ٺٽو

  • اگست- 2011 -
    13 اگست

    پوليس جي ڀتي لاءِ واپارين ءِ ڊرائيون کي مارڪٽ کان پوءِ ھزارين رپيا ڦري ورتا

    گهگهر ڦاٽڪ ويجهو ٽول پلازا پوليس چيڪ پوسٽ جي اهلڪار کي ڀتو نه ڏيڻ تي ٺٽي جي فروٽ واپاري ۽ سوزوڪي ڊرائيور کي هڪ ڪلاڪ تائين ڪڪڙ بڻائي مارڪٽ ڪرڻ بعد هزارين رپيا زوري کسي ورتا. ٺٽي جي فروٽ واپاري محمد اسحاق ميمڻ سبزي منڊي ڪراچي مان فروٽ خريد ڪري ٺٽو اچي رهيا هئا ته گهگهر ڦاتڪ ويجهو سسئي ٽول پلازا ڀرسان قائم پوليس چيڪ پوسٽ جي اهلڪارن کين روڪي ڀتو وصول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انڪار ڪرڻ تي اهلڪارن واپاري ۽ سوزوڪي ڊرائيور جمعون ملاح کي هڪ ڪلاڪ تائين گاڏي مان هيٺ لاهي ڪڪڙ بڻايو ۽ کين سخت مارڪٽ ڪرڻ بعد هزارين رپيا کسڻ بعد کين ڇڏي ڏنو ،

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 اگست

    چار سؤ کان مٿي پرائمري استادن کي پگھار نه ملي سگھي

    8 مهينا اڳ تعليم کاتي ضلعي ٺٽي ۾ ڀرتي ڪيل 4 سئو کان مٿي پرائمري اسڪولن جي پي ايس ٽي استادن کي پگهارن جي ادائگي نه ٿي سگهي استاد طبقو پريشاني ۾ ورتل، سنڌ حڪومت پاران ميرٽ جي بنياد تي 8 مهينا اڳ تعليم کاتي ضلعي ٺٽي ۾ ڀرتي ڪيل 400 کان مٿي پي ايس ٽي ٽيچرس کي ضلعي جي مختلف اسڪولن ۾ پوسٽنگ ڏيئي مقرر ڪيو ويو هو پر فندن جي عدم فراهمي سبب سندن پگهارون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن ۽ خاص ڪري تازو ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ ٻيهر بلدياتي نظام لاڳو ٿيڻ ڪري سندن پگهارن جا بل ٽريزي آفيس ۾ رڪيل آهن متاثر استادن ٻڌايو ته اهي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا اهن پر کين پگهارون نٿيون ملن جنهن ڪري سندن خاندان فاقه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 اگست

    اين سي ايڇ ڊي استادن ۽ ايس ڊي ايس ايس پي جي 15 سئو استادن کي مئي 2010 ع تائين جون سموريون پگهارون فوري طور ادا ڪيون وڃن : ڪورٽ

    سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بيچ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران ٺٽي ضلعي جي اين سي ايڇ ڊي ۽ ايس ڊي ايس ايس پي پروگرام تحت مقرر ڪيل استادن کي پگهارن جي ادائگي واري معاملي تي ڏنل اپيل واري درخواست مدو پورو هجڻ ڪري رد ڪري ڇڏي آهي ۽ تعليم کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل کي يقيني بنايو وڃي، ان سلسلي ۾ ٺٽي ضلعي جي فيڊر اسڪولن جي استادن جي حق ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڏنل فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران سپريم ڪورٽ ۾ هڪ درخواست دائر ڪئي ويئي هئي جنهن جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بيچ جسٽس غلام رباني ۽ جسٽس انور ظهير جمالي سرڪار جو موقف ٻڌڻ کان پوءِ واضح طور فيصلو ڏنو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي وڏو عرصو گذري چڪو آهي ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل جو مدو ختم ٿي چڪو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 اگست

    پ پ حڪمران هشتگردن جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي سنڌ جي ورهاڱي جي شروعات ڪئي آھي: ٺٽي ۾ ريلي

    ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ ناظمي نظام جي مخالف ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن علي حسن چانڊيو ، حسن سمون، جسقم ضلعي ٺٽي جي صدر سرور خشڪ ۽ جيئي سنڌ نيشنل ڪانگريس جي مرڪزي اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي جي اڳواڻي ۾ ايڌهي سينٽر ٺٽو کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاهراهه تي برسات ۾ ڌرڻو هڻي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم خلاف سخت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پ پ حڪمرانن دهشتگردن جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي ڪمشنري نظام جي حمايت ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ آئيني شڪل هوندي به ناظمي نظام بحال ڪري نه رڳو سنڌ جي ورهاڱي جي شروعات ڪئي آهي هنن چيو ته ڪراچي ۾ امن جي بحالي جي نالي تي جيڪڏهن ڪراچي دهشتگردن حوالي ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي ڪارواين کي روڪڻ ۽ امن جي بحالي جي نالي تي انهن کي به ضلعا ڏنا وڃن

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 اگست

    سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف ٺٽي ۾ سوين شهرين جو احتجاجي مظاهرو

    سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف ٺٽي ۾ سوين شهرين جو احتجاجي مظاهرو، پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو جي آفيس اڳيان ڪارا توا ٽنگي چوڙيون اڇلائي ڌرڻو هنيو ويو، اهي غدار وطن تونسان جهيڙو آ ، جهڙا روزدار نعرا، ٺٽي جي سماج سڌارڪ اسحاق خشڪ جي اڳواڻي ۾ شاهه ڪمال محلي کان ريلي ڪڍي ويئي جنهن ۾ نوجوان، اديب ۽ سول سوسائٽي جا ماڻهو شامل ٿي ويا، نوجوان جي هٿن۾ ڪارا توا ۽ چوڙيون هيون جيڪي نعريبازي ڪندي ٺٽي ۾ پ پ جي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو جي آفيس اڳيان پهچي سندس آفيس اڳيان ڪارا توا ٽنگهي ۽ چوڙيون اڇلائي ڇڏيون ۽ سخت نعريبازي ڪندا شرم ڪريو حيا ڪريو اسيمبلي ميمبر استعيفيٰ ڏيو ،اي غدار وطن جا جهيڙو آ ، جا زوردار نعرا هنيا، بعد ۾ وڏي احتجاجي ريلي جي صورت ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان پهچي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 اگست

    سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٺٽي پاران سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو

    سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٺٽي پاران سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري عمل خلاف ايڌي سينٽر کان مارو خشڪ، سجاد ميمڻ، طارق عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ايس يو پي ضلعي ٺٽي جو صدر حاجي انور ڪرناڻي ۽ ٻيا قومپرست ڪارڪن شامل ٿي ويا، احتجاجي جلوس پريس ڪلب پهچي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • 11 اگست

    ٺٽو لڳ مڇي جي فارم ۾ بجلي جون تارون ڪرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ ڪري لکين رپين جي ماليت جي مڇيون مري ويون

    ٽو لڳ مڇي جي فارم ۾ بجلي جون تارون ڪرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ ڪري لکين رپين جي ماليت جي مڇيون مري ويون، ٺٽو شهر ڀرسان ڳوٺ گل محمد سمون ۾ گل محمد سمون جي مڇي واري فارم مٿان گذرندڙ بجلي جون تارون ڪري پيون جنهن سبب فارم ۾ لکين رپين جي ماليت جي تيار ٿيل مڇيون ڪرنٽ لڳڻ سبب مري ويون، ڳوٺاڻن حاجي گل محمد سمون، محمد رمضان سمون ۽ ٻين ٻڌايو ته مذڪوره تارن مان 1988 کان ڳوٺ بجلي فراهمي ٿيندي هئي ۽ تارون پراڻيون هجڻ ڪري هنن حيسڪو اختيارين کي بار بار دانهيون

    وڌيڪ پڙھو
  • 8 اگست

    عوامي تحريڪ ۽ ٺٽو بار جي وڪيلن پاران سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ خلاف ريليون

    عوامي تحريڪ ۽ ٺٽو بار جي وڪيلن پاران سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ خلاف دار دار ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا ، ٺٽو بار ايسوسيئشن جي صدر اعجاز شاهه، ۽ پنهون عقيلي جي اڳواڻي ۾ايڌ ي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پ پ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. جڏهن ته عوامي تحريڪ پاران مٺا خان لاشاري، صاحب خان کوسو، عثمان لاشاري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي ويئ. ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌرتي هزارين سالن جي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ ڌرتي آهي جنهن کي انتظامي ٻن حصن ۾ ورهائڻ سنڌ دشمنن جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ برابر آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 8 اگست

    ٺٽي جي نوجوان گهرو اڻبڻت تان زهريلي دوا پي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو

    ٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽو لڳ پٺاڻ ڪالوني ڀرسان زمين تي هارپو ڪندڙ ٽنڊو جام جو رهواسي 25 سالا نوجوان بچو ڀاڳڙي پٽ گلاب ڀاڳڙي گهرو اڻبڻت تان زهريلي دوا پي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.سندس لاش سول اسپتال نيو ويو جتي ضروري ڪارروائي کان پوءِ سندس لاش وارث ٽنڊو جام کڻائي ويا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 8 اگست

    موجوده پ پ جي حڪومت هڪ صوبي سنڌ ۾ ٻه نظام جي مشڪري ڪري سنڌ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي

    سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ خلاف سجي سنڌ جيان ٺٽي ۾ به سخت احتجاج ڪيو ويو، قومپرست ڪارڪنن سياسي سماجي ڌرين توڙي شهرين سراپا احتجاجي بڻجي احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا، جڏهن ته شهر ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي رپورٽ موجب قومپرست ڌرين جي سڏ تي ٺٽي شهر ۾ سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ خلاف ٺٽي شهر ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال رهي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز بازارون دڪان پئٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشن بند رهيا جڏهن ته شهري ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ ماما اسحاق خشڪ جي اڳواڻي ۾ کيربازار ٺٽو کان احتجاجي جلوس ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، جلوس ۾ شهري نوجوان قومپرست ڪارڪنن سياسي سماجي ۽ ادبي تنظيمن جا اڳواڻ شامل به ٿي ويا، احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ چوڙيون هيون اهي ٺٽي شهر جي شاهي بازار جو گشت ڪري پ پ جي چونڊيل عيوضين کي ڳوليندا رهيا

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button