ٺٽو
-
ستمبر- 2011 -24 ستمبر
سول اسپتال ٺٽي ۾ ڊينگي جي ليبارٽري چارج 250 روپين مان گھٽائي 100 روپيه مقرر. ٻوڏ متاثرن ۽ غريبن لاءِ اها خدمت مفت مهيا هوندي.
سنڌ جي ثقافت واري وزير ۽ چيئرپرسن ضلعي ريليف مانيٽرنگ ڪميٽي ٺٽو سسئي پليجو ضلعي جي ڊي سي او، صحت کاتي ۽ ٽي ايم ايز تي زور ڏنو آهي ته عوام کي ڊينگي، مليريا ۽ ٻين پکڙجندڙ بيمارين کان بچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ ان ڏس ۾ هر هنڌ اسپري ڪيو وڃي ڇو ته سنڌ جو برسات ۽ ٻوڏ متاثر عوام هن وقت ڊينگي جھڙي خطرناڪ مرض کي منهن نٿو ڏئي سگھي. اهڙيون هدايتون هن اڄ دربار هال مڪلي ۾ ڊينگي کان بچاءُ لاءِ احطياتي اپائن جو جائزو وٺڻ متعلق منعقد ڪيل هڪ اعلٰي سطحي اجلاس ۾ جاري ڪيون. اجلاس ۾ ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، اي ڊي او صحت ڊاڪٽر ناصر جلباڻي، اي ڊي او ورڪس شفيق الرحمان کنباٽي ۽ ٽي ايم ايز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير ٻڌايو ته صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري گذريل ڏينهن ضلعي ٺٽي جي چونڊيل نمائندن سان ٽيلي ڪانفرنس ڪئي
وڌيڪ پڙھو -
20 ستمبر
پاڪ فوج جو تربيتي جهاز فني خرابي سبب مڪلي تي هنگامي لينڊنگ، پائلٽ زخمي
پاڪ فوج جو تربيتي جهاز فني خرابي سبب مڪلي تي هنگامي لينڊنگ ڪري لهي پيو، ليڊنگ دوران جهاز زمين ۾ ڦاسي پوڻ ڪري جهاز کي نقصان، پائلٽ زخمي،سومر واري ڏينهن منجهند جو پاڪ فوج جا ٻه تربيتي جهاز جيڪي ڪراچي کان پنهنجي معمول جي اڏام تي نڪتل هئا ته ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپوربٺورو جي حدن ۾ پهتا ته هڪ تربيتي جهاز جنهن تي آرمي 196 لکيل هو ۾ اوچتو فني خرابي ٿي پئي جنهن کي فوري طور تي پائلٽ عقلمندي جو مظاهرو ڪندي شهري آبادي کان واپس موڙي مڪلي طرف روانو ٿيو پر جهاز جي فني خرابي وڌي وڃڻ ڪري ان کي هنگامي بنيادن تي مڪلي اسٽيڊيم ڪرڪيٽ گرائونڊ تي لينڊنگ ڪرائي ويئي جنهن دوران جهاز زمين ۾ ڦاسي پيو ۽ جهٽڪا لڳڻ ڪري تربيتي جهاز جو پائلٽ شعيب معمولي زخمي ٿي پيو
وڌيڪ پڙھو -
17 ستمبر
جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري خلاف ضلعي ٺٽي جي سمورن شهرن ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، ٽائرن کي باهيون
جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري خلاف ضلعي ٺٽي جي سمورن شهرن ۾ مڪمل شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال، ٽائرن کي باهيون، گاڏين تي پٿراءُ، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، روڊن ۽ رستن تي ويراني ، ڦيٿاروڪ هڙتال سبب ٽريفڪ به روڊن تان غائب رهي، جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري واري عمل خلاف جسقم پاران ڏنل ڦيٿا روڪ ۽ شٽربند هڙتال واري سڏ جي موٽ ۾ ضلعي ٺٽي جي سڀني وڏن توڙي ننڍن شهرن ٺٽو، مڪلي، جهمپير، گهارو ، ڌاٻيجي ۽ غريب آباد مارڪيٽ ، ميرپور ساڪرو، ٻهارا، ڳاڙهو، ور ، غلام الله، سجاول، چوهڙ جمالي، جاتي، ميرپور بٺورو ، جهوڪ شريف ۽ دڙو سميت ٻين علائقن ۾ مڪمل طور تي هڙتال رهي ۽ رستن تي ٽريفڪ پڻ معطل رهي
وڌيڪ پڙھو -
17 ستمبر
