دادو
-
مارچ- 2013 -22 مارچ
دادو: ديهه ڀنڊ جي رهواسين پاران زمين تي قبضي خلاف مظاھرو
ديهه ڀنڊ جي رهواسين بااثر ماڻهن پاران زمين تي قبضي خلاف پنهل خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ خاصخيلي اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ دادو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو اڳواڻن چيو ته پير مظهر جي ڀاءُ پير منور پنهل خاصخيلي جي 19ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو آهي. هو با اثر آهي اسان غريب آهيون زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
22 مارچ
جسمم دادو پاران مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي خلاف مظاهرو
جسمم دادو پاران مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي خلاف اسحاق ڀرڳڙي ،سرمد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ دادو پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن چيو ته مذهبي انتهاپسندي وڌي وئي آهي سڄي دنيا لپيٽ ۾ آهي.حڪومت پاڪستان ملڪ مان دهشتگردي ۽ مذهبي انتهاپسندي کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي هنن چيو ته مذهبي انتهاپسندي ختم ڪرائي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
20 مارچ
دادو: مهراڻ ٽي وي جي رپورٽر صحافي جي مٿان حملي خلاف مظاھرو
دادو جي صحافين پاران جهول ۾ مهراڻ ٽي وي جي رپورٽر صحافي خان محمد خاصخيلي مٿان تيزاب هاريندڙن جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ نـــــويد قـــريشي،گــــلڻ ڀنڊ،ولــــي محمد لنڊ،طـــارق لغاري علي دمســـاز لاکير،نيـــازچانڊيو،ڪـــامران ڪورائي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو
وڌيڪ پڙھو -
19 مارچ
يو ايس ايڊ جي تعاون سان مـــلاح عورتن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي سلسلي ۾ سيمينار ٿيو
ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مقامي هوٽل ۾ (يو ايس ايڊ) جي تعاون سان منڇر ڍنڍ جي مـــلاح عورتن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي سلسلي ۾ سيمينار ٿيو.
وڌيڪ پڙھو -
19 مارچ
دادو: درگاهه جڙيل شاهه گھٽي ۾ دوڪان جي مالڪيءَ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو
دو شهر ۾ درگاهه جڙيل شاهه گھٽي ۾ دوڪان جي مالڪيءَ تان مــــلاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو تڪرار تيز ٿي ويو. هڪ ڌر پاران دوڪان ڊاهـــڻ جي ڪوشش اڌ دوڪـان ڊاهـــي ڇـــڏيو.
وڌيڪ پڙھو -
17 مارچ
دادو: پاڪستان مسلم ليگ(ن) پاران يوم نجات ملهايو ويو
پاڪستان مسلم ليگ(ن) پاران يوم نجات ملهايو ويو، هزارين ڪارڪنن مسلم ليگ(ن) سنڌ جي اڳواڻ لياقت جتوئي،حامد ڀنڊ، انور لغاري، ڊاڪٽر بنده علي لغاري، سيد ظفر شاهه جي اڳواڻيءَ ۾مردن توڙي عورتن ريلي ڪڍي، رقص ڪيو ۽ مٺائي تقسيم ڪئي وئي.
وڌيڪ پڙھو -
17 مارچ
دادو ۾ جمھوريت جي 5 سالن جي خوشي ۾ ريلي
سپاف، پ پ يوٿ، پ پ هاري ڪاميٽي دادو پاران سوين ڪارڪنن جمهوري حڪومت جا پنج سال پورا ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ گل حسن قمبراڻي، ايم عمر پنهور عدنان جويو، امير سولنگي جي اڳواڻيءَ ۾ ميونسل پارڪ کان ايس پي چوڪ تائين ريلي ڪڍي، خوشيءَ ۾ فائرنگ ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
17 مارچ
جسمم دادو پاران سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ احتجاجي مظاھرو
جسمم دادو پاران سنڌ جا ٻيٽ وڪرو ڪرڻ ذوالفقار آباد رٿا ڪرڻ خلاف ڊاڪٽر هارون ڀرڳڙي، انور ٻرڙو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو۽ پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪئي. اڳواڻن سپريم ڪورٽ يورپي يونين کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان سرڪار تي دٻاءُ وجھي ته ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن.هنن کي وڪرو نه ڪري، حڪومت پنهنجو فيصلو وپس وٺي، نه ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
وڌيڪ پڙھو -
جون- 2011 -17 جون
سائين احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي 26 جون تي شهر جوهي ضلع دادو ۾ ملھائي ويندي
سنڌ جي ناليواري شاعر سائين احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي 26 جون تي شهر جوهي ضلع دادو ۾ تمام گهڻي جوش، جذبي ۽ عقيدت سان ملهائڻ جون تياريون زور شور سان جاري آهن، ان سلسلي ۾ سندس فرزند خليل عارف سومرو، اسٽيشن ڊاريڪٽر ريڊيو پاڪستان خيرپور ڪوثر ٻرڙو، ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن جي چيئرمين خادم حسين ميراڻي ۽ جبار خاصخيلي سان ڀٽائي جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ساڻس ڪاڇي سان تعلق رکندڙ ۽ احمد خان مدهوش جي فن ۽ شخصيت تي لکيل ڪتاب جو ليکڪ عبدالرزاق جمالي پڻ گڏ هيو. ان موقعي ورسي جي انتظامن بابت صلاح مشورو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڀٽائي سوشل ويلفئير ايسوسيئيشن جي ٽيم پاران احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ ۽ ورسي جي انتظامن ۾ هر قسم جو ممڪن سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
دادو ۾ 30 اسڪولن ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ يونيفارم طور استعمال ڪرڻ جو فيصلو
دادو ۾ 30 کان وڌيڪ خانگي اسڪولن جي مالڪن پاران اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي يونيفارم طور استعمال ڪرڻ جو فيصلو، جيئي سنڌ تحريڪ جي سڏ تي ڪالهه دادو جي هڪ خانگي هوٽل ۾ خانگي اسڪولن جي انتظاميا سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ استادن جو گڏيل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي ضلعي صدر ظفر ڪوريجو راءِ رکي ته سنڌ جي ثقافت ۽ ڪلچر کي وڌيڪ شانائتو بڻائڻ لاءِ دادو جي خانگي اسڪولن ۾ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي يونيفارم طور استعمال ڪئي وڃي، جنهن تي پرائيويٽ اسڪول ايسوسيئيشن جي اڳواڻن ممتاز علي قمبراڻي، عرفان ساهڙ، محمد قاسم لغاري ۽ ٻين خانگي اسڪولن فرهان پبلڪ اسڪول،گئليڪسي پبلڪ اسڪول، دعا، مهراڻ، ڪئمبريج ، حنا، ياسر پبلڪ اسڪول، آفاق، شهيد بينظير اڪيڊمي پبلڪ اسڪول ۽ ٻين اسڪولن جي انتظاميا پاران فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ قوم جو شان آهي
وڌيڪ پڙھو