ڪالم
-
جون- 2011 -16 جون
ڊرون حملا
جيڪي ماڻھو اھو جواز پيش ڪن ٿا تھ پاڪستان ۾ دھشتگرديءَ جون ڪاروايون ڊرون حملن جي جواب ۾ ٿين ٿيون، اھي محض قوم کي گمراھھ ڪن ٿا، ڇا ڪو ان ڳالھھ جو جواز پيش ڪري سگھي ٿو تھ قبائلي علائقن ۾ ڊرون حملن ۾ غير ملڪي دھشتگردن جي مارجي وڃڻ جي رد عمل ۾ معصوم ۽ بيگناھھ ماڻھن کي موت جي حوالي ڪيو وڃي، دھشتگردي جي خلاف جنگ ۾ نھ صرف ھٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جا 5 ھزار کان وڌيڪ آفيسر ۽ جوان شھيد ٿيا آھن پر .3 ھزار عام پاڪستاني دھشتگردن جي ڪارواين سبب شھيد ٿيا آھن ۽ لکين پاڪستاني معصوم عورتون، ٻار، جوان ۽ پوڙھا زخمي ٿيا، جيڪي پوري زندگي لاءِ معذور ٿي ويا، اسلام جو نالو وٺي دھشتگردي ڪندڙن کي اسلام جي بنيادي تعليمات جو بھ شايد علم نھ آھي، جنھن ۾ جنگ جي دوران بيگناھھ عورتن، ٻارن ۽ پوڙھن کي تحفظ ڏنو ويو آھي، اسلامي تعليمات ۾ تھ ٻني ٻاري جي تحفظ جي ضمانت بھ ڏني وئي آھي ڪنھن بيگناھھ جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏنو ويو آھي، اسلام جي بنيادي تعليمات ۾ ھر عورت ۽ مرد تي تعليم لازم ڪئي وئي آھي
وڌيڪ پڙھو -
16 جون
ملائيشيا جو سفر قسط پھرين
ملائيشيا هڪ گهڻ قومو، گهڻ مذهبو ۽ گهڻ زبانو ملڪ آهي. ملڪ جو سرڪاري طرح مذهب اسلام آهي ۽ ملڪ جي 60 سيڪڙو ملئي آدمشماري مسلمان آهي. ان کان علاوه باقي چينين ۽ انڊين ۾ به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو مسلمان آهن پر تنهن هوندي به ٻين مذهبن جي ماڻهن ۽ انهن جي عبادت گهرن کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ صحيح معنى ۾ هر هڪ کي پنهنجي مذهب جي پوئيواري ڪرڻ جي آزادي آهي. توهان کي هر شهر ۾ مسجدن کان علاوه چينين ۽ هندن جا مندر، ٻڌن جا پگوڊا، سکن جا ٽڪاڻا (گوردوارا) ۽ عيسائين جا گرجا گهر نظر ايندا. اهي به پروٽيسٽنٽ عيسائين جا الڳ ته ڪئٿولڪ عيسائين جا الڳ. ملاڪا ۾ ته ”جانڪر اسٽريٽ“ وٽ انهن ٻن گرجا گهرن کان علاوه انڊيا جي تامل عيسائين جو چرچ الڳ آهي جنهن جو نالو ئي ”تامل ڪرسچن چرچ“ آهي. ان چرچ جي ئي ڀرسان منهنجي ميزبان ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر (جنهن وٽ هن دفعي ملاڪا ۾ رهيس) جو ”ملاڪا ڪامپليمينٽري ميڊيسن“ جو ڪاليج آهي جنهن ۾ هو ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر آهي. بهرحال ملائيشيا ۾ نه فقط مختلف مذهبن جا ماڻهو رهن ٿا
وڌيڪ پڙھو -
15 جون
توانائي جو بحران
پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ گھرج ۽ پھچ جي شديد عدم توازن جو شڪار آھي. گئس جا پراڻا ذخيرا تيزي سان گھٽجي رھيا آھن، جڏھن تھ نوان ذخيرا ملڪ جي وڌندڙ آبادي ۽ ھر سال فراھم ڪيا ويندڙ لکين گھريلو، صنعتي ۽ تجارتي ڪنيڪشن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آھن. پاڪستان ۾ گئس جي اڳوڻن ذخيرن کي ظالماڻي ۽ بي درديءَ واري طريقي سان استعمال ڪيو ويو، ناقص گھريلو گيزر، ھيٽر ۽ چُلھا بھ گئس جي ذيان جو اھم ڪارڻ آھن. ٻئي پاسي ملڪ کي بجلي جي گھرج ۽ پھچ ۾ بھ شديد عدم توازن جو منھن آھي، حقيقتن کي سامھون رکيو وڃي تھ ان بحران جي سموري ذميواري پاڪستان تي ڊگھي عرصي تائين حڪومت ڪندڙ فوجي آمرن تي پوي ٿي. جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو ويو، جيڪڏھن ڪالا باغ ڊيم سياست جي وَر نھ چاڙھيو وڃي ھا ۽ بروقت مڪمل ڪيو وڃي ھا تھ شايد پاڪستان اڄ بجلي جي ان بحران جو شڪار نھ ھجي ھا. جنرل مشرف جي .1 سالا اقتداري دور ۾ ڀاشا ڊيم کي مڪمل نھ ڪيو ويو محض سياسي بيان بازي ذريعي وقت گذاريو ويو، جنھن سان بجلي جو بحران شدت اختيار ڪندو ويو.
