تعليمي خبرون

  • جولائی- 2011 -
    22 جولائی

    هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي

    هائير ايجوڪيشن ڪميشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مالي مشڪلاتن ۾ ڦاسڻ جو خدشو، خبر موجب هائير ايجوڪيشن ڪيمشن، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هلندڙ مالي سال جي بجيٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن سان مادرعلمي سخت مالي گهوٽالي جو شڪار ٿي ويندي، ان حوالي سان سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي اختيارين کي هڪ کليل خط موڪليو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته هلندڙ مالي سال 2012-2011 لاءِ مادرعلمي لاءِ 608.55 ملين روپيه مختص ڪيا ويا آهن، جيڪي گذريل سال جي بجيٽ 695.508 جي ڀيٽ ۾ 86.958 ملين روپيه گهٽ آهن، اهڙي ريت يونيورسٽي سان سلهاڙيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج ڏوڪري جي بجيٽ هلندڙ مالي سال لاءِ 51.430 ملين روپيه مختص ڪيا ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 جولائی

    زرعي يونيورسٽي ۾ سپليمينٽري امتحان 23-آگسٽ کان شروع ٿي رهيا آهن

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي امتحانن بابت ڪنٽرولر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب تدريسي سال 10-2009 ۽ ڪئلينڊر سال 2011 جي مڙني ڪلاسن جي پهرين کان آخري سال جي سڀني فيڪلٽين جي ٻئي ٽرم جا سپليمينٽري امتحان 23-آگسٽ کان شروع ٿي رهيا آهن، جنهن جي فارمن جي عام رواجي في سان آخري تاريخ 15-آگسٽ ۽ ليٽ في سان 19 آگسٽ مقرر ڪئي وئي آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2011 -
    16 جون

    شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ پاڻيءَ جي بد انتظامي ۽ ان جا زراعت تي پوندڙ اثر جي عنوان تي سيمينار

    شاهه عبداللطيف خيرپور جي معاشيات واري شعبي ۾ اسڪالر سيد اسد رضا عابديءَ معاشيات شعبي پاران ميرواهه ڪئنال ۾ پاڻيءَ جي بد انتظامي ۽ ان جا زراعت تي پوندڙ اثر جي عنوان تي سيمينار ڪرايو جنهن کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ چيو ته اڄ جي دور ۾ پاڻي انتهائي اهم آهي جنهن کان سواءِ زراعت جي ترقي اڻپوري آهي هن چيو ته پاڻيءَ جي صحيح استعمال تي برقرار نه رکيو ويو ته مستقبل ۾ ان جي معاشيات تي خراب اثر پئجي سگهن ٿا جڏهن ته هن محققن پاران تحقيق جي ساراهه ڪندي چيو ته سندن تحقيق سان پاڻيءَ جي چوري ڪندڙ انصرن کي ظاهر ڪرڻ سميت ان ذريعي پوندڙ نقصانن جي پڻ ڄاڻ ملي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 جون

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ زرعي گريجوئيٽس جي ڊگري جي مارڪيٽ ۾ گهرج تي ھڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ميزباني هيٺ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي تعاون سان زرعي گريجوئيٽس جي ڊگري جي مارڪيٽ ۾ گهرج توڙي ان جي جوڙجڪ بابت هڪ اهم سيمينار ٿيو، جنهن جي صدارت ڪراپ پراڊڪشن فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر شمس الدين تنيو ڪئي، جڏهن ته ان بابت آيل ماهر ڊاڪٽر نصير عالم پنهنجو خصوصي مقالو پڙهيو، تقريرون ڪندي ڊاڪٽر شمس الدين تنيو چيو ته زرعي گريجوئيٽس ملڪ جي اهم غذائي ضرورتن توڙي ماحوليات، زراعت ۽ پاڻي جي حوالي سان اهم ڪم سرانجام ڏين ٿا ان ڪري انهن جي مارڪيٽ۾ گهرج ۽ ان جي اهميت کي انڪاري نه ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جي لاءِ خانگي توڙي سرڪاري ادارن ۾ مقرري توڙي انهن کي پنهنجن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪرڻ گهرجن

