اليڪشن 2013
-
مئی- 2013 -1 مئی
محبت ديرو : لياقت علي ملاح به پ پ ڇڏي اين پي پي ۾ شامل
ڪنڊيارو لڳ محبت ديرو ملاح ذات جو اڳواڻ اڄ سنڌ ملاح پھلواڻ جو وڏو پوٽو لياقت علي ملاح پ پ کي الوداع چئي اين پي پي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالھ شام وڏو جلسو منعقد ٿيو جنھن ۾ اين پي پي چيئرمين مرتضيٰ خان جتوئي، سيد آفتاب علي شاھ، سيد ابرار علي شاھ، وڏيرو عزيزالله ڏھراج، آغاطارق ملاح، آغا نوشاد علي ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
1 مئی
11 مئي نواز ليگ جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو، امداد حسين چولياڻي
پي ايس 41 تي نواز ليگ جي اميدوار امداد حسين چولياڻي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪالهه ڳوٺ روشن مغيري، ڳوٺ ڪمالپور، ڳوٺ سائين داد کوکر ۽ باڊهه جي مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين ۽ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته 11 مئي نواز ليگ جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو، هن چيو ته پ پ وارن گذريل 5 سالن دوران عوام کي بيروزگاري، مهانگائي، بدامني ۽ لوڊشيڊنگ جهڙا تحفا ڏنا
وڌيڪ پڙھو -
1 مئیاليڪشن 2013
بروھي ڀائرن اچونڊ مھم تيز ڪري ڇڏي
اين اي 205 ۽ پي ايس 41 جي آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي پنهنجي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيو آهن، ڪالهه ڳوٺ درگاهه شريف، ڀٽي ڳوٺ، ڳوٺ علي مراد چانڊيو، ڳوٺ خير محمد جهتيال، وڏي وهڻي ۽ ٻين ڳوٺن جا طوفاني دورا ڪري مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي چيو ته عوام کرن ۽ کوٽن کي پرکي چڪو آهي
وڌيڪ پڙھو -
1 مئیاليڪشن 2013
ڏھرڪي ۾ گھر گھر ووٽ جي اھميت جي آگاھي ڏني پئي وڃي، الک ويلفيئر ايسوسيشن اڳواڻ
الک ويلفيئر ايسوسيشن ضلع گهوٽڪي جي اڳواڻن شبيرگبول ۽ عامررسول ڏهرڪي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سٽيزنس وائيس فار فري اينڊ پيس فل اليڪشن پروجيڪٽ تحت اسان جي ٽيمن ضلع گهوٽڪي جي 39 پولنگ اسٽيشن جي 5 هزار خاندانن جي ويهه هزار کان مٿي ماڻهن کي گهر گهر وڃي ووٽ جي اهميت ۽ ووٽ ڏيڻ بابت آگاهي ڏني آهي
وڌيڪ پڙھو -
1 مئی
ڪاميابي حاصل ڪري پاڪستاني عوام جي خدمت ڪنداسين، پ پ اڳواڻ
پيپلز پارٽي جي مرڪزي رهنما ۽ اڳوڻي وزيراعلي سيد قائم علي شاه جي ڌيءَ ڊاڪٽر سيده نفيسه شاه جيلاني ۽ اين اي 215 جي نامزد اميدوار حاجي نواب خان وساڻ چيو آهي ته پيپليز پارٽي جي قيادت ملڪ ۽ قوم کي خوشحالي لاءِ پنهنجن جانن جا نذرانا پيش ڪيا ۽ ملڪ جي حقيقي جمهوريت کي نافذ ڪئيِ 11 مئي تي هڪ دفعو ٻيهر عوام شهيد ذوالفقار علي بٽو جي خاندان سان محبت جو اظهار ڪندي تير تي ٺپو هڻي وفا جو اظهار ڪندا.
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -30 اپریل
مورو: ڀوتارن مورو جي عوام کان ووٽ وٺي انهن کي نڌڻڪو ڇڏي پاڻ عياشيون ڪيون، ڪاظم علي شاھ
پي ايس 23 جي آزاد اميدوار سيد ڪاظم علي شاھ پاران اليڪشن ورڪ جي سلسلي ۾ تعلقي مورو جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪرڻ کانپوءِ مورو شهر جي گولڊن گرائونڊ تي عورتن ۽ مردن جي هڪ وڏي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته 65 سالن کان وٺي هن مهل تائين هتان جي ڀوتارن مورو جي عوام کان ووٽ وٺي انهن کي نڌڻڪو ڇڏي پاڻ عياشيون ڪيون آه
وڌيڪ پڙھو -
30 اپریلاليڪشن 2013
مورو: پ پ جو پراڻو جيالو اين پي پي ۾ شامل، پ پ وارن وٽ قدر ناھي
پ پ جو تعلقي صدر ۽ پي ايس 23 جو آزاد اميدوار حاجي خان ڀٽي جي پارٽي مان ڳوڙھن سان الوداع، اين پي پي اڳواڻ ۽ پي ايس 23 جي اميدوار مسرور احمد جتوئي جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو، چيئرمين نيشنل پيپلز پارٽي غلام مرتضا جتوئي تي اعتماد ڪندي اين پي پي ۾ شامل،
وڌيڪ پڙھو -
30 اپریل
شاهنواز پنهور جي قتل وارو واقعو هڪ سازش هئي، رفيق جمالي
پ پ اين اي 232 جي اميدوار رفيق جمالي،پي ايس 73 جي اميدوار مراد شاه دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آچر ڏهاڙي تي ڦڪا وٽ نوجوان شاهنواز پنهور جي قتل وارو واقعو هڪ سازش هئي پ پ جي اڳوڻي يو سي ناظم امام علي شاه ، حاجن شاه ، اسد شاه خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ سياسي دشمني آهي هو ذاتي دشمني تحت قتل ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
30 اپریل
دادو: ڪافي اميدوار اليڪشن تان ھٿ کڻي ويا
قومي عوامي تحريڪ جي ضلع دادو جي سڀني تڪن تي بيٺل اميدوارن اين اي 232 مسلم ليگ جي اميدوار ڪريم علي جتوئي ۽ پي ايس 74 جي اميدوار سيد ظفر شاه جي موجودگي ۾ پهنجن تڪن تان هٿ کڻي ڇڏيو قومي عوامي تحريڪ جي پي ايس 74 جي اميدوار عمره سمون، زينت سمون،پي ايس 75 جي غلام رسول لغاري ،پي ايس 76 جي اعظم خاصخيلي پي ايس 77 جي وڪيل نجيب مهيسر هٿ کڻي ويا.
وڌيڪ پڙھو -
30 اپریل
ايم ڪيو ايم اميدوار جون ڪارنر گڏجاڻيون
متحده قومي مومينٽ جي اين اي 232 جي اميد وار ۽ پي ايس 73 آفتاب چنه ڳوٺ پيچوها سميت مختلف ڳوٺن ۾ وڃي ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون اميدوارن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي بهترين پارٽي آهي اسان هميشه عوام جي حقن جي تحفظ لا جاکوڙيو آهي هاڻي به ڪامياب ٿي عوام جا مسئلا حل ڪنداسين.
وڌيڪ پڙھو