 فيبروي تي ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي طبعي ڪئمپ لڳائي ويندي. جنهن جو افتتاح درگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين ۽ لڪيار ويلفيئر ٽرسٽ جو سربراهه پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪيار ڪندو.
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
ھنڱورجا: اڳوڻي ايراني سفير ايم بي عباسي ۽ ٻين پاران ھڙتال جو اعلان
سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي هنڱورجا ۾ تعلقي صوڀوديرو جي 200 اسڪارپ ٽيوب ويل 10سالن کان ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين سم جي ور ڇڙهي وڃڻ خلاف قومي شاهراه تي احتجاجي ڌرڻو
وڌيڪ پڙھو -
10 فروری
معصوم نينگر رافع ميمڻ اڃان تائين بازياب نه ٿي سگھيو
هنڱورجا مان اغوا ٿي ويل معصوم نينگر رافع ميمڻ 31 ڏينهن گذري وڃڻ با وجود اڃا تائين پوليس انتظاميه کيس کي بازياب ڪرائي نه سگهي آهي جڏهن ته نينگر جي گهر ۾ اڃا تائين ڪهرام متل آهي
وڌيڪ پڙھو -
6 فروری
هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي سوين آبادگارن جي احتجاجي ريلي قومي شاهراهه تي ڌرڻو مطالبن
هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي سوين آبادگارن جي احتجاجي ريلي قومي شاهراهه تي ڌرڻو مطالبن جي مڃتا لاءِ 6 ڏينهن به بک هڙتال جاري رات ڏينهن ڪئمپ تي رهڻ ڪري ٽن آبادگارن جي حالت خراب
وڌيڪ پڙھو -
6 فروری
اي ايس آءِ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
هنڱورجا جي ڳوٺ واٽيه ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 6 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل ٽريفڪ پوليس جي اي ايس آءِ علي مختيار واٽيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنڱورجا پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پر جوابدارن مان ڪوبه هٿ نه اچي سگهيو آهي
وڌيڪ پڙھو