ٺٽو
-
جون- 2011 -26 جون
حسن درس جو حادثاتي موت سنڌي ادب لاءِ وڏو خال آھي: اديب
سنڌ جي قلم ڌڻين ، اديبن، شاعرن ۽ صحافين نئين ٽهي جي ڀلوڙ شاعر حسن درس جي حادثاتي موت کي سنڌ ادب لاءِ وڏو خال قرار ڏيندي چيو ته حسن درس جي قومي ۽ ادبي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، مڪلي تي هڪ سماجي تنظيم پاران حسن درس جي ياد ۾ سڏايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي صوفي حضرو بخش چيو ته حسن درس جي اندر ۾ صوفي ازم جو درس سمايل هو ۽ هو هميشه مذهبي ڪٽرپڻي خلاف اتساهه بنيل هو، هن چيو ته حسن جو وڇوڙو اسان کان ڀلوڙ شاعر ۽ پياري ماڻهو جو ڌار ٿيڻ آهي، مسعود لوهار خطاب ڪندي چيو ته حسن درس سنڌ جو ارڏو عاشق هو جنهن جي خواهش هئي ته سنڌ کي پنهنجو ماضي ۾ موٽائڻ جي جدوجهد ڪجي ۽ هتان جي ماڻهن جي دلين مان نفرتن جو خاتمو آڻي مهمان نوازي واري ڦوڪڻي کي واپس آڪاش ۾ نروار ڪجي ،
وڌيڪ پڙھو -
26 جون
گھوڙا ٻاري لڳ سنڌو درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي، 3 فوت 32 ڄڻن کي بچايو ويو
گهوڙاٻاري لڳ ٻيڙي ذريعي ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ ويندڙ ڳوٺاڻن جي ٻيڙي تيز هوائن سبب سنڌو درياهه ۾ اوندي ، 32 جڻن کي بچايو ويو، 3 جڻا ٻڏي فوت، هڪ جڻي جو لاش هٿ ، ٻن جي ڳولا جاري، ٺٽي ضلعي جي ساحلي علائقي گهوڙاٻاري جي ڳوٺ رحيم پنهور جا رهواسي ڳوٺاڻا گهوڙاٻاري ويجهو هڪ ٻيڙي ۾ سوار ٿي شادي جي ڪاج خاطر ڪاٺيون ڪرڻ لاءِ شاهه بندر طرف وڃي رهيا هئا ته سندن ٻيڙي سنڌو درياهه ۾ اوندي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻيڙي ۾ سوار 35 جڻا ٻڏڻ لڳا ان دوران آس پاس جي ملاحن ۽ ڳوٺاڻن مڙسي ڪري 32 جڻن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو ، جڏهن ته 3 ڳوٺاڻا دين محمد هنڱورو ، محمد پنهور، عبدالرزاق هنڱورو ٻڏي فوت ٿي وي
وڌيڪ پڙھو -
25 جون
مٽلا شاخ کي اوچتو 35 فوٽ گهارو، ڪيترائي ايڪڙ پوکيل فصل ۽ ٻه ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا
ٻيلو لڳ مٽلا شاخ کي اوچتو 35 فوٽ گهارو، ڪيترائي ايڪڙ پوکيل فصل ۽ ٻه ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا ،آبپاشي کاتي ۽ مقامي ڳوٺاڻن ٽن ڪلاڪن اندر گهارو بند ڪري وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، ٻيلو شهر کان 8 ڪلوميٽر پري مٽلا شاخ کي اوچتو 35 فوٽن تائين گهارو پئجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ايڪڙن تي پوکيل قيمتي فصل ڪپهه، ڪمند، سبزي ،ٻيو فصل ۽ ڳوٺ لعل محمد درس ۽ ميربحر ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، اطلاع ملندي آبپاشي کاتي جو عملو ۽ مقامي ڳوٺاڻا گهاري واري هنڌ پهچي ٽن ڪلاڪن جي جدوجهد بعد گهاري تي ضابطو آڻي وڌيڪ ڳوٺن ۽ زمينن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو، ان ڏس ۾ متاثر ڳوٺاڻن انور درس ، محمد حسن درس ۽ ٻين ٻڌايو ته گهاري واري هنڌ گذريل سال آيل ٻوڏ دوران پڻ گهارو پيو هو ۽ آبپاشي کاتي وارن کي ٻيهر گهاري پوڻ جي خدشي کان آگاهه پڻ ڪيو ويو پر ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو جنهن سبب هي نقصان ٿيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
24 جون
گجو شهر ۾ چئن ڏينهن کان بجلي بند، شھرين جو مظاھرو
ٺٽي لڳ گجو شهر ۾ چئن ڏينهن کان بجلي بند هجڻ ۽ پاڻي جي کوٽ خلاف شهرين جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو روڊ بلاڪ نعريبازي ، ٺٽي لڳ گجو شهر ۾ گذريل چئن ڏينهن کان وٺي بجلي بند هجڻ ۽ پاڻي جو بحران پيدا ٿيڻ خلاف گجو جي شهرين احتجاج ڪندي ٺٽو ڪراچي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ واپڊا انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي شهرين دانهيندي ٻڌايو ته گذريل چئن ڏينهن کان وٺـي شهر ۾ بجلي بند هجڻ ڪري شهر جو ڪاروهنوار متاثر ٿيو آهي ۽ بجلي بند هجڻ ڪري شهر ۾ پاڻي جي فراهمي به معطل آهي جنهن سبب پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويئي آهي، ان موقعي تي واپڊا جي عملدارن پهچي شهر ۾ بجلي بحال ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو
وڌيڪ پڙھو -
24 جون
مڪلي تي ملھھ جو ملاکڙو، دين محمد ، انو ڍولو کي شڪست ڏئي ڇڏي
ضلعي حڪومت ٺٽو پاران پهريون ڀيرو سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جو ملاکڙو مڪلي تي منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سموري سنڌ مان ملهه پهلوانن شرڪت ڪئي ۽ پهلواني جا جوهر ڏيکاريا، ضلعي ائڊمنسٽريٽر ۽ ڊي سي او ٺٽو جي هدايتن تي سوشل ويلفيئر کاتي پاران مڪلي جي فٽبال گرائونڊ تي ملهه جو ملاکڙو منعقد ڪيو ويو ، جنهن ۾ ، مٽياري، ڪشمور حيدرآباد، سعيد آباد،ڀٽ شاهه، ٺٽو ۽ ٻين ضلعن جي ملهه پهلوانن حصو وٺي پهلواني جا جوهر ڏيکاريا، پهلوان وزير ڪنڊرا پهلوان انور ڍولو کي ميدان ماري انعام حاصل ڪيو،جڏهن ته پهلوان دين محمد ڪوريجو، پهلوان اياز شيدي کي شڪست ڏيئي مقابلو کٽيو
