دادو
-
مئی- 2013 -9 مئی
دادو ۾ مسلم ليگ (ف) جي مقبوليت ڏسي پ.پ وارا وائڙا ٿي ويا، نديم عباس ڪابورو
مسلم اسٽوڊنٽ فڊريشن ضلع دادو جو صدر نديم عباس ڪابورو چيو آهي ته دادو ۾ مسلم ليگ (ف) جي مقبوليت ڏسي پ.پ وارا وائڙا ٿي ويا آهن مسلم ليگ (ف) سڄي سنڌ مان سيٽون کڻندي ۽ سنڌ ۾ حڪومت فنڪشنل ليگ جي هوندي اين.اي 232 جو اميدوار سردار چاڪرخان شاهاڻي ۽ پي.ايس 74 جو اميدوار سيد محمد شاهه ڪامياب ٿيندا گذريل ڏينهن پير پاڳاري جي فرزند سيد عمر مصطفيٰ راشدي جو ڪامياب جلسو ٿيو
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي، ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب
دادو پي.ايس74 آزاد اميدوار اعجاز ملاح پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ورڪ تيز ڪندي ميمڻ محله ۾ عورتن جي ڪارنر گڏجاڻي ڪئي گڏجياڻين کي خطاب ڪندي اعجاز ملاح.عرفانه ملاح، امر سنڌو چيو ته دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي. عوام ساڳيا چهرا ڏسي ڏسي بيزار ٿي ويو آهي عوام هاڻي سنڌ دشمن ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي سڃاڻي ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
دادو:سياسي ڳالهين تان منهن ماري بعد ھڪ ڄڻو زخمي
نيو بس اسٽاپ وٽ سموسه وڪرو ڪندڙ دڪاندار ۽ اڳوڻي ايم.پي.اي ڪلثوم چانڊيو جي ڀاءُ ضلع ڪائونسل جي چيف آفيسر پرويز چانڊيو وچ ۾ ذاتي منهن ماري کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو سموسن جي دڪان ۾ ڀنڃ ڊاهه کان بعد ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني فائرنگ ۾ پرويزچانڊيو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
شهيدن جي نالي تي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙي ووٽ وٺندڙن کي عوام هاڻي سڃاڻي چڪو آهي، ظفر علي شاهه
پي.ايس 74 جي اميدوار سيد ظفر علي شاهه مزدور آباد پاڙي ،ملاح چوڪ وٽ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته دادو هاڻي مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه بڻجي چڪو آهي شهيدن جي نالي تي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙي ووٽ وٺندڙن کي عوام هاڻي سڃاڻي چڪو آهي عوام هاڻي ان کي ووٽ ڏيندو جيڪو عوام جا مسئلا حل ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
9 مئی
عوام پ.پ.پ مان بيزار ٿي چڪو آهي، ظفر علي شاهه
پاڪستان مسلم ليگ (ن) پي.ايس74 جي اميدوار سيد ظفر علي شاهه جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن جي ريلي ايس.پي چوڪ کان شاهجهان پارڪ تائين شهرين پاران شاندار استقبال ريلي ۾ عورتن ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي سيد ظفر علي شاهه چيو ته اسان سان گڏ عوامي سمنڊ ڏسي مخالف وائڙا ٿي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
1 مئی
دادو ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو دور هلي رهيو آهي، اعجاز ملاح
دادوــ پي.ايس 74 جي آزاداميدوار اعجاز ملاح ۽ شهري رحمان ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت دادو ۾ ڪرپٽ ماڻهن جو دور هلي رهيو آهي ۽ پي.ايس 74 جي تڪ تي به اهڙا اميدوار بيٺا آهن جن ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن اڳئي دور حڪومت ۾ به ڪرپشن جا ريڪارڊ ٽٽي ويا هئا
وڌيڪ پڙھو -
1 مئی
ف ليگ پاڪستان جي وڏي پارٽي ٿي اڀري پئي، چاڪرخان شاهاڻي
اين.اي 232 جي فنڪشنل ليگ جي اميدوار سردار چاڪرخان شاهاڻي پاران مختلف علائقن ۾ ڪارنر گڏجياڻيون ڪيون ڪارنر گڏجياڻين کي خطاب ڪندي هن چيو ته ف ليگ پاڪستان جي وڏي پارٽي ٿي اڀري رهي آهي عوام ف ليگ کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو مخالف 11 مئي جي ڏينهن تي پاڻ ڏسندا ته فتح ڪنهن جي ٿئي ٿي
وڌيڪ پڙھو -
1 مئی
دادو: ڪورائي،گرماڻي،لنڊ،ڪوريجه،چانڊيه برادرين جو ڪٺ
دادو ڀرسان ڳوٺ الهه بخش ڪورائي ۾ مختلف برادرين ڪورائي،گرماڻي،لنڊ،ڪوريجه،چانڊيه برادرين جو ڪٺ سردار محمدبخش ڪورائي جي صدارت هيٺ ٿيو ڪٺ ۾ ڳوٺاڻن داهون ڪيون ته پ.پ جي پنج ساله دوري حڪومت ۾ اسان کي ڪجهه به نه مليو آهي تنهن جي ڪري اسان هاڻي اهڙي پارٽي جي اميدوار کي ووٽ ڪنداسين جيڪو اسان جا مسئلا حل ڪندو
وڌيڪ پڙھو -
1 مئی
اليڪشن۾ نون چهرن جي ضروروت آهي، اعجاز ملاح
پي.ايس74 آزاد اميدوار اعجاز ملاح پاران چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ورڪ تيز ڪري ڇڏي محله قلندرآباد ۽ ملاح چوڪ ۾ ڪارنر گڏجياڻيون ڪيون ڪارنر گڏجياڻين کي خطاب ڪندي چيو ته دادو ۾ هاڻي نون چهرن جي ضروروت آهي. عوام ساڳيا چهرا ڏسي ڏسي بيزار ٿي ويو آهي عوام هاڻي سنڌ دشمن ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي سڃاڻي ورتو آهي
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -30 اپریل
شاهنواز پنهور جي قتل وارو واقعو هڪ سازش هئي، رفيق جمالي
پ پ اين اي 232 جي اميدوار رفيق جمالي،پي ايس 73 جي اميدوار مراد شاه دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آچر ڏهاڙي تي ڦڪا وٽ نوجوان شاهنواز پنهور جي قتل وارو واقعو هڪ سازش هئي پ پ جي اڳوڻي يو سي ناظم امام علي شاه ، حاجن شاه ، اسد شاه خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ سياسي دشمني آهي هو ذاتي دشمني تحت قتل ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو