باڊھ

شهيد هيمون ڪالاڻي جي ڏينهن تي عام موڪل ڪئي وڃي، سالگرھ کي خطاب

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

شهيد هيمون ڪالاڻي جي 90هين جنم ڏينهن تي پروقار تقريب جي تصوير
شهيد هيمون ڪالاڻي جي 90هين جنم ڏينهن تي پروقار تقريب جي تصوير
باڊهه سوشل فورم پاران سنڌ جي قومي هيري ۽ نوجوان امر شهيد هيمون ڪالاڻي جي 90هين جنم ڏينهن تي باڊهه شهر ۾ هڪ پروقار تقريب ملهائي وئي، جنهن جي صدارت فورم جي ڪنوينر عزيز بروهي ڪئي ۽ مهمان خاص ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، امداد قاضي، ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو، ڊاڪٽر غفار ڪانڌڙو، مسيع ڪالاڻي ۽ ذوالفقار ڪولاچي شامل هئا، جڏهن ته اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض فورم جو جنرل سيڪريٽري عبدالستار منگي سرانجام ڏنا، تقريب جي شروعات ۾ جمن ساريي آجياڻي تقرير پيش ڪئي، ان موقعي تي مقررن چيو ته امر شهيد هيمون ڪالاڻي نوجوان لاءِ اتساهه آهي، پنهنجي زندگي انگريزن جي خلاف جدوجهد ۾ وقف ڪري ڇڏي هئي، هيمون ڪالاڻي ڦاسي گهاٽ ۾ آزادي جو نعرو بلند ڪيو، هن سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪري سنڌي عوام جي دلين ۾ هميشه لاءِ امر ٿي ويو آهي، سندس جنم ڏينهن تي سمورن سنڌين کي واڌايون ڏيون ٿا، ان موقعي تي ٺهراءَ پيش ڪندي گهر ڪئي وئي ته شهيد هيمون ڪالاڻي جي ڏينهن تي عام موڪل ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي شهر سکر ۾ سندس يادگار ٺاهڻ سميت ٻين وڏن ننڍن شهرن ۾ به سندس يادگار ٺهرائي سندس قرباني ۽ شهادت کي مان ڏنو وڃي، سندس گهر کي قومي ورثو قرار ڏئي ان جي سار سنڀال لڌي وڃي، درسي ڪتابن ۾ هيمون ڪالاڻي جو سبق شامل ڪيو وڃي، ۾ مظفر منگي ۽ راجا سومرو قومي انقلابي گيت چئي محفل کي جهومائي ڇڏيو. جڏهن ته آخر ۾ فورم جي اڳواڻن پاران شهيد هميون ڪالاڻي جي 90 هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button