ٺٽو
-
ستمبر- 2011 -5 ستمبر
برساتي تباهڪارين سبب 65 هزار ماڻهو بي گهر ٿي ويا
ٺٽي جي ضلعي انتظاميا ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين سبب 65 هزار ماڻهو بي گهر ٿيڻ ۽ 35 ديهون متاثر ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ چيو آهي ته ضلعي اندر سڀ کان وڌيڪ نقصان زراعت جو ٿيو آهي. ڪاروگونگڙو سم نالي تي ڪيمپ قائم ڪري ويٺل ٺٽي جي ڊي سي او محمد جعفر عباسي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٺٽي ضلعي اندر برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ ڪري ڪاروگونگڙو سم نالي جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي ويئي آهي ۽ هن سم نالي جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش 1250 ڪيوسڪس آهي جڏهن ته هن وقت 3085 ڪيوسڪس پاڻي سم نالي ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي هن چيو ته ڪاروگونگڙو سم نالي جي سسٽم کي بچائڻ سان گڏ آسپاس ۾ تباهي جو سبب بڻيل پاڻي جي نيڪال لاءِ هنگامي صورتحال لاڳو ڪري سکر کان ڳريون موٽر مشينون ۽ پائپ ۽ ماهر انجنيئرن کان مدد حاصل ڪري صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي وڌيڪ ٻڌايو ته ٺٽي ضلعي اندر سڀ کان وڌيڪ جاتي ۽ ميرپوربٺورو تعلقن ۾ تباهي ٿي آهي
وڌيڪ پڙھو -
5 ستمبر
ڪاروگونگرو سم نالي جي سطح وڌي ويئي سم جو پاڻي ابتو وهڻ لڳو ڪيترا ئي ڳوٺن ٻڏي ويا
ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين جو سلسلو جاري برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ بعد ڪاروگونگرو سم نالي جي سطح وڌي ويئي سم جو پاڻي ابتو وهي ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو ٻن صوبائي وزيرن سميت ڊي سي او ٺٽو ڪاروگونگڙو تي پهچي هنگامي صورتحال لاڳو ڪري ڇڏي ماهر انجنيئرن کان مدد طلب، ٺٽي ضلعي اندر برساتن جي تباهڪارين جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي ۽ ڪالهه آچر واري ڏينهن منجهند کان پوءِ برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ ڪالهه به ٺٽي سميت ضلعي جي سخت متاثر علائقن ميرپوربٺورو، جاتي، ڪيٽي بندر ۽ سجاول سميت مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو جنهن سبب هيٺائين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته ٻيهر برساتن جي وسڪاري سبب ٺٽي ضلعي اندر تباهي مچائيندڙ ڪاروگونگڙو سم نالي جي سطح ٻيهر وڌي ويئي آهي ۽ ان جي ابتي وهڻ ڪري سم نالن جي گهارن جو پاڻي ميرپوربٺورو تعلقي جي يوسي درياهه خان سوهو ۽ جهوڪ شريف جي وڌيڪ 20 کان مٿي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو آهي
وڌيڪ پڙھو -
5 ستمبر
ٺٽي ضلعي اندر برساتن جي تباهڪارين بابت سنڌ حڪومت باخبر آهي: صادق علي ميمڻ
جيل کاتي جي صوبائي وزير انجنيئر صادق علي ميمڻ چيو آهي ته ٺٽي ضلعي اندر برساتن جي تباهڪارين بابت سنڌ حڪومت باخبر آهي ۽ ضلعي جي متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏيارڻ لاءِ سمري تياري هيٺ آهي ڪاروگونگڙو تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪاروگونگڙو سم نالو برساتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تباهي آندي آهي پر هاڻي هنگامي بنيادن تي ڪاروگونگڙو سم نالي جي اٿل سميت ان جي سسٽم کي بچائڻ لاءِ مختلف پهلوئن کان جائزو وٺڻ بعد هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن ۽ انهن اتي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي ته جيئن صورتحال کي مانيٽر ڪري سگهجي ۽ ڊرينيج کاتي جي سپرنٽيڊنٽ انجنيئر دنون مل جي اڳواڻي ۾ ڊرينيج انتظاميا کي الرٽ ڪري وڌيڪ مشنري سميت متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن
وڌيڪ پڙھو -
5 ستمبر
هندو پنچائت جي اڳواڻ جي ڀاءُ تي جهمپير پوليس جي اهلڪارن جو تشدد