لاڳيتي برساتن ۽ سم نالن توڙي سامونڊي ويرن جي پاڻي اڳتي وڌڻ ڪري سامونڊي تعلقن جي وسندين جي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو
ٺٽو جي سامونڊي تعلقن ۾ مٺي پاڻي جي فراهمي ڪندڙ 19 کان مٿي شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي بند، ضلعي جي ٽن سامونڊي تعلقن گهوڙاٻاري، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي 2 لک انساني آبادي ۽ چوپايو مال اڃ وگهي تڙپڻ لڳو ، ٺٽو جي سامونڊي تعلقن ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ گهوڙاٻاري جي ستن ئي يوسيز ۾ گذريل 15 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي توڙي آبادي لاءِ پاڻي فراهم ڪندڙ هتان جي شاخن مليرڙي، انڊو، ٻن دارسي، ڳاڙهو، خاناڻي، گهوڙاٻاري، جهالو، ڪوٽڙي الهرکيو شاهه ۽ سانولپور سميت 19 شاخن ۾ پاڻي جي عدم فراهمي ڪري ٽنهي تعلقن جي 2 لک کان مٿي انساني زندگي سان گڏ چوپايو مال اڃ وگهي تڙپڻ تي مجبور بڻيل آهي
وڌيڪ پڙھو -
17 ستمبر
متاثرين برسات پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺٽي جي جابلو علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا، سندن سهائتا لاءِ ڪنهن تحرڪ نه ورتو
ٺٽي ضلعي جا برسات متاثر وڌيڪ پريشانين ۾ مبتلا، سوين ڳوٺ برساتي پاڻي هيٺ هجڻ ڪري متاثرين بي حال بڻجي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺٽي جي جابلو علائقن ڏانهن منتقل ٿيڻ لڳا، سندن سهائتا لاءِ ڪنهن تحرڪ نه ورتو، بيماريون عام ٿي ويون، ٺٽي ضلعي اندر ڪاري گونگڙي سم نالي جي تباهه ڪارين جو شڪار ٿيل ميرپوربٺورو ۽ جاتي تعلقن جي متاثرين سميت جابلو علائقن کان آيل پاڻي جي لپيٽ ۾ آيل ٺٽي تعلقي جي ٽن يوسيز ٽنڊو حافظ شاهه، جهرڪ ۽ اونگر جا سوين ڳوٺ اڃان تائين برساتي پاڻي هيٺ آهن، جڏهن ته ٺٽي شهر جي ڪچي آبادي جي ڳوٺن سميت گهوڙاٻاري، ميرپورساڪرو ۽ ساحلي علائقن ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ شاهبندر تعلقن جا اڪثر ڳوٺ به برساتي پاڻي سبب سخت متاثر ٿيا آهن، پر هن وقت تائين برسات متاثرين جي ڪنهن به سهائتا نه ڪئي آهي، ايستائين جو پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهو مجبور ٿي بکايل، اڃايل ۽ نڌڻڪي حالت ۾ پاڻمرادو پاڻي هيٺ آيل علائقن مان نڪري ٺٽي جي جابلو علائقن ۾ کليل آسمان هيٺ رهڻ لڳا آهن
وڌيڪ پڙھو -
16 ستمبر
بيروزگار نوجوان تحريڪ ٺٽو پاران 25 ڏينهن به پريس ڪلب ٺٽو اڳيان مظاھرو
ضلعي ٺٽي جي مختلف سرڪاري کاتن توڙي اين جي اوز ۾ نوڪريون ڏيڻ بجاءِ ٻاهرين ماڻهن جي سفارش جي بنيادن تي ٿيل ڀرتين خلاف بيروزگار نوجوان تحريڪ ٺٽو پاران 25 ڏينهن تي پڻ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان بيروزگار نوجوان ممتاز علي شيخ، عنايت شاهه ، سڪندر شاهه، هوش محمد عباسي ۽ ٻين پاران پنهنجا گرده ۽ معصوم ٻارڙا وڪرو ڪرڻ لاءِ هوڪن ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو، گرده ۽ ٻار وڪرو ڪندڙ بيروزگار نوجوانن چيو ته هو گذريل 25 ڏينهن کان مطالبن جي مڃتا لاءِ گرده ۽ معصوم ٻار وڪر ڪرڻ لاءِ هوڪا ڏيئي رهيا آهن
وڌيڪ پڙھو -
15 ستمبر
سسئي پليجو جو ضلعي انتظاميه سان گڏ ريليف ڪيمپ جو دورو. ٻن بيمار عورتن سميت پنجن مريضن کي اسپتال منتقل ڪرايو.
