باڊھ
-
مارچ- 2013 -26 مارچ
باڊهه: سيپڪو انتظاميا جي ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاهرو
باڊهه واسين سان سيپڪو انتظاميا جي ڏاڍاين خلاف باڊهه ۾ جسقم، ايس ٽي پي ۽ جسقم (آريسر) پاران ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
26 مارچ
باڊهه: صحافي ڀائرن جو والد محمود خان مغيري لاڏاڻو ڪري ويو
باڊهه: باڊهه جي صحافي ڀائرن عبدالخالق مغيري ۽ منصور مغيري جو والد محمود خان مغيري ڪافي عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ ڪالهه لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز سڀاڻي اربع ڏينھن 9 بجي درگاهه شريف عيدگاهه ۾ ادا ڪئي ويندي.
وڌيڪ پڙھو -
26 مارچ
باڊھ: سنڌ جي قديمي ٻيٽن جي وڪري ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاجي مظاهرو
جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي پارٽي جي وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ، منٺار جوڳي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قديمي ٻيٽن جي وڪري ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
25 مارچ
باڊهه: ڄامشورو جي سينيئر صحافي کي ملندڙ ڌمڪين خلاف صحافين پاران سخت احتجاج
ڄامشورو جي سينيئر صحافي علي مراد چانڊيي کي ملندڙ ڌمڪين خلاف باڊهه جي صحافين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، احتجاج ڪندڙن ۾ عبدالمجيد جهتيال، عزيز بروهي، خادم سومرو، مهراڻ چانڊيو، نظام ڪولاچي، فقير فياض ڪانڌڙو ۽ ٻين چيو ته ڄامشورو پوليس ڪينٽين تي ويٺل صحافي کي بلاجواز گرفتار ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي پنهنجي ڪڌي ذهنيت جو اظهار ڪيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
25 مارچ
باڊهه: آل سنڌ ڪنڀر اتحاد پاران مشروط طور ووٽ ڏيڻ جو فيصلو
باڊهه: آل سنڌ ڪنڀر اتحاد بادهه جي سڏايل هنگامي اجلاس ۾ عام چونڊن ۾ اميدوارن کي مشروط طور ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، آل سنڌ ڪنڀر اتحاد ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر رجب علي ڪنڀر جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
23 مارچ
باڊهه: ڏوھن کي گھٽائڻ لاءِ شھري ۽ صحافين کي تعاون جي اپيل
ڊي ايس پي ڏوڪري شوڪت علي شاهاڻي جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري تعلقي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس باڊهه ۽ آسپاس جي ڳوٺن تي اوچتا ڇاپا هڻي منشيات، غيرقانوني هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون هٿ ڪري پنج جوابدارن کي گرفتار ڪري باڊهه ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو آهي
وڌيڪ پڙھو -
23 مارچ
شهيد هيمون ڪالاڻي جي ڏينهن تي عام موڪل ڪئي وڃي، سالگرھ کي خطاب
باڊهه سوشل فورم پاران سنڌ جي قومي هيري ۽ نوجوان امر شهيد هيمون ڪالاڻي جي 90هين جنم ڏينهن تي باڊهه شهر ۾ هڪ پروقار تقريب ملهائي وئي، جنهن جي صدارت فورم جي ڪنوينر عزيز بروهي ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
22 مارچ
پ پ جا پنج سال ۽ ايندڙ اليڪشن بابت رپورٽ
لاڙڪاڻي پرڳڻي شهيد بينظير ڀٽو جي اباڻي تڪ تي اين،اي 205 ۽ پي،ايس 41 ڏوڪري، باڊهه، نصيرآباد ۽ وارهه تان چونڊيل ايم،اين،اي نظير ٻگهيو ۽ ايم،پي،اي عزيز جتوئي پنج سال پورا ٿيڻ باوجود اڃا تائين غائب آهن
وڌيڪ پڙھو -
18 مارچ
سنڌي قديمي ٻيٽن جو وڪرو بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي،جيئي سنڌ تحريڪ
سنڌ جي قديمي ٻيٽن جي وڪري ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف باڊهه ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران ٽائون هال اڳيان آصف عباسي، مسلم ، ارمان مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
وڌيڪ پڙھو -
17 مارچ
پوليس جو شھري تي تشدد، چيف جسٽس کي اپيل
شهر جي ذڪريا ڪالوني جي رهواسي ريلوي ملازم روشن علي چانڊيو پنهنجي رهائش تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ آئون پنهنجي گهر ۾ ويٺو هئس ته اوچتو ڊي ايس پي ڏوڪري شوڪت شاهاڻي ۽ ايس ايڇ او باڊهه خالد سرڪي پوليس اسٽالن سميت چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي منهنجي گهر ۾ ڌاڙيلن جيان گهڙي آيا
وڌيڪ پڙھو