آرٽيڪل

ترقياتي منصوبن جي منظوري

ليکڪ: ڊاڪٽر موسيٰ رضا
1 benazir bhuttoقومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪٽو ڪميٽي 874 ارب رپين جي 35 منصوبن جي منظوري ڏني آھي. ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر حفيظ شيخ جي سربراھي ۾ ))ايڪنڪ(( تعليم، صحت، توانائي، انفراسٽرڪچر، پاڻي ۽ زراعت جي شعبي ۾ چئني صوبن ۾ جن منصوبن جي منظوري ڏني آھي انھن سمورن جي ماليت ھڪ ارب رپين کان وڌيڪ آھي. ھڪ ارب رپين کان گھٽ منصوبن جي منظوري، منصوبا بندي ڊويزن جي سينٽرل ڊويلپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي اجلاس ۾ ڏني ويندي آھي. ناڻي واري وزير جي سربراھي ۾ ٿيل اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين، منصوبابندي ڊويزن جي ڊپٽي چيئرمين ڊاڪٽر نديم الحق سميت چئني صوبن جي ناڻي وارن سيڪريٽرين بھ شرڪت ڪئي، جڏھن تھ سنڌ جو ناڻي وارو وزير ان اجلاس ۾ خصوصي طور تي شريڪ ٿيو. ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ کان محض ڪجھھ ڏينھن اڳ منظور ڪيل منصوبن ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جا ڪيترائي منصوبا بھ شامل آھن. انھن منصوبن ۾ 271 ارب رپين جو غير ملڪي زرمبادلو بھ شامل آھي. ايڪنڪ 561 ارب .5 ڪروڙ جي انھن 51 منصوبن جي منظوري ڏني جيڪي غير ملڪي ڊونر ايجنسين جي سھڪار سان شروع ڪيا ويا آھن، انھن منصوبن ۾ 711 ارب رپين جو زرمبادلو شامل آھي، جن ۾ 46 ارب .5 ڪروڙ رپين جا ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جا منصوبا بھ شامل آھن، انھن منصوبن ۾ 82 ارب رپيا جي بيروني مدد شامل آھي. ٽرانسپورٽ، مواصلات، پاڻي، بجلي، تعليم، صحت، صنعت ۽ تجارت جي شعبن ۾ 13 منصوبن جي منظوري ڏني وئي جن ۾ بونجي ھائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي انجنيئرنگ ڊيزائن جي فزيبلٽي جو ھڪ منصوبو بھ شامل آھي. ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ ناردرن باءِ پاس ۽ شيرشاھھ روڊ ملتان کان قاسم بيلا باءِ پاس جو منصوبو بھ شامل آھي، خوشحال ڳڙھھ جي ھنڌ تي راوي درياھھ تي ٻھ رويا پل جي اڏائڻ جي ھڪ منصوبي جي بھ منظوري ڏني وئي، ايڪنڪ گلگت، بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ قبائلي علائقن ۾ بھ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني.
ايڪنڪ جو اھو اجلاس تمام اھم ھو ۽ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ کان محض ڪجھھ ڏينھن اڳ ٿي رھيو ھو. ھن وقت عام تاثر اھو آھي تھ پاڪستان شديد مالي مشڪلات جو شڪار آھي ۽ اھو تاثر ڪنھن حد تائين صحيح بھ آھي. گذريل سال سالانا ترقياتي پروگرام جو رجحان .82 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو ھو پر مالي سال جي شروعات سان ئي پاڪستاني معيشت کي ھڪ تمام وڏي لوڏي جو منھن ڪرڻو پيو، گذريل