ٺٽو

سنڌ ۾ سڀ کان زياده برساتن سم نالن ڪري تباهي ٺٽي ضلعي اندر ٿي آهي : سسئي پليجو

sassui palijoٺٽو(سجاد علي ميمڻ)ٺٽي ضلعي اندر برساتي تباهڪارين جو سلسلو جاري ڪالهه وڌيڪ برسات پوڻ ڪري دڙو لڳ يوسي بچل گگو جي ديهه ڏاچري ۾ ڦاٿل 450 ماڻهن مان اڃان تائين 200 ماڻهو ڳوٺن ۾ ڦاٿل کاد خوراڪ جي ڪم سبب ماڻهو پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا صوبائي وزير سسئي پليجو راشن سميت متاثر علائقن ۾ پهچي صورتحال جوجائزو ورتو ٺٽي ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ برسات جي تباهڪارين جو سلسلو گذريل 5 ڏينهن کان وٺي جاري آهي برسات سبب ٺٽي جي شهري آبادي خاص طور تي ڪچي آبادي بخاري پاڙو ڀٽ محلو ۽ لاسي پاڙي مان اڃان تائين برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ضلعي انتظاميا ٺٽو سب ڊرين سم نالي جي اٿل کي روڪرائ ورتو آهي جڏهن ته ٻئي طرف دڙو لڳ يوسي بچل گگو جي ديهه ڏاچري ۾ ڦاٿل جانوري ، جاکرا، خاصخيلي، ملاح ۽ ٻين برادرين جي مختلف ڳوٺن جي 450 ماڻهن مان 250 ماڻهو پاڻمرادو مٿانهين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري هليا ويا آهن جڏهن ته 200 ماڻهو اڃان تائين ڳوٺ عارب جانوري ڳوٺ دنڃاڻو جانوري، ڳوٺ حاجي ابراهيم خاصخيلي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڦاٿل آهن جتي ڳوٺاڻن جي پهچ رستا پاڻي هيٺ اچڻ سخت مشڪلات ۾ ڦاسي ويا آهن جنهن ڪري ڦاٿل ماڻهو کاڌ خوراڪ جي ڪمي سبب لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي پيا آهن جڏهن ته وبائي بيمارين به منهن ڪڍيو آهي هوڏانهن ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو ديهه ڏاچري جي متاثر ڳوٺن ۾ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ آندل راشن ۽ کاڌ خوراڪ جو سامان روانو ڪرايو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته علائقي ۾ پهچي صورتحال جو اندازو ٿيو آهي ته سنڌ ۾ سڀ کان زياده برساتن سم نالن ڪري تباهي ٺٽي ضلعي اندر ٿي آهي ميرپوربٺورو ۽ ٺٽي تعلقي سميت سجي ضلعي ۾ برساتن تباهي آندي آهي پر ديهه ڏاچري ۾ اڃان تائين ماڻهن جو ڦاٿل هجڻ انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي هن چيو ته هاڻي صورتحال ان حد تائين وڃي پهتي آهي جو ڦاٿل ماڻهن کي کاڌ خوراڪ دوائن علاج جي فراهمي انتهائي فوري ۽ اهميت جوڳي آهي جنهن ڪري کين راشن مهيا ڪيو پيو وڃي سسئي پليجو چيوته هاڻي ٺٽي ضلعي اندر ضرورت پوڻ تي پاڪ فوج جي مدد جي حاصل ڪئي ويندي ان ڪري پاڪ فوج کي ريسڪيو ۽ رليف لاءِ طلب ڪيو ويندو جڏهن ته متاثرين جي بحالي واري اداري جي صوبائي وزِير مظفر شجراه سان رابطو ڪري کيس صورتحال جي سنگيني ۽ ماڻهن جي مشڪلاتن بابت آگاهي ڏني ويئي آهي هن چيو ته ٺٽي جي ضلعي انتظاميا تي واضح ڪيو ويو آهي ته اهي غلط بياني کان ڪم وٺڻ بدران متاثر ۽ بي يارو مددگار بڻيل ماڻهن جي فوري سهائتا ڪري صحيح انگ اکر حڪومت تائين پهچايو وڃي ته جيئن متاثر علائقن کي آفت سٽيل قرار ڏيئي ماڻهن جي سهائتا ڪئي وڃي ڇو ته زرعي طور تي 90 سيڪڙو ٺٽو ضلعو تباهه ٿي چڪو آهي ۽ وڏو معاشي بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button