ڪالم
-
جون- 2011 -8 جون
بجيٽ، عوام ۽ ڀٽوازم
نيو لبرل ازم کي گذريل 72 سالن کان مستقل مشڪلات جو منھن آھي. عالمي معاشي بحران سبب ھر ڪو سخت پريشان آھي. دنيا جي معيشت جي قيادت ڪندڙ طاقتور رياست اڄ پاڻ معاشي خساري جو شڪار آھي، آمريڪا جو ھلندڙ سال جو رياستي خسارو 8.1 بلين ڊالر تائين پھچي ويوآھي، جيڪو 21.2ع تائين 551 بلين ڊالر تائين پھچڻ جو امڪان آھي. اڄ ڪابھ رياست عالمي طور تي رونما ٿيندڙ واقعن کان پنھنجي پاڻ کي لاتعلق نھ ٿي رکي سگھي ۽ ان عالمي مالياتي بحران پاڪستاني معيشت تي بھ بُرا اثر وڌا آھن. ٻئي پاسي 53 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين فوجي آمريتن جمھوري نظام کي ملڪ ۾ لاڳو ئي نھ ٿيڻ ڏنو، جنھن سان جمھوري ادارا بڻجي سگھن ۽ نھ ئي پاڪستاني معاشري ۾ جمھوري روين کي پروان چڙھائي سگھيو ويو، شخصي حڪمراني برداشت، رواداري ۽ مفاھمتي ڪلچر کي ئي ختم ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
7 جون
سماجي ڀلائي جا ادارا يا ڪاروبار جو منفرد طريقو؟
اٽو، لٽو، اجهو، صحت، تعليم، پاڻي، ملازمت، تحفظ اهي هر انسان جو بنيادي ضرورتون آهن ۽ هر رياست ۽ اتان جي حڪمرانن جي اها پهرين ذميواري هوندي آهي، ته هو پنهنجي عوام جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري ڏئي، حڪومت انهي ڏس ۾ عوام کان ٽئڪس وصول ڪري ٿي. پر جڏهن رياستي ادارا مختلف سببن جي ڪري ڪمزور ٿيڻ لڳندا آهن ته اهي پنهنجون ذميواريون پوري طريقي سان نڀاهي نه سگهندا آهن ۽ نتيجي ۾ عوام ويچارو مصيبتون برداشت ڪري ٿو. ادارن جي اهڙي ڪمزوري جي ڪري عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ خلا (gap) پيدا ٿئي ٿو ۽ قدرت جو قانون آهي ته جتي به جنهن جي ڪري ڪو خلا پيدا ٿئي ٿو ته ڪا ڌر، ماڻهو يا ادارو انهي خلا کي ڀرڻ لاءِ اڳتي اچي ٿو. پوءِ اهو خلا ڀرجي ٿو يا نه پر اهو ماڻهو، ڌر يا ادارو انهي ڪمزوري مان فائدو ضرور وٺي ٿو ۽ عوام ويچارو جنهن کي ڪو آسرو پيدا ٿيندو آهي
وڌيڪ پڙھو -
7 جون
امام خميني رحمة الله عليه جي زندگيءَ تي هڪ نظر
سندن نالو روح الله پيءُ جو نالو حجة الاسلام آقاي مصطفى موسوي جيڪو ايران جي شهر خمين جو رهواسي هو تنهنڪري ئي روح الله موسوي خميني جي نالي سان شهرت پاتائون ،سندن ولادت 20جمادي الثاني 1320هه ق بمطابق 24 سيپٽمبر1902 ع تي سندن آبائي شهر“خمين” ۾ ئي ٿي (ان ڏينهن کي ايران ۾ روز ڪوثر سان ياد ڪيو ويندو آهي )سندن والد آية الله سيد مصطفى جيڪو پنهنجي زماني جي وڏن عالمن منجهه شمار ٿئي ٿوجيڪي آيت الله ميرزا شيرازي جا هم عصر هئا ۽ نجف ۾ اجتهاد جي درجي تي فائز ٿيڻ کانپوءِ خمين ۾ دين جي خدمت ڪرڻ لڳا اڃا روح الله پنجن مهينن جو ئي مس هيو ته سندن والد حضرت مصطفى کي خمين کان اراڪ ويندي رستي ۾ ڪجهه پليت انسانن شهيد ڪري ڇڏيو. ائين زندگيءَ جي آغاز ۾ ئي يتيميءَ جو تلخ ذائقو چکيو سندن والده پڻ گهڻي دير تائين ساڻن رهي نه سگهي ۽ ننڍپڻ ۾روح الله کي الله جي حوالي ڪري وئي هلي،ائين سندن پالنا۽ پرورش سندن پڦيءَ جي هٿان ٿي