وڌيڪ پڙھو -
15 جون
سنڌي صحافت ۽ صحافتي اخلاقيات
سنڌي صحافت سنڌ جي سياسي، سماجي، ثقافتي مورچي تي سماج جي ٻين پرتن سان گڏجي ڪيئي فتحون حاصل ڪيون آهن. انهن جي جاکوڙ اڄ به جاري وَ ساري آهي. سنڌي صحافين جي بي باڪانه ۽ بهادرانه صحافت ڪري کين سياسي اڳواڻن توڙي ڏوهاري ماڻهن هٿان مختلف مؤقعن تي سخت تشدد جو نشانو به بڻجڻو پيو آهي. ڪن حالتن ۾ ته اهي پنهنجي جان به قربان به ڪري چڪاآهن. سنڌي صحافت ملڪ جي نام نهاد قومي زرد صحافت جي ڀيٽ ۾ پنهنجو هڪ اوچو ۽ اعى مقام رکي ٿي. پر ان هوندي به سنڌي اخبارون صحافت جي اخلاقيات کان لڳي ٿو ته تمام گھٽ واقف آهن. سنڌي ميڊيا کي ان سلسلي ۾ صحافين ۽ صحافت سان لاڳاپيل ذميوار ماڻهن کي اهي سڀ شيون سيکارڻيون پونديون. ڪيس اسٽڊي طور هڪ خبر کي ٿا وٺون. ٿرڙيءَ ۾ هڪ نينگر کي اغوا ڪري ساڻس زيادتي ڪئي ويئي، جڏهن اها خبر سندس امڙ کي پيئي ته کيس بيهوشيءَ جا دؤرا پوڻ لڳا. لڳ ڀڳ سمورين سنڌي اخبارن ان واقعي کي ڪوريج ڏني آهي. جنهن ۾ نينگر ۽ سندس بيهوش امڙ جا ڦوٽو به خبر سان گڏ ڏنا ويا آهن.
وڌيڪ پڙھو -
15 جون
ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا
طارق عالم کي جيڪا شهرت ناول ”رهجي ويل منظر“ لکڻ تي ملي، سا سنڌ جي تمام گهٽ ناول نگارن جي حصي ۾ آئي آهي. پاڻ هڪ ورسٽائيل ڪهاڻيڪار ۽ خاص طور تي هائيڪي جي بهترين شاعر هجڻ کان علاوه رنگن ۽ لڪيرن سان راند ڪندڙ خوبصورت مصور پڻ هو. سندس مصور هجڻ وارو حوالو ٿي سگھي ٿو ڪجهه ماڻهن لاءِ نئون به هجي. هتي اها ڳالهه غور لائق آهي ته طارق هڪ ئي وقت هيڏن سارن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي، جنهن سبب سندس شخصيت جا به ڪيترائي رخ آهن. ان حوالي سان ڪو شڪ ناهي ته هو هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هو.
وڌيڪ پڙھو -
14 جون
طارق عالم ابڙو جو وڇوڙو
"رھجي ويل منظر" جھڙو خوبصورت ناول تخليق ڪندڙ، ڊرامانگار ۽ ڪھاڻيڪار طارق عالم ابڙو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو، طارق عالم ابڙو فيبروري ۾ گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿيو ۽ ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ علاج لاءِ 60 لک جو خرچ ٻڌايو، وٽس ايتري مالي سگھھ نھ ھئڻ سبب ھو علاج ڪرائي نھ سگھيو، ان دوران سنڌ جي سڄاڻ حلقن پاران اختيار ڌڻين کي سنڌ جي ھن اديب جو سرڪاري سطح تي علاج ڪرائڻ جي حوالي کان اپيلون بھ ڪيون ويون، پر سرڪار سڳوري جي ڪن تي جونءِ بھ نھ سري، نيٺ سنڌ جو ھي تخليقي اديب ڇنڇر تي اسان کان موڪلائي ويو.
