آرٽيڪل

طارق عالم ابڙو جو وڇوڙو

ڪامران سھتو
Sahto"رھجي ويل منظر” جھڙو خوبصورت ناول تخليق ڪندڙ، ڊرامانگار ۽ ڪھاڻيڪار طارق عالم ابڙو اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو، طارق عالم ابڙو فيبروري ۾ گڙدن جي تڪليف ۾ مبتلا ٿيو ۽ ڊاڪٽرن کيس وڌيڪ علاج لاءِ 60 لک جو خرچ ٻڌايو، وٽس ايتري مالي سگھھ نھ ھئڻ سبب ھو علاج ڪرائي نھ سگھيو، ان دوران سنڌ جي سڄاڻ حلقن پاران اختيار ڌڻين کي سنڌ جي ھن اديب جو سرڪاري سطح تي علاج ڪرائڻ جي حوالي کان اپيلون بھ ڪيون ويون، پر سرڪار سڳوري جي ڪن تي جونءِ بھ نھ سري، نيٺ سنڌ جو ھي تخليقي اديب ڇنڇر تي اسان کان موڪلائي ويو.
طارق عالم ابڙي 10 اپريل 1958ع تي قمبر ۾ محمد عالم ابڙو جي گھر ۾ اک کولي، اھي پاڻ ۾ پنج ڀائر ھئا، جن ۾ دارا، اياز عالم، قيس عالم، ساقي عالم ۽ 6 ڀينر آھن. مرحوم جو خاندان 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ڄامشوري ۾ منتقل ٿيو، جڏھن تھ ھن شروعاتي تعليم ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي، بي اي سچل ڪاليج مان ۽ ايم اي سنڌي ۾ پرائيويٽ طور ڪئي. 1985ع ۾ ھن رضيھ لاڙڪ سان شادي ڪئي جيڪا اڄڪلھھ انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي جي ميوزم انچارج آھي.
مرحوم طارق عالم ابڙي لکڻ جي شروعات 1957ع ۾ نظم کان ڪئي، سندس پھرين ڪھاڻي "پاولي” 1978ع ۾ تحريڪ رسالي ۾ شايع ٿي، ھن ٻي ڪھاڻي ” پيلو ڌنڌ” 1977ع ۾ لکي جيڪا ٽماھي مھراڻ جي تڏھوڪي ايڊيٽر امداد حسيني شايع ڪئي، انھي* ڪھاڻي وسيلي طارق ڪھاڻيڪار طور اڀريو ۽ ائين ئي جديد افسانھ نگارن ۾ شھرت ماڻي. طارق عالم سنڌي ادبي بورڊ ۾ 1998ع کان اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ملازمت جي شروعات ڪئي، پر کيس پگھار جونيئر ڪلارڪ جي ملندي ھئي. مرحوم سنڌ يونيورسٽي جي سوشيالاجي ڊپارٽمينٽ جي لائبريري ۾ لائبريرين طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون، جڏھن تھ سنڌي شاعري راڳي انور بلوچ، بيدل مسرور ۽ ٻين ڳائي آھي. ھن 19 سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ پي ٽي وي لاءِ پھريون ڊرامو ” چنڊ رھين ٿو ڏور” لکيو. طارق عالم ابڙي جي شاھڪار ناول ” رھجي ويل منظر” سميت 3 ڪتاب ڇپيل آھن، جن ۾ رات سانت ۽ سوچون ۽ سڃاڻپ جي ڳولا شامل آھي.”رھجي ويل منظر” تمام گھڻي مقبوليت ماڻي جنھن جا اڄ تائين ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آھن. "رھجي ويل منظر” کي سنڌي ادب ۾ شاھڪار ناول سمجھيو وڃي ٿو. جيڪو پھريون ڀيرو 1980ع ۾ ڇپرايو ويو، جڏھن تھ بيماري سبب 2 ڪتاب مڪمل ڪري نھ سگھيو. جن ۾ ھڪ افسانن جو مجموعو قديم آھي ۽ ٻيو سوشو پوليٽيڪل ھو. طارق عالم ابڙو 25 سالن کان بيماري سان مھاڏو اٽڪائيندو آيو ھو، ھو ڪڏھن بھ نھ ٿڪيو، ھو ھر ڀيري ڄامشوري کان ڪراچي مان ڊائلاسز ڪرائي پنھنجو ڪم ڪار ڪندو ھو. پر گذريل ٻن مھينن کان جگر ۽ گڙدن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ھو، کيس ڊاڪٽر صلاح ڏني تھ علاج پاڪستان ۾ نھ پر ڀارت ۾ ٿيندو. جنھن تي 60 لک رپيا خرچ ايندو، سندس علاج لاءِ سنڌي ادبي بورڊ جي چيرمين مخدوم جميل الزمان کي درخواست ڏنيون ويون، جنھن مان حڪومت کيس علاج لاءِ 7 لک رپيا منظور ڪيا جيڪي بھ کيس نھ ملي سگھيا. جيڪڏھن سنڌ اندر اھڙي صورتحال رھي تھ اسان ڏينھون ڏينھن پنھنجا اديب ۽ دانشور وڃائي ويھي رھنداسين. طارق عالم ابڙو اسان وٽ ھينئر موجود ناھي پر سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھندڙ نوجوانن وٽ طارق عالم ابڙو اڄ بھ رھجي ويل منظر جھڙي ڪتاب وانگر موجود آھي. طارق عالم ابڙو جيڪو اسين صدين تائين ياد رکي سگھون ٿا پر کيس وساري نھ ٿا سگھون، ڇاڪاڻ تھ سندس ڪيل خدمتون ۽ چيل لفظ اسان کي اڃا بھ ياد آھن.
اسين سڀ مسافر آھيون
ايندڙ ڪنھن اسٽيشن تي ھڪ ٻئي کي
باءِ Bye جو آٽوگراف ڏئي
ھميشھ لاءِ جدا ٿي وينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button