سنڌ جي ثقافت واري وزير ۽ چيئرپرسن ضلعي ريليف مانيٽرنگ ڪميٽي ٺٽو سسڻي پليجو اڄ مڪلي تي زير تعمير ڊسٽرڪٽ جيل اندر بدين جي ٻوڏ متاثرين لاءِ قائم ڪيل ريليف ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ ڪيمپ ۾ بيمار پيل ٻن عورتن سميت پنجن ڄڻن کي پنهنجي نگراني هيٺ علاج خاطر اسپتال منتقل ڪرايو. دوري دوران ڊي سي او ٺٽو محمد جعفر عباسي، اي ڊي او روينيو ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال ۽ اي ڊي او آئي ٽي علي احمد بلوچ صوبائي وزير کي ٻڌايو ته اربع تائين ڪيمپ ۾ بدين جي مختلف علائقن مان 221 خاندانن جا 1219 ماڻهو پهچي چڪا آهن جن کي کاڌ خوراڪ وغيره مهيا ڪئي پيئي وڃي. صوبائي وزير ان موقعي تي ڪيمپ اندر وڃي ٻوڏ متاثر عورتن کان حال احوال ورتا جنهن دوران صوبائي وزير کي آگاهي ملي ته هڪ عورت گل بانو ملاح پيٽ سان هئي جنهن جو ٻار پيٽ ۾ فوت ٿي ويو آهي ۽ اها ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هئي. صوبائي وزير ڪيمپ جي نگراني ڪندڙ عملي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گل بانو سان گڏ مليريا جي بخار ۾ ورتل هڪ ٻي عورت شهناز ملاح سميت 5 بيمار ماڻهن کي پنهنجي نگراني هيٺ اسپتال منتقل ڪرايو
وڌيڪ پڙھو -
15 ستمبر
ٺٽي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڪچي آبادي سميت ٺٽو شهر جي ڪچي آبادي سميت مختلف پاڙن جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو
ٺٽي ۾ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڪچي آبادي سميت ٺٽو شهر جي ڪچي آبادي سميت مختلف پاڙن جي رهواسين جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو زوردار نعريبازي، ٺٽو شهر جي ڪچي آبادي، ڳوٺ گل حسن سولنگي، بخاري پاڙي جي رهواسين برساتي پاڻي جو نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري تعلقه ميونسپل ڪميٽي جي مين گيٽ وٽ ڌرڻو هنيو ، زوردار نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ گل حسن سولنگي، صديق ملاح، محمد خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سندن پاڙن ۾ 3 کان 4 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آهي
وڌيڪ پڙھو -
15 ستمبر
بشير خان قريشي کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ مڪمل ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي: صوفي حضوربخش
جيئي سنڌ محاذ سرور سهتو گروپ جي مرڪزي اڳواڻ صوفي حضوربخش پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ جسقم چيئرمين بشير خان قريشي جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت پنهنجن کي خوش ڪرڻ لاءِ بشير خان کي گرفتار ڪرايو آهي هن چيو ته حڪومت دهشتگردن کي لڪائڻ ۾ پوري آهي جڏهن ته ڌرتي ڌڻين کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته بشير خان قريشي کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ ۾ مڪمل ڦيٿا روڪ هڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ رياض چانڊيو گروپ جي مرڪزي اڳواڻ نواز شاهه ڀاڏائي بشير خان قريشي جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اها رياستي دهشتگردي آهي
وڌيڪ پڙھو -
15 ستمبر
ٺٽو پوليس جا مختلف هنڌن تي ڇاپا ، موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار، 4 موٽرسائڪلون هٿ
ٺٽو پوليس جا مختلف هنڌن تي ڇاپا ، موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ 2 ڄڻا گرفتار، 4 موٽرسائڪلون هٿ، ٺٽو پوليس ايس پي ٺٽو محمد علي وساڻ جي هدايتن تي مختلف جاين تي ڇاپا هڻي موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ غلامون عرف لونگ عارفاڻي ۽ محمد حسن ملاح کي گرفتار ڪري وٽانئن چار موٽرسائڪلون هٿ ڪيون آهن جڏهن ته جوابدارن هٿان هڪ پسٽل ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ٺٽو حاڪم علي جلباڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٺٽو مان 5 سجاول مان 7 ۽ مڪلي مان 4 موٽرسائڪلون ڦر ڪيون ويون هيون
وڌيڪ پڙھو