وڌيڪ پڙھو -
14 جون
ٽيڪس چوري
ٽيڪس چوري دنيا جي ڪنھن بھ معيشت جي لاءِ زھرِ قاتل ھوندي آھي ٽيڪس چور نھ رڳو پنھنجي ناجائز ذريعن ۽ آمدني جي ڪري ڪاري ڌن ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو پر ٻين ماڻھن کي بھ ٽيڪس چوري جي ترغيب ڏئي ٿو. ٽيڪس ڪليڪٽرز ۾ رشوت وٺڻ جو وڏو ڪارڻ بھ ٽيڪس چور ئي بڻجن ٿا، جيڪي پنھنجي آمدني تي جائز ٽيڪس ڏيڻ جي بدران ٽيڪس اھلڪارن کي رشوت جي طور تي وڏي رقم ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ پنھنجي دولت ۾ واڌ ڪندا ھلندا وڃن ٿا. پاڪستان جي آبادي 81 ڪروڙ کان وڌيڪ آھي پر محض 32 لک ماڻھو انڪم ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ آھن ۽ انھن مان بھ محض 9 لک حقيقي معنائن ۾ پنھنجي ٽيڪس جي ادائيگي ڪن ٿا، اھا ڳالھھ بھ ھڪ حقيقت آھي تھ انڪم ٽيڪس ۾ رجسٽرڊ بيشمار ڪمپنيون اھڙيون آھن جيڪي گذريل ڪئين سالن کان خساري ۾ وڃي رھيون آھن
وڌيڪ پڙھو -
11 جون
قومي اقتصادي ڪائونسل
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ اآئيندھھ مالي سال جي سالياني ترقياتي پروگرام جي متفقھ منظوري تي چئني صوبائي وڏن وزيرن ۽ ٻين شريڪ ٿيلن کي واڌايون ڏنيون اآھن. ستين قومي مالياتي ايوارڊ جي منظوري کان پوءِ اھو پھريون ساليانو ترقياتي پروگرام اآھي، جنھن ۾ چئني صوبن کي وفاقي محاصل مان ماضي جي نسبت وڌيڪ حصو مليو اآھي. 81ھين اآئيني ترميم کان پوءِ چئني صوبن کي مختلف معاملن جيڪي پھرين مرڪز جي دائري اختيار ۾ ھئا انھن تي بھ ملڪيت جو حق حاصل ٿي چڪو اآھي. اھڙي ريت اآئيندھھ مالي سال جو ساليانو ترقياتي پروگرام وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ ھم اآھنگي ۽ اختيارن ۾ شرڪت جو بھترين نمونو اآھي، قومي مالياتي ايوارڊ ۽ 81ھين ترميم کان پوءِ قومي اقتصادي ڪائونسل جي شريڪ ٿيلن جو سمورن معاملن تي اتفاق راءِ ھڪ تاريخي موقعو اآھي ۽ ملڪ جي سياسي ۽ اقتصادي تاريخ ۾ بلا شبھا ھڪ سنگ ميل اآھي.
وڌيڪ پڙھو -
10 جون
عوامي بجيٽ 2011-12
پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي عوامي پارٽي آھي ۽ مجموعي طور تي پنجون ڀيرو اقتدار ۾ آئي آھي. پاڪستان ۾ جمھوريت جي علمبردار ھن پارٽي سان ماڻھن جي شاندار محبت جو سبب پيپلزپارٽي جو عوام جي حقن جي محافظ ھجڻ آھي. لھذا ھن پارٽي جو بنيادي مقصد عوام جي فلاح ۽ بھبود کي ترجيح ڏيڻ آھي. پٺتي پيل عوام جا مسئلا پارٽي قيادت جي نظر کان اوجھل ناھن ڇوتھ پارٽي ۽ عوام جو پاڻ ۾ گھرو رشتو آھي، عوام کي پنھنجي مسئلن جي حل لاءِ ھن ئي پارٽي مان اميدون آھن ۽ اھو ڪيئن ممڪن ٿي سگھي ٿو تھ ملڪ جي سڀ مقبول عوامي ۽ جمھوري پارٽي پنھنجي ماڻھن جي مسئلن ۽ معاملن کان غافل رھي. بلا شبھا ملڪ جي اندر خراب معاشي حالتون ۽ امن امان جي صورتحال سان ملڪي ترقي کي شديد ڌجڪو لڳو آھي
وڌيڪ پڙھو -
8 جون
بجيٽ تقرير
ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي بجيٽ تقرير جي پڄاڻي ھن شعر تي ٿي ھئي ))باز کي مخالف ھوا کان گھٻرائڻ نھ گھرجي ڇوتھ اھا سندس بلند اڏام جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي آھي((. نون ليگ جي ميمبرن ناڻي واري وزير جي بجيٽ تقرير جي دوران جيڪو رويو اختيار ڪيو اھو نھ صرف تمام غير سنجيدگي ۽ جمھوريت جي مذاق اڏائڻ جي برابر ھو پر پارلياماني روايتن جي ابتڙ ھو، ملڪي معيشت جي جيڪا صورتحال آھي ان کان نون ليگ کان وڌيڪ ڪوبھ آگاھھ نھ آھي. اڄ پاڪستان جن اندروني ۽ بيروني خطرن جو شڪار آھي، ملڪي معيشت جن چيلينجن مان گذري رھي آھي ان ۾ قومي اتحاد ۽ يڪجھتي جي جيتري ضروت اڄ آھي اھا پھرين ڪڏھن نھ ھئي، پاڪستاني عوام ان ڳالھھ جو منتظر آھي
وڌيڪ پڙھو