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 جون

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ۾ اوورسيز اسڪالرشپ جي تاريخ ۾ واڌارو

    ٽنڊوڄام: سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي اسڪالرشپ بابت انچارج پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته اهڙا اميدوار جن اوورسيز اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست جمع ڪرائڻ کان رهجي ويا آهن، ان جي سهولت خاطر فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 20-جولائي 2011 تائين واڌارو ڪيو ويو آهي، پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته صرف اهي اميدوار درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا، جن جي آر اي جو امتحان گهربل نمبرن ۾ پاس ڪيو آهي. پريس رليز

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 جون

    ايڊوانسڊ اسٽڊيز جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي صدارت هيٺ گذريو

    سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي ايڊوانسڊ اسٽڊيز جو اجلاس وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل جي صدارت هيٺ گذريو، جنهن ۾ ڊائريڪٽر اڊوانسڊ اسٽڊيز ڊاڪٽر محمد عمر ملاح، ڊاڪٽر اميربخش ڪلهوڙو، ڊاڪٽر شمس الدين تنيو، ڊاڪٽر محمد صفر ميرجت، ڊاڪٽر ڪي بي ميربحر ۽ ٻيان ميمبر شريڪ ٿيا، ان موقعي تي اجلاس ۾ يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ داخلائن، تدريسي معاملن ۽ اعليٰ تدريسي معاملن تي بحث ۽ فيصلا ڪيا ويا، وائيس چانسلر اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اعليٰ تدريسي سرگرمين تي وڌيڪ زور ڏئي، يونيورسٽي ۾ پي ايڇ، ايم فل ۽ ماسٽرس ڊگرين جي ڪلاسن ۽ تحقيقي ڪم تي عالمي معيار مطابق ماهر پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻين.

    وڌيڪ پڙھو
  • اپریل- 2011 -
    30 اپریل

    تعليمي ادارن ۾ تعليم جي عملي پاران فرض ۾ ڪوتاهي ڪرڻ قوم سان دوکو ڪرڻ ۽ ايندڙ نسل تباهه ڪرڻ جي مترادف آهي:ِي ڊي او ايجوڪيشن

    خيرپور: ايگزيڪيٽوِڊسٽرڪٽ آفيسر (اِي ڊي او) ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ ڇنڇر ڏينهن گورنمينٽ ايليمينٽري ۽ پرائمري اسڪول فيض آباد خيرپور جو دورو ڪيو ۽ اسڪول ۾ استادن جي غيرموجودگي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو جڏهن ته ايليمينٽري اسڪول جي ٻن ۽ پرائمري اسڪول جي ڇهن غير حاضر رهندڙ فيميل استاد ( ماسترياڻين) جون پگهارو بند ڪرڻ ۽ جبري موڪل تي روانو ڪرڻ جاحڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • 10 اپریل

    ڊڪٽيٽر جي دور ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جوڙي ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو: پير مظهر الحق

    دادو: سينيئر وزير تعليم پير مظهر الحق چيو آهي ته هائر ايجوڪيشن صوبائي سبجيڪٽ آهي ڪجهه ماڻهن کي پنهنجي ڪرسي وڃڻ ۾ تڪليف ٿي رهي آهي ڏهن سالن کان ڊڪٽيٽر جي هنج ۾ ويٺل مافيا پارليامينٽ جي فيصلي کي چئيلنج ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جنهن جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي، سينيئر وزير تعليم گرلز ڊگري ڪاليج داو جي ساليانا تقريب کي خطاب ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته ماضي ۾ يونيورسٽي گرانٽ ڪميشن يونيورسٽين کي فنڊس مهيا ڪندي هئي جڏهن ته ڊڪٽيٽر جي دور ۾ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جوڙي ننڍن صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو، هن چيو ته سنڌ کي صرف 891 اسڪالرشپس ڏنيون ويون، سينيئر وزير تعليم وڌيڪ چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه جي يونيورسٽين جي وائس چانسلرن هائر ايجوڪيشن کي صوبن حوالي ڪرڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته چارئي صوبا هائر ايجوڪيشن کي سنڀالڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن ته صوبائي سطح تي هائر ايجوڪيشن ڪميشنون قائم ڪيون پيون وڃن، ان سلسلي ۾ جلد آئيني ڪميٽي جي سربراهه سينيٽر رضا رباني جي سربراهي ۾ چئني صوبن جي تعليم وارن وزيرن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آهي جنهن ۾ اتفاقِ راءِ سان فيصلو ڪيو ويندو. هڪ…