جهمپير ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻ جي ڀاءُ تي جهمپير پوليس جي اهلڪارن جو تشدد هندو برادري سميت واپارين جهمپير شهر ۾ هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو احتجاج ۽ نعريبازي جهمپير شهر ۾ هندوپنچائت ضلعي ٺٽي جي صدر ديوان گهنشام ٿانوراڻي جي ڀاءُ لڇمڻ داس ٿانوراڻي تي جهمپير پوليس جي اهلڪارن گذريل ڏينهن نشي جي حالت ۾ سخت تشدد ڪري کيس مارڪٽ جو نشانو بڻايو ۽ کانئس پيسا کسي ورتا اهڙي واقعي خلاف جهمپير جي هندو برادري توڙي شهرين ۽ واپارين ڪالهه جهمپير شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو ۽ احتجاجي جلوس ڪڍي پوليس خلاف سخت احتجاج ڪيو احتجاج ۾ هندو پنچائت جي اڳواڻ ديون گهنشام ٿانوراڻي ، جسقم جهمپير جي اڳواڻ اسد گوپانگ ، ديوان دريانو مل، راجيش ڪمار۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جهمپير پوليس قانوني ۽ اخلاقي ليڪا لتاڙي هڪ شريف ۽ ڪاروباري شخص ديوان لڇمڻ داس کي بيگناهه تشدد جو نشانو بنائي کانئس ڦرلٽ ڪئي آهي
وڌيڪ پڙھو -
5 ستمبر
هٿ وٺي سندن سجاول سب ڊويزن جي تڪ جي برسات متاثر ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي: اياز علي شاهه شيرازي
ق ليگ جي ايم اين سيد اياز علي شاهه شيرازي ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين سبب متاثر ٿيل ماڻهن جي واهر نه ٿيڻ جا الزام هڻندي چيو آهي ته هٿ وٺي سندن سجاول سب ڊويزن جي تڪ جي برسات متاثر ماڻهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومتي ادارن متاثرين جي بحالي ۽ امداد لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي ميرپوربٺورو تعلقي جي مختلف متاثر علائقن ڪوٽ عالمون، ابڙال، موالي موري ۽ ٻين علائقن جي دوري دوران ڳوٺاڻن سان ڳالهائيندي ۽ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ايم اين اي اياز علي شاهه شيرازي وڌيڪ چيو آهي ته ٺٽي ضلعي اندر ڊرينيج کاتي جي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن سبب وڌيڪ برساتن دوران تباهي ٿي آهي ۽ هن وقت به ماڻهو بي يارومددگار بڻجي کليل آسمان هيٺ امداد لاءِ وانجهائي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
5 ستمبر
بيروزگار نوجوانن جي احتجاج کي 2 هفته مڪمل
ٺٽو پريس ڪلب اڳيان بيروزگار نوجوانن جي احتجاج کي 2 هفته مڪمل، احتجاجي ڪيمپ تي گرده ۽ ٻار کپائڻ جا هوڪا ڏيئي احتجاج جو سلسلو جاري ڪنهن به چونڊيل نمائندن توڙي حڪومت معاملي جو نوٽيس نه ورتو، گذريل 14 ڏينهن کان پريس ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري گرده کپائڻ ۽ پنهنجا ٻار کپائڻ لاءِ هوڪا ڏيئي احتجاج ڪندڙ ٺٽي جي بيروزگار نوجوانن جي احتجاج کي ٻه هفته مڪمل ٿي ويا آهن گذريل ڏهاڙي به عنايت شاهه ، ممتاز شيخ، احسان جاکرو ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ ڊگري يافته بيروزگار نوجوانن ٺٽي ضلعي جي سرڪار توڙي غير سرڪاري ادارن ۾ غير مقامي ماڻهن جي ڀرتي ۽ کين نوڪرين ۾ نظرانداز ڪري ويساهه گهاتي ڪرڻ خلاف احتجاج جاري رکيو ۽ ڪيمپ تي پنهنجا گرده ۽ معصوم ٻارڙا کپائڻ جا هوڪا ڏيندا رهيا
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
ھاڻوڪين برساتن سبب سنڌ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪيئي سال معاشي طور پٺتي ڌڪي ڇڏيو آھي: سسئي پليجو
صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته ھاڻوڪين برساتن سبب سنڌ کي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪيئي سال معاشي طور پٺتي ڌڪي ڃڏيو آھي، فقط ٺٽي، بدين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ ھڪ خرب روپين کان وڌيڪ زرعي نقصان ٿيو آھي. اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ منجھند جو ضلعي ٺٽي جي ڪارو گھونگھڙو وٽ پيل واھن جي گھارن جو معائنو ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن چيو ته جتي قدرتي آفتن ماڻھن جي آبادين ۽ زندگين کي شديد نقصان پھچايو آهي اُتي ايل بي او ڊي جي غلط ڊزائن پڻ اُن نقصان کي اڃا وڌيڪ ٻيڻو ڪيو آهي. صوبائي وزير چيو ته تڏهن ئي اسان اُن غلط رٿابندي ڪيل ايل بي او ڊي جي مخالفت ڪندا آياسين ۽ هاڻ اُن ئي سبب ٺٽي ۾ آر بي او ڊي جي پڻ مخالفت ڪريون ٿا. انهن اينٽي سنڌ منصوبن ڪري ايندڙ سالن ۾ سنڌ ڪنهن گٽر واري ڍنڍ ۾ بدلجي سگھي ٿي.
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
حڪومت برسات متاثرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي
صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو چيو آهي ته سنڌ حڪومت برسات متاثرين کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ سندن جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ متاثرين جي هر قسم جي مدد ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ تعلقي ميرپور بٺورو جي يو سي بچل گگو، ديهه ڏاچري جي پاڻي هيٺ آيل ڳوٺن عارب جانوري، غلام جاکرو ۽ ٻين برسات متاثر ڳوٺن جي متاثرين ۾ امدادي سامان ورهائڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيٿدي چئي. هن چيو ته عواج پ پ جي حڪومت ۾ اُميدون رکي ٿو ان ڪري هن مشڪل وقت ۾ متاثر ماڻهن کي هم گز اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته اسان پي ايم ڊي اي ۽ ريهيبيليٽيشن جي صوبائي وزيرن سان پڻ لڳاتار رابتي ۾ آهيون ته جيئن متاثر ماڻهن جي وقت سر ۽ وڌ کان وڌ مدد ڪري سگھون. هن چيو ته ٺٽي ۽ بدين ضلعن کي اربين روپين جو نقصان پهتو آهي، زراعت مڪمل تباه ٿي چڪي آهي
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
سنڌ ۾ سڀ کان زياده برساتن سم نالن ڪري تباهي ٺٽي ضلعي اندر ٿي آهي : سسئي پليجو
)ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين جو سلسلو جاري ڪالهه وڌيڪ برسات پوڻ ڪري دڙو لڳ يوسي بچل گگو جي ديهه ڏاچري ۾ ڦاٿل 450 ماڻهن مان اڃان تائين 200 ماڻهو ڳوٺن ۾ ڦاٿل کاد خوراڪ جي ڪم سبب ماڻهو پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا صوبائي وزير سسئي پليجو راشن سميت متاثر علائقن ۾ پهچي صورتحال جوجائزو ورتو ٺٽي ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ برسات جي تباهڪارين جو سلسلو گذريل 5 ڏينهن کان وٺي جاري آهي برسات سبب ٺٽي جي شهري آبادي خاص طور تي ڪچي آبادي بخاري پاڙو ڀٽ محلو ۽ لاسي پاڙي مان اڃان تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ضلعي انتظاميا ٺٽو سب ڊرين سم نالي جي اٿل کي روڪرائ ورتو آهي جڏهن ته ٻئي طرف دڙو لڳ يوسي بچل گگو جي ديهه ڏاچري ۾ ڦاٿل جانوري ، جاکرا، خاصخيلي، ملاح ۽ ٻين برادرين جي مختلف ڳوٺن جي 450 ماڻهن مان 250 ماڻهو پاڻمرادو مٿانهين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري هليا ويا آهن
وڌيڪ پڙھو -
4 ستمبر
ڪاروگونگڙو سم نالي ٻيهر برساتن سبب اٿل کائي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي
)ميرپوربٺورو لڳ ڪاروگونگڙو سم نالي ٻيهر برساتن سبب اٿل کائي علائقي ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ 4 آر سم نالي کي ٻيهر مختلف هنڌن تان گهارا پوڻ ڪري يوسي دريا خان سوهو ۽ جهوڪ شريف جا وڌيڪ 22 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا 600 کان مٿي ماڻهو پاڻي ۾ ڦاٿل ايم اين اي اياز شاهه شيرازي ۽ ايم پي اي شاهه حسين شاهه شيرازي علائقي جي دوري تي پهتا متاثرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا صوبائي وزير سسئي پيلجو پاران پي ڊي ايم اي کي مدد لاءِ اپيل. رپورٽن موجب ٺٽي ضلعي جي ٻن تعلقن ۾ ٻه هفتا اڳ تباهي مچائيندڙ ڪاروگنگڙو سم نالو ٻيهر زوردار برساتن جو سلسلو جاري رهڻ ڪري ٻيهر واپس اٿل کائي علائقن کي ٻوڙڻ شروع ڪيو آهي. ڪاري گونگڙي جي اٿل سبب 4 آر سم نالي ۽ 3 آر سم نالي کي 3 هنڌن تان ٻيهر گهارا پئجي ويا آهن جنهن جي نتيجي ۾ يونين ڪائونسل دريا خان سوهو جا وڌيڪ 7 ڳوٺ جن ۾ مشتاق چانڊيو، حاجي خميسو چانڊيو، ڀلو ڪولهي، احمد رهبر، يوسف سومرو، ۽ موسا ڪوٽائي شامل آهن برساتي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن
وڌيڪ پڙھو