ھنڱورجا
-
مارچ- 2013 -31 مارچ
هنڱورجا: حافظ عبدالخبير لنڊ کي جي گرفتاري خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل
جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالحميد لنڊ جي فرزند حافظ عبدالخبير لنڊ کي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ٿاڻو ڪراچي هارون ڪورائي پاران گرفتار ڪري گم ڪرڻ ۽ سندس ڪار ڪوڙي ڪيس ۾ چالان ڪرڻ خلاف سندس ڀاءُ مولانا عبدالقدير لنڊ پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
31 مارچ
فنڪشنل ليگ پاران پير ڪاظم علي شاهه کي پارٽي ٽڪيٽ ملڻ جي خوشي ۾ ريلي
اين اي 217 تي فنڪشنل ليگ پاران پير ڪاظم علي شاهه کي پارٽي ٽڪيٽ ملڻ جي خوشي ۾ فنڪشنل ليگ جي ڪارڪنن تعلقي صدر سيد عباس علي شاهه لڪياري، عزيز احمد سهتو، انيس احمد نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ پنجهٽي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مٺائي تقسيم ڪئي وئي
وڌيڪ پڙھو -
31 مارچ
هنڱورجا: اتر سنڌ جي انبن جي باغات ۾ خطرناڪ بيماري منهن ڪڍيو
اتر سنڌ جي انبن جي باغات ۾ خطرناڪ بيماري منهن ڪڍيو ڪيترن ئي هنڌن تي انب جا وڻ سڪڻ لڳا ۽ جهليل ٻور ڇڻڻ لڳو زرعي دوائون نقلي هجڻ ڪري بي اثر بڻيل آبادگارن ۽ ٺيڪيدارن کي لکين روپين جي نقصان جو انديشو
وڌيڪ پڙھو -
31 مارچ
اتر سنڌ ۾ سون ايڪڙن تي پوکيل سئونف جو فصل تيار لاباري لاءِ تياريون
اتر سنڌ ۾ سون ايڪڙن تي پوکيل سئونف جو فصل تيار لاباري لاءِ تياريون، مارڪيٽ ۾ سئونف جو اگهه چوٽ چڙهيل سئونف پوکيندڙ آبادگارن کي فائدو
وڌيڪ پڙھو -
30 مارچ
پي پي جا اميدوار اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا، ميڊم بچل ڪٻر
پي پي ايم پي اي جي اميدوار ۽ پي پي ليڊيز ونگ جي ضلعي خيرپور جي جنرل سيڪريٽري ميڊم بچل ڪٻر چيو آهي ته پي پي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي ان جا اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي مخالفن کي تاريخي شڪست ڏيندا
وڌيڪ پڙھو -
30 مارچ
هنڱورجا: سنڌ کي مختلف وقتن تي سامراجي قوتن وڏو نقصان رسايو آهي، جسقم اڳواڻ
جسقم هنڱورجا پاران ٽائون ڪاميٽي حال ۾ ”سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاءِ“ عنوان هيٺ ليڪچر پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ساگر حنيف بڙدي ، فقير امداد منگي، علي عثمان ميمڻ ، پرويز لنجار، ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار ، يوسف ميمڻ کان سواءِ خيرپور ضلعي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
28 مارچ
چونڊون: شاھ محمود قريشي فارم ڀرائڻ لاءِ اڄ عمر ڪوٽ پھچي رھيو آھي.
تحريڪ انصاف پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ ۽ درگاهه غوث بهاءالدين ذڪريا ملتان جو گادي نشين اڄ عمر ڪوٺ جي تڪ اين اي 228 عمر ڪوٽ ۽ اين اي 230 ٿرپارڪر تي نامينيشن فارم جمع ڪرائڻ لاءِ سنڌ اچي رهيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
28 مارچ
هنڱورجا: جسمم پاران ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف مظاھرو
جسمم جي ڪارڪنن پاران سنڌ يونيورسٽي مان گرفتار ڪيل جسمم ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو، تفصيل موجب جيئي سنڌ متحدا محاذ يونٽ شهيد سميع الله ڪلهوڙو جي ڪارڪنن سنڌ يونيورسٽي مان گرفتار ڪيل جسمم ۽ جساف ڪارڪنن جي آزادي لاءِ فياض ڏاهري، نورالله تنيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
وڌيڪ پڙھو -
28 مارچ
هنڱورجا: ريٽائر فوجي جي نادرا خلاف دانھن
هنڱورجا واسي رٽائرڊ فوجي ڀاڳيو خان سولنگي پريس ڪلب پهچي نادرا آفيس گمبٽ خلاف داهيندي الزام لڳايو ته منهنجو قومي شناختي ڪارڊ جو مدو پورو ٿيڻ جي ڪري نئون ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ نادرا آفيس گمبٽ جا پنجاهه ڀيرا چڪر ڪاٽي چڪو آهيا
وڌيڪ پڙھو -
28 مارچاليڪشن 2013
عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوار پاران نامينيشن فارم وٺڻ جو سلسلو جاري
حڪومت پاران اعلان ٿيل عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوار پاران نامينيشن فارم وٺڻ جو سلسلو جاري آهي هن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب پي ايس 33 تي ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي، مسلم ليگ نواز جي فقير عنايت هيسباڻي، جماعت اسلامي جي در محمد خاصخيلي، ۽ اين اي 216 تي پ پ جي ساجد ٻانڀڻ ، نواز ليگ جي اصغر علي اعواڻ پنهنجا نامينيشن فارم وصول ڪيا آهن
وڌيڪ پڙھو