ھنڱورجا
-
اپریل- 2013 -26 اپریل
ھنڱورجا: پي پي جي 12 ڪارڪنن پاڻ ساڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
اين اي 216 ، پي ايس 33 ۽ 31 جي پولنگ اسٽيشنن تي سياسي بنيادن تي عملو مقرر ڪرڻ واري عمل خلاف ٻڌايل تڪن جي پي پي ورڪرن ۽ ووٽرن فقير سبز علي هيسباڻي، عاشق راڄپر، عبدالقيوم راڄپر جي اڳواڻي ۾ قومي شاهراهه تي شاهه جي مشين اسٽاپ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت احتجاج ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
26 اپریل
حق سچ جي هن ڀيري فتح ٿيڻي آهي، محسن علي شاهه نقوي
پي ايس 34 جي آزاد اميدوار علامه محسن علي شاهه نقوي هنڱورجا جي ڪانڊيرو خان سهتو، ڳوٺ خدابخش سهتو، ڳوٺ بنگل خان چانگ، سومرا محلا، ميمڻ محلا، ملاح محلا، هاشماڻي محلا ۽ ٻين محلن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ڀيري تڪ جو غيرتمند عوام سياسي منافقن کي 11 مئي تي عبرتناڪ شڪست ڏيندو .
وڌيڪ پڙھو -
26 اپریل
عوام شهيد راڻي جي ڏنل قرباني کي ڏسي تير جي نشان تي ٺپو هڻي، جاويد شاهه جيلاني
اين اي 217 جي پ پ اميدوار سيد جاويد شاهه جيلاني چيو آهي ته 11 مئي تي تڪ جو عوام شهيد راڻي جي ڏنل قرباني کي ڏسي تير جي نشان تي ٺپو هڻي ڪامياب ڪندو. تعلقي صوڀوديرو جي مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي سيد جاويد شاهه جيلاني چيو ته جلد ٻين پارٽين جا اهم اڳواڻ پي پي ۾ شامل ٿيندا. اسان جي ڪاميابي غريب عوام جي ڪاميابي آهي
وڌيڪ پڙھو -
26 اپریل
ڌرتي وڪرو ڪندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ اچن ٿا،ڪاظم علي شاهه لڪياري
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير آف هنڱورجا سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڳوٺ سهتا، ڳوٺ منڱڻيجا، ڳوٺ سولنگي، ڳوٺ الهورايو واٽيو، ڳوٺ ڪوڙل جوڳي سميت ٻين ڳوٺن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري کين کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي سڄڻن ۽ دشمنن جي سڃاڻپ ڪن ڌرتي وڪرو ڪندڙ اڄ ڪهڙي منهن سان ووٽ وٺڻ اچن ٿا انهن کي 11 مئي تي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي .
وڌيڪ پڙھو -
26 اپریل
ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو خلاف ڳوٺاڻن جو مظاھرو
ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو پاران نولکي واهه مان نڪرندڙ واٽر ڪورس کي بند ڪرڻ ۽ اريگيشن جي ريسٽ هائوس جو لوهه ۽ ڪاٺ وڪرو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ايس ڊي او خلاف پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان
وڌيڪ پڙھو -
25 اپریلاليڪشن 2013
مولانا محسن شاھ نقوي جي چونڊ مھم تيز
پي ايس 34 جي آزاد اميدوار مولانا محسن علي شاهه نقوي دعوا ڪئي آهي ته 11 مئي تي تعلقي صوڀوديرو ۽ گمبٽ جو عوام روايتي سياسي پارٽين جي اميدوارن کي هر گز ووٽ نه ڏيندو عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي ۽ هن ڀيري عوام نيڪ ۽ ديندار اميدوار کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو.
وڌيڪ پڙھو -
23 اپریل
فضل علي شاهه جيلاني ۽ سندس ڀاءُ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني جي وچ ۾ اختلاف
پي اي 33 تي پي پي اميدوار پير آف راڻيپور پير سيد فضل علي شاهه جيلاني ۽ سندس ڀاءُ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني جي وچ ۾ اختلافات ٿيڻ ڪري پير ظهور احمد شاهه جيلاني پنهنجي ڀاءُ پي ايس 33 جي اميدوار پير فضل علي شاهه جيلاني جي مخالفت ڪندي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني جي نه رڳو حمايت ڪئي آهي پر ان جي ورڪ شروع ڪري ڏني آه
وڌيڪ پڙھو -
23 اپریل
اسان پيرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهيون، يار محمد منڱڻيجو
سهتا مڱڻيجا ناريجا اتحاد جي اين اي 217 جي اميدوار حاجي يار محمد منڱڻيجو هنڱورجا ، سمي سڳيون ۽ ٻين هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هن ڀيري آزمايلن کي ٻيهر آزمائڻ جي عوام غلطي نه ڪندو ڀوتارن ۽ پيرن عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي ان ڪري اسان پيرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهيون
وڌيڪ پڙھو -
23 اپریلاليڪشن 2013
هن ڀيري تبديلي اڻٽر آهي، پي ايس 33 جي آزاد اميدوار ذوالفقار علي انصاري چونڊ مھم شروع ڪري ڏني
پي ايس 33 جي آزاد اميدوار نوجوان صحافي ذوالفقار علي انصاري پنهنجي چونڊ مهم جو آغاز ڪندي سيٺارجا شهر ۾ ريلوي فاٽڪ وٽان وڏي عوامي ريلي ڪڍي سڄي شهر جو گشت ڪندي دڪاندارن ۽ شهرين کي ووٽ ڏيڻ لاءِ چيو
وڌيڪ پڙھو -
23 اپریل
پي پي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو واري پارٽي ناهي رهي، ظهور احمد شاهه جيلاني
پير عبدالقادر شاهه جيلاني جي فرزند پي پي اڳواڻ پير سيد ظهور احمد شاهه جيلاني عرف ابل سائين پنهنجي پٽ مٺا سائين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي ڀاءُ اڳوڻي ايم اين اي ۽ پي ايس 33 جي پي پي جي اميدوار پير سيد فضل علي شاهه جيلاني جي سخت مخالفت ڪندي پي ايس 33 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد معشوق علي شاهه جيلاني جي حمايت ڪندي چونڊ مهم هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو