ٺٽو

اين سي ايڇ ڊي جي خاتمي ۽ پوليس تشدد خلاف مظاھرو

NCHDٺٽو(سجاد علي ميمڻ): ٺٽي ۾ اين سي ايڇ ڊي جي خاتمي ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ اين سي ايڇ ڊي جي ملازمن تي ٿيل تشدد ۽ گرفتارين خلاف ملازمن جو احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو ، زوردار نعريبازي. اين سي ايڇ ڊي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي دائم جانوري، نور نبي جوڻيجو ، خالد لطيف ميمڻ، نثار رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب ٺٽو اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۽ نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته موجوده جهموري حڪومت جو نعرو آهي ته ماڻهن کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏينداسين پر اين سي ايڇ ڊي کي بند ڪري ان نعري جي خلاف ورزي ڪئي ويئي آهي ۽ پر امن نموني سان احتجاج ڪندڙن کي پوليس ۽ ڏنڍي جي زور تي جهڪايو پيو وڃي ، جيڪا وڏي زيادتي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته اين سي ايڇ ڊي کي مستقل طور تي بحال ڪيو وڃي ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙن تي تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button