ٺٽو

سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٺٽي پاران سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو

Sindh Mapٺتو(سجاد علي ميمڻ) سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٺٽي پاران سنڌ کي انتظامي طور تي ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري عمل خلاف ايڌي سينٽر کان مارو خشڪ، سجاد ميمڻ، طارق عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ ايس يو پي ضلعي ٺٽي جو صدر حاجي انور ڪرناڻي ۽ ٻيا قومپرست ڪارڪن شامل ٿي ويا، احتجاجي جلوس پريس ڪلب پهچي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو جتي خطاب ڪندي حاجي انور ڪرناڻي ، طارق عباسي ۽ ٻين چيو ته پ پ جي ميمبرن سنڌ دشمن قوتن جي منصوبن تي عمل ڪري ڌرتي ماءُ جي ٿڃ کي لجايو آهي کين ڌرتي ماءُ ڪڏهن به معاف نه ڪندي، هنن چيو ته سنڌ جا غيرتمند سنڌي هاڻي جاڳي پيا آهن هاڻي ڪو به سنڌ دشمن منصوبو ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button