وڌيڪ پڙھو -
7 جون
بجيٽ، عوام ۽ ڀٽوازم
نيو لبرل ازم کي گذريل 72 سالن کان مستقل مشڪلات جو منھن آھي. عالمي معاشي بحران سبب ھر ڪو سخت پريشان آھي. دنيا جي معيشت جي قيادت ڪندڙ طاقتور رياست اڄ پاڻ معاشي خساري جو شڪار آھي، آمريڪا جو ھلندڙ سال جو رياستي خسارو 8.1 بلين ڊالر تائين پھچي ويوآھي، جيڪو 21.2ع تائين 551 بلين ڊالر تائين پھچڻ جو امڪان آھي. اڄ ڪابھ رياست عالمي طور تي رونما ٿيندڙ واقعن کان پنھنجي پاڻ کي لاتعلق نھ ٿي رکي سگھي ۽ ان عالمي مالياتي بحران پاڪستاني معيشت تي بھ بُرا اثر وڌا آھن. ٻئي پاسي 53 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين فوجي آمريتن جمھوري نظام کي ملڪ ۾ لاڳو ئي نھ ٿيڻ ڏنو، جنھن سان جمھوري ادارا بڻجي سگھن ۽ نھ ئي پاڪستاني معاشري ۾ جمھوري روين کي پروان چڙھائي سگھيو ويو، شخصي حڪمراني برداشت، رواداري ۽ مفاھمتي ڪلچر کي ئي ختم ڪري ڇڏيو
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
ترقياتي منصوبن جي منظوري
ھن وقت عام تاثر اھو آھي تھ پاڪستان شديد مالي مشڪلات جو شڪار آھي ۽ اھو تاثر ڪنھن حد تائين صحيح بھ آھي. گذريل سال سالانا ترقياتي پروگرام جو رجحان .82 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو ھو پر مالي سال جي شروعات سان ئي پاڪستاني معيشت کي ھڪ تمام وڏي لوڏي جو منھن ڪرڻو پيو، گذريل سال جي تباھھ ڪندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سان ملڪي معيشت کي بي پناھھ نقصان پھتو، ملڪ جو ھڪ تمام وڏو حصو پاڻي ھيٺ اچي ويو 2 ڪروڙ ماڻھو ان برساتن ۽ ٻوڏ سان براھ راست متاثر ٿيا، وڏي پئماني تي رستا، پلون، آئل ريفائنريون، ڪاروبار، تيار فصل، مال متاع تباھھ ٿي ويو. گذريل سال ملڪي معيشت ۾ شرح نمو جو ھدف 5.4 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو ھو پر تباھھ ڪندڙ ٻوڏ سمورا بجيٽ ھدف درھم برھم ڪري ڇڏيا، معيشت جي شرح نمو کي نئين سرِ ترتيب ڏيڻو پيو، حڪومت کي بحالي جي ڪمن لاءِ اربين رپين جا واڌو وسيلا درڪار ھئا، ملڪي معيشت کي انھن برساتن مان .1 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ھو، پر نقصان جي ڀيٽ ۾ بيروني مدد تمام گھٽ ھئي
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
بجيٽ 2011 2012
ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا ناڻي واري وفاقي وزارت جي طرفان جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ چيو ويو آھي تھ ايڪسچينج ريٽ جو استحڪام ھلندڙ مالي سال جي دوران پاڪستان جي اقتصادي استحڪام جو نتيجو آھي، ايڪسچينج ريٽ کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ سمورا درڪار قدم کنيا ويندا. ھلندڙ مالي سال جي دوران ملڪ کي بيشمار ڏٺل ۽ اڻ ڏٺل چيلينجن جو منھن ڪرڻو پيو ۽ انھن چيلينجن جو جھڙي ريت مقابلو ڪيو ويو اھو پوري دنيا جي اقتصادي مينيجرز جي لاءِ حيرت جو سبب آھي. عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ جي باوجود پاڪستاني معيشت اھو دٻا/ برداشت ڪري ورتو ۽ عوام کي .5 ارب رپين جي سبسڊي بھ فراھم ڪئي وئي، امن امان جي صورتحال خود ڪش حملن، بم ڌماڪن ۽ دھشتگردي جي خلاف جاري آپريشن جي ڪري ملڪي ۽ غير ملڪي سرمائيداري جو عمل بري ريت متاثر ٿيو، توانائي جي گھرج ۽ پھچ جي عدم توازن ملڪي معيشت کي وڌيڪ دٻاءَ جو شڪار بڻائي ڇڏيو، ان جي باوجود ھلندڙ مالي سال جي دوران برآمدات ھڪ تاريخي سطح ٽپڻ تي آھي، پاڪستان جي .6 سالا تاريخ ۾ ڪڏھن بھ برآمدات 22 ارب ڊالر تائين ناھي پھچي سگھي پر ھلندڙ مالي سال برآمدات 42 ارب ڊالر مان…
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
ائٽمي اثاثن خلاف سازش
پاڪستان جي ائٽمي اثاثن جي خلاف ھڪ عالمي سازش ڪئي پئي وڃي جنھن ۾ ڀارت ۽ اسرائيل کان علاوھ ڪجھھ دوست نما ملڪن جون محبتون بھ ڪار فرما آھن. انتھائي مھارت ۽ ھنرمندي سان ترتيب ڏنل ان منصوبي تي گذريل ڪيترن ئي سالن کان عمل ڪيو پيو وڃي ۽ ھاڻي اھو مقام ۽ وقت تيزي سان ويجھو اچي رھيو آھي جڏھن انھن سازشن کي عملي شڪل ڏني وڃڻي آھي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي پنھنجي اقتدار جي جواز جي لاءِ بين الاقوامي توثيق جي ضرورت ھئي، اقتدار جي حرص، لالچ ۽ ان ۾ تسلسل جي ڪني سوچ ڪيترائي اھڙا فيصلا ڪرايا جنھن جا نتيجا اڄ اسان سڀني کي ڀڳتڻا پئجي رھيا آھن. 11 سيپٽمبر جي واقعن کان پوءِ جيڪڏھن ڪا چونڊيل سياسي حڪومت ھجي ھا تھ اھا آمريڪا جي اکين ۾ اکيون وجھي ڳالھائي ھا تھ 11 سيپٽمبر جي واقعن ۾ ملوث ڪوبھ شخص پاڪستاني يا افغاني نھ ھو، پر سمورا ))مجاھد(( عرب ملڪن سان تعلق رکن پيا، ان لاءِ کين اُتي ڳوليو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
نھ ڪيل گناھن جي سزا
ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا نھ ڪيل گناھن جي سزا ھميشھ جمھوري حڪومتن کي ملي ٿي، کين ورثي ۾ جتي تباھھ ٿيل معيشت ملي ٿي اُتي رياستي ادارا بھ رڙھندا رھن ٿا. آمراڻا حڪومتون پنھنجي قدرن جي تسلسل لاءِ لوڱا ڪريسي کي ھٿي ڏين ٿيون. ڪرپشن، بدعنواني کان محض ان لاءِ اکيون بند ڪيون وڃن ٿيون جو ڊڪڱيڱرن جي حمايت ڪندڙ سياسي ڌريون ناراض نھ ٿي وڃن. پاڪستان جي سياسي تاريخ جي اھا ھڪ ڪڙي حقيقت آھي تھ عالمي طاقتون ۽ عالمي مالياتي ادارا جيڪي ھڪ سِڪي جا رُخ آھن اھي آمرن کي ھٿي فراھم ڪرڻ جي لاءِ پنھنجا ساڄا ھٿ فراھم ڪن ٿا. آمراڻا حڪومتن ۾ لنڊن ۽ پئرس ڪلب جا قرض ري شيڊول ڪيا وڃن ٿا. عالمي مالياتي ادارن جي ناڻن جا منھن کوليا وڃن ٿا ۽ آمرن کي ھڪ عظيم رھنما جي طور تي پينڱ ڪري عالمي طاقتون پنھنجي مرضي جا فيصلا ڪرائن ٿيون. جمھوري حڪومتن ۾ اھو سڀ ڪجھھ نھ ٿيندو آھي، عوام جون نمائندا چونڊيل حڪومتون جيتوڻيڪ عوام جي آڏو جوابدھھ ھونديون آھن، ان لاءِ عالمي طاقتن ۽ عالمي مالياتي ادارن جي فيصلن تي اکيون بند ڪري صحيحون ناھن ڪيون وينديون، ھي اھو ئي پاڪستان آھي جتي ڊاڪڱر عافيھ صديقي سميت بيشمار پاڪستانين کي غير ملڪين…