وڌيڪ پڙھو -
24 جون
اين سي ايڇ ڊي جي خاتمي ۽ پوليس تشدد خلاف مظاھرو
: ٺٽي ۾ اين سي ايڇ ڊي جي خاتمي ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ اين سي ايڇ ڊي جي ملازمن تي ٿيل تشدد ۽ گرفتارين خلاف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو ، زوردار نعريبازي. اين سي ايڇ ڊي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي دائم جانوري، نور نبي جوڻيجو ، خالد لطيف ميمڻ، نثار رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته موجوده جهموري حڪومت جو نعرو آهي ته ماڻهن کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏينداسين پر اين سي ايڇ ڊي کي بند ڪري ان نعري جي خلاف ورزي ڪئي ويئي آهي ۽ پر امن نموني سان احتجاج ڪندڙن کي پوليس ۽ ڏنڍي جي زور تي جهڪايو پيو وڃي ، جيڪا وڏي زيادتي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته اين سي ايڇ ڊي کي مستقل طور تي بحال ڪيو وڃي ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
24 جون
سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران گهر شماري خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مظاهرو
سنڌ ترقي پسند پارٽي ٺٽو پاران ٿيل گهر شماري خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مظاهرو ، ريلي ، سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي ٺٽي جي ضلعي صدر غياث ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ايڌي نيشنل بئنڪ کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ، مظاهرو ڪندڙن سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا، جيڪي بوگس گهر شماري نا منظور جا نعرا هڻي رهيا هئا ، ان موقعي تي مظاهري کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بوگس گهر شماري ڪرائي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي ويئي آهي جنهن کي سنڌ جو عوام هرگز قبول نٿو ڪري.
وڌيڪ پڙھو -
22 جون
حيسڪو جي نجڪاري خلاف ملازمن جو مظاھرو
ٺٽي ۾ حيسڪو ملازمن پاران مراعتون نه ملڻ ۽ حيسڪو جي نجڪاري جي امڪاني فيصلي خلاف حيسڪو يونين جي اڳواڻ عبادت حسين، محمد ، قاسم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ملازمن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ ،ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملازمن سان نا انصافي ڪندي ملامن جا فري يونٽ ۽ ٻيون مراعتون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن سبب ملازم سخت پريشاني جو شڪار آهن، هنن مطالبو ڪندي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته مطالبا پورا ڪري ملازمن مان مايوسي ختم ڪئي وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
22 جون
اين سي ايڇ ڊي جي پر امن احتجاج تي پوليس پاران ڪيل شيلنگ ۽ تشدد واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت
اين سي ايڇ ڊي ايڪشن ڪميٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊائم بلوچ، نور نبي جوڻيجو، خالد لطيف ميمڻ، نثار رند ۽ ٻين اسلام آباد ۾ اين سي ايڇ ڊي جي پر امن احتجاج تي پوليس پاران ڪيل شيلنگ ۽ تشدد واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پنهنجي روزگار جي حاصلات لاءِ پر امن احتجاج ڪندڙن کي ڏنڍي ۽ طاقت جي زور تي هيسائڻ وارو عمل هن جمهوري حڪومت ۾ شرمناڪ عمل آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي هنن گهر ڪندي چيو ته هڪدم جائز مطالبا مڃي ملازمن مان مايوسي ۽ بيچيني واري فضا کي ختم ڪيو وڃي.
وڌيڪ پڙھو -
21 جون
پي پي ڪارڪنن ٺٽي ۾ شھيد راڻي جي 58 ھين سالگرھ ملھائي
شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي 58 هين سالگره جي موقعي تي پ پ ضلعي ٺٽي پاران پريس ڪلب ٺٽو اڳيان سالگره جي هڪ تقريب ملهائي ويئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪري عطيي طور رت جون بوتلون ڏنيون ۽ قرآن خواني ڪئي، رٿيل تقريب کي پ پ ضلعي ٺٽي جي صدر ارباب وزير احمد ميمڻ ، جنرل سيڪريٽري ۽ ايم پي اي صادق علي ميمڻ، امتياز قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي شهيد بينظير ڀٽو جي زندگي تي روشني وجهندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو، ان موقعي تي سالگره جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو
وڌيڪ پڙھو