سال جي تباھھ ڪندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سان ملڪي معيشت کي بي پناھھ نقصان پھتو، ملڪ جو ھڪ تمام وڏو حصو پاڻي ھيٺ اچي ويو 2 ڪروڙ ماڻھو ان برساتن ۽ ٻوڏ سان براھ راست متاثر ٿيا، وڏي پئماني تي رستا، پلون، آئل ريفائنريون، ڪاروبار، تيار فصل، مال متاع تباھھ ٿي ويو. گذريل سال ملڪي معيشت ۾ شرح نمو جو ھدف 5.4 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو ھو پر تباھھ ڪندڙ ٻوڏ سمورا بجيٽ ھدف درھم برھم ڪري ڇڏيا، معيشت جي شرح نمو کي نئين سرِ ترتيب ڏيڻو پيو، حڪومت کي بحالي جي ڪمن لاءِ اربين رپين جا واڌو وسيلا درڪار ھئا، ملڪي معيشت کي انھن برساتن مان .1 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو ھو، پر نقصان جي ڀيٽ ۾ بيروني مدد تمام گھٽ ھئي، حڪومت کي متاثرن جي بحالي جي لاءِ سالانا ترقياتي پروگرام ۾ گھٽتائي ڪرڻي پئي ۽ ان کي .82 ارب رپين مان گھٽائي .81 ارب رپيا ڪيو ويو. ..1 ارب رپيا براھ راست متاثرن جي بحالي لاءِ استعمال ڪرڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي ان فيصلي سان متاثرن جي پنھنجي علائقن ۾ تڪڙي واپسي جو عمل شروع ٿي ويو، کين نقد مالي مدد بھ فراھم ڪئي وئي تھ جيئن اھي پنھنجا تباھھ ٿيل گھر نئين سرِ اڏائي سگھن. حڪومت جي اولين ترجيح پنھنجي عوام کي مشڪل جي ان گھڙي مان ڪڍڻو ھو ۽ ان ۾ ڪافي حد تائين حڪومت ڪامياب بھ ٿي وئي، جڏھن بين الاقوامي معيشت جا ماھر اھا دعويٰ ڪري رھيا ھئا تھ انھن برساتن ۽ ٻوڏ سان پاڪستان جو بچي نڪرڻ تمام مشڪل آھي، ان وقت پاڪستاني عوام جرئت ۽ ھمت سان ان قدرتي آفت جو مقابلو ڪيو ۽ مختصر عرصي ۾ بحران مان ٻاھر نڪري آيو. اھڙي ريت جون دعوائون 5..2ع جي تباھھ ڪندڙ زلزلي جي وقت بھ ڪيون ويون ھيون ۽ ايستائين چيو ويو ھو تھ پاڪستان جو نقشو ھاڻي تبديل ٿي ويندو. ان وقت بھ پاڪستاني عوام وڏي پئماني تي متاثرن جو ٻانھھ ٻيلي ٿيو ھو. ايڪنيڪ جي طرفان 874 ارب رپين جي جن منصوبن جي منظوري ڏني وئي آھي اُھي ان حڪومتي عزم ۽ ترجيح جي نشاندھي ڪن ٿا جنھن تحت مشڪل حالتن ۽ معاشي بحران جي باوجود عوام کي ريليف جي فراھمي ڪنھن بھ حڪومت جي پھرين ترجيح ھوندي آھي، عالمي مالياتي ادارن جي طرفان پاڪستان کي فنڊز جي فراھمي ۾ مشڪلات جو منھن آھي، آءِ ايم ايف جون خاص شرطون نھ مڃڻ جي ڪري حڪومت کي وسيلن جي گھٽتائي جا خدشا بھ لاحق آھن، ان جي باوجود اربين رپين جي نون منصوبن جي منظوري ڏني وئي آھي، جن جي ڪري نھ رڳو روزگار جا موقعا نڪري پوندا پر 874 ارب رپين جون ادائيگيون آخرڪار کليل مارڪيٽ ۾ اينديون، انھن ادائيگين سان سيمينٽ، لوھھ، رنگ روغن ۽ ٻيو تعميراتي سامان خريد ڪيو ويندو، وڏي پئماني تي خدمتن جي ادائيگي ٿيندي، جيڪا معيشت جي لاءِ وڏي خوشي جي ڳالھھ آھي…

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button