    وڌيڪ پڙھو
  • 6 اپریل

    اوپي ڊي کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي جيڪا ايم ايس آفيس وٽ پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي

    حيدرآباد: لياقت يونيورسٽِي اسپتال حيدرآباد پاران ”صحت جي عالمي ڏهاڙي“ جي حوالي سان عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ اڄ يعني 7 اپريل 2011 تي تي صبح جو 10 وڳي ايم ايس ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ عباسي جي اڳواڻي ۾ اوپي ڊي کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو آهي جيڪا ايم ايس آفيس وٽ پنهنجي پڄاڻي تي پهچندي _ بعد ۾ نيو ليڪچر هال سول اسپتال ۾ صحت جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويندو جنهن کي ايم ايس ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ عباسي ، پروفيسر رفيع غوري ۽ پروفيسر بيکارام خطاب ڪندا جڏهن ته ان موقعي تي سول اسپتال حيدرآباد ۾ معلوماتي بينرز ۽ هڪ ڊگهي قداور پورٽريٽ لڳائڻ سميت اسپتال ۾ چراغان پڻ ڪيو ويندو _ ايم ايس ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ عباسي صحت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته صفائي، سٿرائي سان کائڻ پيئڻ ۾ اعتدال ذريعي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان محفوظ رهي سگهجي ٿو جڏهن ته ورزش کي روزاني جو معمول بڻائجي ته صحت لاءِ بهتر سنوڻ آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 4 اپریل

    آدمشماري هي هڪ قومي فريضو آهي. جنهن لاءِ هو لگن ۽ جانفشاني سان پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪيو وڃي

    سکر: چيف سيڪريٽري سنڌ مسٽر عبدالسبحان ميمڻ ڊي سي او آفيس سکر ۾ مختلف ضلعن جي ڊي سي اوز، ڊي پي اوز، اي ڊي اوز روينيو ۽ اي ڊي اوز ايجوڪيشن سان گهر شماري آپريشن سينسس 2011 متعلق هڪ گڏجاڻي منعقد ڪئي. هن گڏجاڻي ۾ ڊي سي اوز، ڊي پي اوز، اي ڊي اوز روينيو، اي ڊي اوز ايجوڪيشن سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، خيرپور، نوشهروفيروز، دادو ۽ شهيد بينظير آباد ضلعن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري ڊي سي اوز ۽ ٻين واسطيدار آفيسرن کي خطاب ڪندي چيو ته هي هڪ قومي فريضو آهي. جنهن لاءِ هو لگن ۽ جانفشاني سان پنهنجي ذميوارين کي ادا ڪن ته جئين هي اهم ڪم صاف ۽ شفاف نموني سان مڪمل ڪري سگهجي. ڇو ته هي هڪ اهم ٽاسڪ آهي هن ذريعي ملڪ جا پروگرام ۽ منصوبا بندي جوڙي ويندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪوشش ڪنداسين ته جيئن سڀني علائقن کي مڪمل طرح ڪور ڪري سگهجي جنهن لاءِ سڀني آفيسرن جي سهڪار جي ضرورت آهي ته جئين ڪو به علائقو گهر شماري آپريشن دوران رهجي نه وڃي. چيف سيڪريٽري ڊي پي اوز کي هدايت ڪئي ته هو 05 اپريل کان شروع ٿيندڙ گهر شماري آپريشن سينسس دوران مختلف علائقن ۾ متعين ٿيل فيلڊ اسٽاف کي…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button