بلاگ

  • مئی- 2012 -
    30 مئی

    ضلعي خيرپور جي اٺن تعلقن جا مسئلا آخر ڪڏهن حل ٿيندا ؟

    سنڌ حڪومت عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ، حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ ڪامورن جي ڪميشن ادارن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ، ناڻو لٽيندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو ، چونڊيل نمائيندا ۽ ڪامورا تاريخي ضلعي خيرپور جي تباهي جا ذميوار آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • مارچ- 2012 -
    9 مارچ
    بلاگ
    Smoking

    سگريٽ ڇڪڻ ۽ تعليم

    ڪجھ ڏينھن پھريان ڳوٺ ۾ ھڪ ٻارڙن جي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو مليو، پروگرام عيد ميلا النبي صلي الله عليه و آله وسلم جي حوالي سان ھئو، ان پروگرام ۾ ٻارڙن تمام سٺيون تقريرون ڪيون، سوالن جوابن جي پروگرام ۾ حصو ورتو ۽ ڪجھھ ٻارڙن نعتون پڙھيون، نعتون پڙھندڙ ٻارڙن مان ھڪ کي نه پيو سڃاڻان،.

    وڌيڪ پڙھو
  • جنوری- 2012 -
    10 جنوری
    بلاگ
    Teacher

    ھڪ استاد جو قتل

    پروفيسر رشيد چنڙ جو قتل ھڪ استاد جو نه پر جھالت ھٿان روشني جو قتل آھي، اھي به ڏينھن ھوندا ھئا جڏھن شاگرد خاص طور تي مئٽرڪ تائين استادن کي جھڪي ملندا ھئا ۽ ڪٿي استاد کي ڏسندا ھئا ته رستو ئي مٽائي ويندا ھئا ته ڪٿي استاد ڏسي نه وجھي، اھو استادن کان خوف نه پر سندن لاءِ مان ھوندو ھئو۔ پروفيسر رشيد چنڙ جي قتل جو ٻڌي ۽ اھو به ھڪ عظيم درسگا ھ ۾ ڏاڍو افسوس ٿيو، اسان سنڌي جيڪي اڳ ۾ ئي جاھل سڏيا پيا وڃون، اسان ئي بجاءِ ان جي جو علم پرايون، سياست جي ور چڙھي ويا آھيون، سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد سياست بدمعاشي۾ بدلجي ويئي آھي، ٿيڻ ته ائين کپي ته سياسي تنظيمون شاگردن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن، تعليم جي عام ڪرڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن پر اھي ته ھاڻي قاتل پيون پيدا ڪن۔ علم ته جھالت کي ختم ڪندو آھي پر ھي ڪھڙا شاگرد آھن جيڪي يونيورسٽين ۾ پڙھندي به جاھل ئي رھن ٿا ۽ وڌيڪ ته ڏوراھن علائقن کان ايندڙ شاگرد کي پڙھڻ به نه ٿا ڏين۔ ايستائين جو سنڌ جيڪا سيڪيولر سڏبي آھي اتي ايستائين جو گذريل سال ھڪ تنظيم امام حسين عليه السلام جو ذڪر به نه…

    وڌيڪ پڙھو
  • نومبر- 2011 -
    15 نومبر
    مختصر خبرون
    hunger

    صحت ۽ ذائقا، خوراڪ بابت دنيا جون ڇرڪائيندڙ حقيقتون

    دنيا جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪڏهن ماڻهن جي عام زندگي ۾ اهڙي تباهي آئي هجي؛ جيڪا ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ سرمائيدارن هن دئور ۾ آندي آهي.هڪ اندازي موجب دنيا جي ڪل دولت جو هڪ تمام وڏو حصو دنيا جي آنگرين تي ڳڻنجدڙ تمام ٿورن ماڻهن جي بينڪ بيلنس ۾ پيل آهن، جيڪي يا ته ملٽي نيشنل ڪمپنين جا مالڪ آهن يا سائينس جي ميدان جا.اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته،دنيا ۾ امير ترين ۽غريب ترين ملڪن جي ملڪيتن جي فرق جو تناسب وڌندوٿو رهي ٿو. هن وقت اهو بلڪل ايئن آهي جيئن گهر جا سڀئي ڀاتي گڏجي ڪمائين ۽ هڪ ماڻهو ڏنڊي جي زور تي اهي سڀ پئسا پاڻ وٽ رکي ڇڏي پوءِٻيا ڀاتي بک وگهي مرن يا بچن......

