ڏھرڪي
-
مئی- 2013 -1 مئیاليڪشن 2013
ڏھرڪي ۾ گھر گھر ووٽ جي اھميت جي آگاھي ڏني پئي وڃي، الک ويلفيئر ايسوسيشن اڳواڻ
الک ويلفيئر ايسوسيشن ضلع گهوٽڪي جي اڳواڻن شبيرگبول ۽ عامررسول ڏهرڪي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سٽيزنس وائيس فار فري اينڊ پيس فل اليڪشن پروجيڪٽ تحت اسان جي ٽيمن ضلع گهوٽڪي جي 39 پولنگ اسٽيشن جي 5 هزار خاندانن جي ويهه هزار کان مٿي ماڻهن کي گهر گهر وڃي ووٽ جي اهميت ۽ ووٽ ڏيڻ بابت آگاهي ڏني آهي
وڌيڪ پڙھو -
1 مئیڌھرڪي
ڀرچونڊي جي پيرن جي جسقم ڪارڪنن مٿان فائرنگ، ٻه ڪارڪن زخمي
جسقم جي مرڪزي سڏ تي ڪالھ سڄي سنڌ جيان ڏهرڪي شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي جنهن سبب ڏهرڪي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ته دوڪان بند ڪرائڻ تان جسقم جي ڪارڪنن ۽ ڀرچونڊي شريف جي پيرن ۾ منهن ماري پڻ ٿي
وڌيڪ پڙھو -
اپریل- 2013 -22 اپریل
سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي، سنڌ نيشنل فيڊريشن
سنڌ نيشنل فيڊريشن سکر ريجن پاران ڏهرڪي ۾ پورهتين جي بنيادي حقن لاءِ سنڌ ورڪرز ڪنوينشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ضلع گهوٽڪي جي مختلف شهرن جي سوين پورهتين شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن راڻا محمود علي خان،عبدالفتاح ملڪ،تشڪيل احمد صديقي،دين محمد لکڻ،راحب سومرو،شهزادو پنهيار،امام بخش سومرو ۽ ٻين چيو ته ضلع گهوٽڪي سميت سموري سنڌ اندر پورهتين کي ٺيڪيداري نظام تحت پيڙهيو پيو وڃي
وڌيڪ پڙھو -
21 اپریل
آزاد اميدوار صحافي رميش ڪمار بي ايم پنهنجي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي
پي ايس 7 ڏهرڪي، ميرپورماٿيلوتڪ تي بيٺل آزاد اميدوار صحافي رميش ڪمار بي ايم پنهنجي اليڪشن مهم جي باقائده شروعات ڪندي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ ڏهرڪي جي سماجي تنظيم لاٽ هيومن ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي آفيس ۾ ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پي ايس 7 جي آزاد ميدوار صحافي رميش ڪمار چيو ته ڏهرڪي ۽ ميرپورماٿيلو تڪ جي عوام کان چونڊيل نمائيندن ڪوڙن لالچن ۽ ڏٽن عيوض ووٽ وٺي هنن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو
وڌيڪ پڙھو -
6 اپریل
صحافي ۽ سماجي اڳواڻ رميش ڪمار بي ايم جو پي ايس 7 تي فارم منظور
ڏهرڪي جي نوجوان صحافي ۽ سماجي اڳواڻ رميش ڪمار بي ايم صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس ست تي فارم ڀرائي ڇڏيو جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ رٽرننگ آفيسر اوٻاوڙو سندس نامزدگي فارم منظور ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
مارچ- 2013 -31 مارچ
اقليتي برادري جو اڳواڻ رميش ڪمار بي-ايم ايندڙ عام چونڊن جي ميدان ۾
ضلع گهوٽڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڏهرڪي جي نوجوان صحافي،سماجي اڳواڻ،انساني حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ اقليتي برادري جي اڳواڻ رميش ڪمار بي-ايم ايندڙ عام چونڊن ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
20 مارچ
پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جي 70 هين ورسي ملھائي وئي
پيرسائين سيد صبغت الله شاه راشدي سورهيه بادشاهه جي 70 هين ورسي جي تقريب فنڪشنل مسلم ليگ طرفان ڏهرڪي ۾ تعلقي صدر نظيرپنهيار جي رهائشگاهه تي ٿي گذري جنهن ۾ مختلف پارٽين جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
دسمبر- 2012 -23 دسمبر
ڏھرڪي: سنڌي ميڊيا فورم پاران سنڌي ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويو
سنڌي ميڊيا فورم جي سڏ تي 21 ڊسمبر سنڌي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي ڏهرڪي شهر به اجرڪ ٽوپي جي رنگن سان جرڪي پيو، صبح جو سوير کان ماڻهو ريلين ۽ قافلن جي صورت ۾ اجرڪ ٽوپيون پهري پريس ڪلب چوڪ آڏو گڏ ٿي ويا
وڌيڪ پڙھو