ٺٽو

لاڳيتي برساتن ۽ سم نالن توڙي سامونڊي ويرن جي پاڻي اڳتي وڌڻ ڪري سامونڊي تعلقن جي وسندين جي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو

ArabianSeaCoastlineofPakistanٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽو جي سامونڊي تعلقن ۾ مٺي پاڻي جي فراهمي ڪندڙ 19 کان مٿي شاخن ۾ پاڻي جي فراهمي بند، ضلعي جي ٽن سامونڊي تعلقن گهوڙاٻاري، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي 2 لک انساني آبادي ۽ چوپايو مال اڃ وگهي تڙپڻ لڳو ، ٺٽو جي سامونڊي تعلقن ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ ۽ گهوڙاٻاري جي ستن ئي يوسيز ۾ گذريل 15 ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي توڙي آبادي لاءِ پاڻي فراهم ڪندڙ هتان جي شاخن مليرڙي، انڊو، ٻن دارسي، ڳاڙهو، خاناڻي، گهوڙاٻاري، جهالو، ڪوٽڙي الهرکيو شاهه ۽ سانولپور سميت 19 شاخن ۾ پاڻي جي عدم فراهمي ڪري ٽنهي تعلقن جي 2 لک کان مٿي انساني زندگي سان گڏ چوپايو مال اڃ وگهي تڙپڻ تي مجبور بڻيل آهي، جڏهن ته ٽنهي سامونڊي تعلقن جي 105 ديهن ۾ پاڻي جي عدم دستيابي ڪري لکين ايڪڙن جي ايراضي تي پوکيل ڪيلي، ڪمند، ساريال، سبزين، ڪڻڪ، مڪئي، گدرن سميت مرچن، داڻن ۽ پان جو فصل سخت متاثر ٿي تباهه ٿي ويو آهي معلوم ٿيو آهي ته ٽنهي تعلقن ۾ لاڳيتي برساتن ۽ سم نالن توڙي سامونڊي ويرن جي پاڻي اڳتي وڌڻ ڪري پڻ ٽنهي سامونڊي تعلقن جي وسندين جي ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي چيو وڃي ٿو ته برساتن ۽ سم نالن جي پاڻي اچڻ ڪري هتان جي هزارين ڳوٺاڻن سرڪار جي بي حسي ڪري پاڻمرادو لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني آهي ڳوٺاڻن وٽان معلوم ٿيو آهي ته هنن سنڌو جي وهڪري کي خطرناڪ محسوس ڪندي لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته هتان جي متاثرن وڌيڪ ڄاڻائيندي اهو به چيو آهي ته مورڇڏائي واري پل جي ٽٽڻ ڪري هتان جي 4 سئو کان مٿي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن جو رابطو ڪٽجي ويو آهي ۽ پڻ کاڌ خوراڪ سميت پيئڻ جي پاڻِي ۽ علاج جي سهوليت نه ملڻ ڪري منجهن گيسٽرو، مليريا ، پيٽ ۽ ٻيون بيماريون عام ٿي ويون آهن جنهنڪري هو زندگي ۽ موت سان جنگ وڙهي رهيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button