    وڌيڪ پڙھو
  • 15 نومبر
    آرٽيڪل
    Media

    گهاتو يا ميڊيا!؟

    ڪراچي ۾ اسپتالن مان هن دنيا ۾ پهريون ڀيرو اک کوليندڙن جي شرم ناڪ چوري۽ تازن ڄاول ٻارڙن جي غائب ٿيڻ جا واقعا ڪا نئين ڳاله ناهن، اهڙو ئي هڪ واقعو عيد کان ڪجه ڏينهن اڳ ڪراچي جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائيلڊ هيلٿ(ان آئي سي ايڇ) اسپتال ۾ پيش آيو، جنهن ۾ هڪ نئين زندگيءَ کي جنهن اڃان امڙ جي هنج به نه پاتي هوندي ان ٻار ڪي هڪ تربيت حاصل ڪندڙ نرس وارڊ مان کڻي وڪڻي ڇڏيو. پورن ڏهن ڏينهن کان پوءِ اهو ٻار پوليس بازياب ڪرائي ورتو. ان خبر اليڪٽرانڪ ميڊيا تي وڏي ڌم مچائي ڇڏي.انصاف ٿيو، جنهن ۾ هڪ ماءُ جا اکيون آليون ڪندڙجذباتي منظر ڏيکاريا ويا. ان سنجيده مسئلي جي ڪري الائي ڪيترا ٻاراڃان تائين گم آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • 1 نومبر

    پري انٽري ٽيسٽ 2011 جو اکين ڏٺو احوال

    انسان صدين کان وٺي اڻٿڪ محنت ڪندو رھيو آھي ڪو بھ سائنسدان ھجي يا مصنف يا جج ھجي يا مزدور ھجي يا ڪي شاگرد ھجن، ھر ھڪ کي پنھنجي دنيا سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. ۽ ھڪ فرد کي ٻئي جو مسئلو تمام ننڍو نظر اچي ٿو پر پاڻ جڏھن ان جاءِ تي اچي ڏسن تھ خبر پئجي وڃين تھ گھڻي ويھين سئو آھي؟.. ڪنھن بھ شاگرد جو سورنھن سورنھن ڪلاڪ پڙھڻ جي باوجود پنھنجي ڊيڊي سان موبائل فون تي ڳالھائيندي ھاسٽل مان چيائين ڊيڊي!.. ھي ڪتاب کٽڻ جا نھ آھن، ڄڻ تھ سمنڊ جي ڇولين مان ھڪ لوٽي بھ نھ ڀري آھي...!!

    وڌيڪ پڙھو
  • اکتوبر- 2011 -
    31 اکتوبر
    آرٽيڪل
    Qazafi

    معمر قذافي لبيا کي ڇا ڏنو ڇا ورتو

    مقصوديٰ سولنگي معمر قذافيءَ جهڙي شخصيت جي بي درداڻي قتل جتي دنيا ۾ ان حوالي سان بحث ڇيڙي ڇڏيو آهي؛ اتي معمر قذافي جي ڪمن ۽ بين اقوامي سياسي منظر نامي ۾ سندس قوم لاءِ ڪيل ڪجه بنيادي مسئلن ۽ سندس انهن لاءَ ڪيل فيصلن تي بحث ۽ مباحثا پڻ ڇيڙي ڇڏيا آهن جيڪي اهي سوال اٿارين ٿا ته ڇا هو واقعي لبيا لاءِ هڪ خطرناڪ سياسي اڳواڻ هيو يا عالمي سرمائيدارن لاءِ اڳتي هلي هڪ للڪار پيدا ڪري ها ان لاءِ کيس منظر تان هٽايو ويو. اچو ته سندس ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪيل اهم فيصلن تي هڪ نظر وجهون

    وڌيڪ پڙھو
  • 27 اکتوبر
    بلاگ
    Suiside with fire

    مايوسي ڪفر

    راجاخان رند جي خود سوزي حڪمرانن تي منھن تي چماٽ آھي، ووٽ وٺڻ وقت عوام وٽ اچن ۽ پوءِ ڪو واسطو ئي ڪونه، اليڪشن جي ڏينھن ۾ تي لور لور ڪري ڀڳاايندا آھن مگر عوام جي مسئلن سان ڪو واسطو ئي ۽ عوام ويچاري جيئ جيئ ۾ خوش، ھاڻي اگر اڳئين اليڪشن ۾ عوام موجوده حڪومت کي ووٽ ڏيندو ته وڌيڪ جانيون وينديون، اسان سنڌي عوام کي اپيل ٿاڪيون ته جيئ جيئ مان ٻاھر اچي پنھنجا مسئلا پاڻ حل ڪريو، ھي ڪو مصر يا تيونس ناھي، جو ھتي انقلاب اچي، اسان کي پنھنجي نوجوانن کي مايوسي مان ڪڍڻو پوندو، ڳوٺن ۾ ھڪ مزدور به 200 ڏھاڙي ڪمائي گھر ھلائي پيو

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button