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
ڳوٺاڻي جو ڪالم
هن ڪالم ۾ ڳوٺاڻون اوهان سان دل جو حال اوريندو ۽ نج ڳوٺاڻي انداز ۾ ڪچهري ڪندو آهي، جنهن ڏينهن اوهانکي منهنجيون ڳالهيون نه وڻن ته هڪل ڪري ٻڌائجو، ته هي بندو ٻي ڪا جُوءِ وڃي وسائيندو. هن ڀيري ڳجهارت ڪچهري جي مهند ۾ نه پر آخر ۾ ٿيندي ۽ ان کان اڳ اچو ته پاڻ هڪ ٻئي سان هڪڙو ڏک ونڊيون، ان آسري تي من الله پاڻ سڀني کي ڪا ساڃاهه ڏئي ته جيئن پنهنجي پاڻ سان ڪارڙي تِتر واري ڪار نه ڪريون. بابلاٰ مون جيڪا ڪارڙي تِتر واري ڳالهه ڪئي آهي، ان بابت گهڻي ڀاڱي سنڌ جا ماڻهو واقف هوندا. ڪارڙو تِتر پکين ۾ ايئن اڻ لڀ، پيارو ۽ سهڻو آهي جو دنيا ان جي ڪڍ لڳل هوندي آهي، ڪي بي رحم ان کي دام ۾ ڦاسائي ڪُهي پنهنجي پيٽ جي دوزخ حوالي ڪندا آهن ته ڪي وري کيس قيد ڪري کانئس آزادي کسي وٺندا آهن. مون گهٽ پڙهيل ڳوٺاڻي کي الائي ڇو پنهنجي قوم ۽ هن خوبصورت پکيءَ ۾ هڪجهڙائي نظر ايندي آهي، جيئن ڪارڙو تِتر مٺي ٻولي ٻوليندو آهي، تيئن پاڻ لطيف جي ديس واسين جي ٻولي به ماکي جي لار ۽ مصري جي تڙ جيان رس ڀري هوندي آهي ۽ ان جا بيت، وايون، نثر،…
وڌيڪ پڙھو -
1 جون
جمھوريت جو تحفظ
ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا جمھوريت جو تحفظ صرف ھڪ سياسي پارٽي ۽ ان جي رھنمائن جي ذميواري نھ آھي، پر سمورين سياسي پارٽين ۽ سياسي اڳواڻن کي گڏجي اھا ذميواري نڀائڻي پوندي. آمريت جي ڊگھن سالن کان پو= جڏھن جمھوريت جا صبح نمودار ٿيا آھن تھ انھن جي روشني ۾ عوام جا وڃايل حق ڳولي کين فراھم ڪرڻ سياستدانن ۽ سياسي پارٽين جي گڏيل ذميواري بڻجي ٿي. پاڪستان پيپلزپارٽي جمھوريت جي تحفظ ۽ ان جي بقا جي لا= يقينن ڊگھي جاکوڙ ڪئي آھي ۽ ان جي لا= پنھنجي اڳواڻن سميت پنھنجي ڪارڪنن جون قربانيون بھ ڏنيون آھن، يقينن ھي* دنيا جي واحد سياسي پارٽي آھي جنھن جي سربراھن کي غير فطري موت جو نشانو بڻايو ويو پر ھي* سياسي پارٽي پنھنجي بنيادي تصورن تي پھرين ڏينھن کان عمل پيرا آھي. محترمھ بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف جي وچ ۾ ميثاق جمھوريت جو تاريخي معاھدو پيپلزپارٽي جي انھن تصورن جي روشني ۾ ڪيو ويو ھو تھ عوام جي مسئلن جو حل عوام جي چونڊيل نمائندن جي ذريعي قائم ڪيل حڪومتن ۾ ئي ڪري سگھجي ٿو ۽ جمھوريت ئي اھو بھترين انتقام آھي جنھن جي ذريعي بدترين دشمنن کي ھارائي سگھجي ٿو. پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ نون ليگ ميثاق جمھوريت کي خوش…
وڌيڪ پڙھو